ڌرتي

نظامِ شمسي ۾ سج کان پوءِ ٽيون گرهه
(زمين کان چوريل)

ڌرتي (اردو: ڌرتي، سنسڪرت: پرٿوي) سج جي ڀرسان نظام شمسي جو ٽيون نمبر گرھ (planet/پلانيٽ) آھي ۽ انساني ڄاڻ مطابق ڪائنات جو واحد گرھ آھي جنھن ۾ زندگي موجود آهي ريڊيو ميٽرڪ تاريخن جي طريقي مطابق ڌرتي جي عمر 4.5 ارب آهي.[20][21][22] ڌرتي شمسي نظام جو پنجون وڏو گرھ آھي.کيس ھڪ قدرتي سيٽلائيٽ آھي جنھن کي ڌرتي جو چنڊ سڏيو ويندو آهي. سائنسدانن مطابق ڌرتي گولڊيلاڪس زون ۾ واقع آھي. ان زون ۾ سج جي ڀرسان اھڙا گرھ اچي وڃن ٿا جيڪي نہ زياده ٿڌا ھوندا آھن نه وري زياده گرم نہ ڪري اھي زندہ مخلوقن جي رھائش لاء موافق ھوندا آھن.[23] ڌرتي جو سج جي چوڌاري گردش وارو مدار (orbit) جملي 149,600,000 ڪلوميٽر آھي جيڪو سج کان 1.00 آسٽروناميڪل يونٽ جي فاصلي تي آھي[24]. ڌرتيءَ جو قطر ڊايميٽر جملي 12,756.3 ڪلوميٽر آھي ۽ ان جو مايو (mass/ماس)_ 5.972e24 kg آھي[24].اھو واحد گرھ آهي جنھن جو نالو يوناني يا رومن ڏند ڪٿائن مان ناھي ورتل. ان جو نالو ارٿ پراڻي انگلش ۽ جرمنيڪ مان نڪتل آهي. ڌرتي جا ٻين ٻولين ۾ به سو کان وڌيڪَ نالا آھن. رومن ديو مالا ۾ڌرتي جي ديوي جو نالو ٽيلس Tellus (تلس) آھي ۽ يوناني ۾ گائيا گايا ، زميندار ڌرتي ماءُ آھي[24]

زمين 🜨

ڌرتي جو بليو ماربل تصوير، 1972 ۾ اپولو 17 قمري مشن دوران ورتو ويو
مدار جون وصفون
تاريخي زمانو (فلڪيات) Epoch J2000[n 1]
ايفي ھيلن 152100000 km[n 2]
(94500000 mi; 1.017 AU)
پيري ھيلن 147095000 km[n 2]
(91401000 mi; 0.98327 AU)
اڌ وڏو محور 149598023 km[1]
(92955902 mi; 1.00000102 AU)
مدار جي بي قائدگي 0.0167086[1]
365.256363004 d[2]
(1.00001742096 yr)
مدار جي سراسري رفتار 29.78 km/s[3]
(107200 km/h; 66600 mph)
سراسري ۾ غلطي 358.617 °
مدار ۾ لاٿ
بلندي يا چڙھائي −11.26064 °[3] to J2000 ecliptic
114.20783 °[3]
جملي قدرتي سيٽلائيٽ
طبعي وصفون
نيم قطر جي سراسري 6371.0 km (3958.8 mi)[6]
استوائي نيم قطر 6378.1 km (3963.2 mi)[7][8]
جاگرافيائي قطب جو نيم قطر 6356.8 km (3949.9 mi)[9]
ھمواريت 0.0033528[10]
1/298.257222101 (ETRS89)
قطر
سطح جي ائوري
(Surface aurie)
  • 510072000 km2 (196940000 sq mi)[13][14][n 4]
  • 148940000 km2 land (57510000 sq mi; 29.2%)
  • 361132000 km2 water (139434000 sq mi; 70.8%)
مقدار 1.08321×1012 km3 (2.59876×1011 cu mi)[3]
وزن 5.97237×1024 kg (1.31668×1025 lb)[15]
(3.0×10−6 solar mass)
گھاٽائي 5.514 g/cm3 (0.1992 lb/cu in)[3]
سطحي ڪشش ثقل 9.807 m/s2 (g; 32.18 ft/s2)[16]
0.3307[17]
11.186 km/s[3]
(40270 km/h; 25020 mph)

ڌرتيءَ جا تھ

سنواريو
 
ڌرتيءَ جي گردش جي تصوير ڍسڪور ايپڪ پاران ۲۹ مئي۲۰۱۶ تي، سالسٽس کان ڪجهه هفتا اڳ.

سورھين صديءَ ۾ سڀ کان اول ڪوپرنيڪس ٻڌايو تي ڌرتي بہ ھڪ گرھ آهي ، ان کان اول ان ڳالھ جي خبر ڪانه پئي ھئي.ڌرتي مختلف تھن ۾ ورھايلآھي ھر تھ جون ڪيميائي ۽ ڀونچالي خاصيتون الڳ الڳ آھن.ڌرتي جي تھن جي اونھائي ڪلوميٽرن ۾ ھيٺين ريت آھي:[24]

  • مٿاڇرو (Crust) مٿان کان 40 ڪ م تائين.
  • مٿيون تھ(Upper mantle) جملي40 کان400ڪ.م.
  • ٽرانزيشن ريجن 400 کان 650 ڪ.م.
  • ھيٺيون تھ (Lower mantle)جملي 650 کان 2700ڪ.م.
  • ڊي ليئر جملي 2700 کان 2890 ڪ.م.
  • ٻاھريون ڪور ٽوٽل 2890 کان 5150 ڪ.م.
  • اندريون ڪور 5150 کان 6378 ڪ.م.

ڌرتي جو ڪرسٽ يا مٿاڇرو ۽ انر ڪور سخت ھوندا آھن. آئوٽر ڪور ۽ مينٽل ليئرن جا قسم پلاسٽڪ وارا ۽ نيم پاڻياٺ ھوندا آھن. ڌرتي جي ڪور ۾ گھڻي ڀاڱي لوھ يا نڪل موجود آهي. خيال آھي ته ڪجهه ھلڪا عنصر به اتي ٿي سگھن ٿا.ڌرتي جي ڪور جي وچ جو گرمي پد 7500k آھي جيڪو سج جي مٿاڇري جي گرمي کان به زياده آھي. اڄ تائين رڳو اپر مينٽل ليئر جو سيمپل ملي سگھيو آھي جيڪو ٻرندڙ جبل جي لاوا مان ورتل آهي باقي ٻيا ھيٺيان تھ اڃان تائين پھچ کان ٻاھر آھن.انھن اندروني تھن بابت ڄاڻ ۽ اندازا سيسمڪ ٽيڪنڪس ذريعي مليا آهن.[24]

 

ماس ايڪسٽنڪشن نالي مختلف وقتن تي ٿيل ڀيل 5 وارداتن ڌرتي تي پيدا ٿيل 99 سيڪڙو جنسن کي ختم ڪري ڇڏيو. ان جي باوجود به هن وقت ڌرتي تي جاندارن جون 10 کان 15 لک جنسون موجود آهن. اسان جي شمسي نظام ۽ ڌرتيءَ ساڍن چئن کان 5 ارب سال اڳ وجود ورتو. ان کان پوءِ ڌرتيءَ تي جاگرافيائي ۽ ارضياتي ڀڃ ڊاهه ۽ تبديلين جو ڊگهو سلسلو هليو، جنهن مختلف وقتن ۾ مختلف قسمن جي حياتين کي جنم ڏنو، نابود ڪيو يا تبديل ڪيو. سائنسدان انهن ارضياتي تبديلين جو رڪارڊ ٺاهڻ ۾ وڏي حد تائين ڪامياب ٿي ويا آهن.[25]

ڌرتي جي تاريخ

سنواريو

ڌرتيءَ جي جنم کان وٺي پري ڪئمبرين تائين جو ڊگهو عرصو ازوئڪ جُڳ ھيو ، جيڪو ڌرتيءَ جي عمر جي اڌ کان وڌيڪ حصي تي ٻڌل آهي، ان عرصي ۾ ڌرتي تي ڪابه زندگي ڪونه هئي.ڪئمبرين کان اڳيون وقت (Pre-Cambrian Period): هڪ ارب 20 ڪروڙ سال اڳ کان وٺي سٺ ڪروڙ سال اڳ تائين جو اهو دؤر جڏهن ڌرتيءَ جا سڀ کان قديم جبل ۽ ٽڪريون ٺهڻ شروع ٿيون. ان عرصي ۾ زندگي جنم وٺي چڪي هئي، پر تمام گهٽ. ان کان پوءِ پيليوزوئڪ جُڳ (Paleozoic Era) شروع ٿيو، ماهرن هن جُڳ کي ڌرتيءَ جو اوائلي ارتقا وارو جڳ ڪري ليکيو آهي، جيڪو سٺ ڪروڙ سال اڳ کان شروع ٿي، ساڍا ٻاويهه ڪروڙ سال اڳ ختم ٿي ويو. ڌرتيءَ ۽ زندگيءَ جي ارتقائي مرحلن جو تعين ڪرڻ ۽ سمجهڻ لاءِ ماهرن پيليوزوئڪ جُڳ کي ڇهن زمانن ۾ ورهايو آهي:
(i) ڪئمبرين زمانو: سٺ ڪروڙ سال اڳ کان پنجاهه ڪروڙ سال اڳ تائين پکڙيل هن دؤر ۾ ابتدائي سامونڊي مخلوق جنم ورتو، جيڪا لڳلڳدار مادي جهڙي هئي
. (ii آرڊوويشين زمانو: پنجاهه ڪروڙ سال اڳ کان چوئيتاليهه ڪروڙ سال اڳ تائين، ان عرصي ۾ سامونڊي زندگيءَ ڪوڏن جي صورت تائين ترقي ڪئي.
(iii سليورين زمانو: چوئيتاليهه ڪروڙ سال اڳ کان چاليهه ڪروڙ سال اڳ تائين جو زمانو، جنهن ۾ سامونڊي سُرڻن جنم ورتو.
(iv) ڊيوونين زمانو: چاليهه ڪروڙ سال اڳ کان 35- ڪروڙ سال اڳ تائين وارو زمانو، جنهن ۾ اسٽار فش ۽ ٻيون مڇيون نظر اچن ٿيون. پنج ڪروڙ سالن جي عرصي ۾ پکڙيل هن زماني ۾ پهريون ڀيرو اهڙا جانور به نظر اچن ٿا، جيڪي هڪ ئي وقت پاڻي ۾ ۽ خشڪيءَ تي رهي پئي سگهيا. انهن کي جل ٿلي (Amphibian) مخلوق چئجي ٿو.
(v) ڪاربانيفيربس زمانو: ماهرن هن زماني کي ٻن حصن ۾ ورهايو آهي. پهريون ۽ پويون. مجموعي طور تي هي زمانو اڄ کان 35- ڪروڙ سال اڳ شروع ٿي ستاويهه ڪروڙ سال اڳ ختم ٿي ويو. هن دؤر ۾ ڪوئلو به وجود ۾ آيو. حياتياتي لحاط کان هن عرصي ۾ خشڪيءَ جي زندگيءَ به وجود ورتو. جنهن ۾ کجي ۽ ناريل جهڙا وڻ ۽ اڏامندر ننڍڙا جيت به هئا.
(vi) پرمين زمانو: هي عرصو ستاويهه ڪروڙ سال اڳ کان ساڍا ٻاويهه ڪروڙ سال اڳ تائين برقرار رهيو، جنهن ۾ چئن پيرن تي هلندڙ مخلوق وجود ورتو.
[25] ان بعد ميسوزوئڪ جُڳ (Mesozoic Period)آيو. هن دؤر کي ماهرن ٽن زمانن ۾ ورهايو آهي. مجموعي طور تي هيءُ جڳ ساڍا ٻاويهه ڪروڙ سال اڳ کان شروع ٿي ست ڪروڙ سال اڳ تائين جاري رهيو. ٽنهي زمانن جا نالا هن ريت آهن؛ ٽرائيسڪ زمانو، جوراسڪ زمانو ۽ ڪريٽاسيوس زمانو.
(i) ٽرائيسڪ زمانو: هن عرصي ۾ ريڙهيون پائيندڙ جانور سامهون آيا، خاص ڪري وڏي جسم وارا ڊائنوسار. هي زمانو ساڍا ٻاويهه ڪروڙ سال اڳ کان ارڙهن ڪروڙ سال اڳ تائين وارو آهي. هن دؤر ۾ ئي دنيا جو سڀ کان وڏو ڊائنوسار ۽ ان سان گڏ وڏي جسامت وارا گوشت خور پکي به نظر اچن ٿا.
(ii) جوراسڪ زمانو: 18- ڪروڙ سال اڳ کان ساڍا 13- ڪروڙ سال اڳ تائين واري هن دؤر ۾ ڌرتيءَ تي ڊائنوسارن جو راڄ هو.
(iii) ڪريٽا سيوس زمانو: 13- ڪروڙ سال اڳ کان ست ڪروڙ سال اڳ تائين جو دؤر.
[25] ان بعد سينوزوئڪڪ جُڳ (Cenozoic Era) ست ڪروڙ سال اڳ شروع ٿيو ۽ تازي دؤر تي پورو ٿيو آهي. هن جُڳ ۾ ڌرتي اها صورت ورتي ۽ زندگيءَ جي واڌ ويجهه ٿي، جيڪا اڄ ڌرتي تي ڏسجي ٿي. هن ئي دؤر ۾ کير ڏيندڙ جانور ۽ گل ٻوٽا وغيره وڏي پئماني تي پکڙيا آهن. ڌرتي وديا جي ماهرن هن دؤر کي ٻن حصن ۾ ورهايو آهي.
(i) ٽريشري زمانو: ست ڪروڙ سال اڳ کان 25- لک سال اڳ تائين، هن عرصي ۾ ڌرتي تي وڏن جبلن خاص ڪري هماليه ۽ الپس وجود ورتو. ڌرتي جي جاگرافيائي بيهڪ به ٿوري گهڻي فرق سان ساڳئي هئي. البت هاڻوڪو سنڌو ۽ گنگا وارو ميداني ڀاڱو سمنڊ هيٺ هو. عربستان، عراق ۽ ايران جا به ڪي حصا پاڻيءَ هيٺ هئا. سائيبيريا ۽ الاسڪا وارا حصا پاڻ ۾ خشڪيءَ رستي ڳنڍيل هئا، جنهن سبب جانور آمريڪا کان يورپ ۽ ايشيا ۽ يورپ مان آمريڪا کنڊ ڏانهن پکڙيا. هن دؤر ۾ مماليه گهڻي ارتقا ڪئي. ماهرن ٽريشري دؤر کي اڃا پنجن دؤرن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي:
(a) پيليوسين (Palaeodene): ساڍا ڇهه ڪروڙ سال اڳ کان پنج ڪروڙ 90- لک سال اڳ تائين.
(b) ايوسين (Eocene): 5- ڪروڙ نوي لک سان اڳ کان ٽي ڪروڙ چاليهه لک سال اڳ تائين
. (c) اوليگوسين (Oligocene): ٽي ڪروڙ چاليهه لک سال اڳ کان 2- ڪروڙ پنجاهه لک سال اڳ تائين.
(d) مايوسين (Miocene): اڍائي ڪروڙ سال اڳ کان هڪ ڪروڙ 20 لک سال اڳ تائين.
(e) پلايوسين (Pliocene): هڪ ڪروڙ ويهه لک سال اڳ کان 25 لک سال اڳ تائين پلايوسين دؤر ۾ راماپٿيڪس وجود وٺي چڪو هو. جيڪڏهن ان مخلوق کي سچ پچ انساني نسل جو تڙ ڏاڏو تصور ڪيو وڃي ته پوءِ اهو چئي سگهبو ته اڄ کان پنجاهه لک سال اڳ ٽريشري دؤر ۾ جنم وٺندڙ ماڻهو ان جو ئي اولاد هوندو. ٽريشري زمانو اوائلي انساني توڙي بن مانس نسل جي تڙ ڏن جي ارتقا، ڌرتي جي مختلف حصن تي پکڙجڻ، مختلف کنڊن ۾ ورهائجي وڃڻ ۽ موت ۽ حيات جي تمام نازڪ مرحلن کي مُنهن ڏيڻ تي مشتمل آهي. پيليوسين زماني جا پنڊ پاهڻ تمام گهٽ ملن ٿا. ڪجهه ڊائنوسارن جا پنڊ پهڻ هاڻوڪي آمريڪي رياست مان مليا آهن. البت کير ڏيندڙ مماليه وڌي ويجهي رهيا هئا. ايوسين جُڳ ۾ کرن وارا مماليه ظاهر ٿيا. هن ئي دؤر ۾ ڪي اهڙا مماليه به ظاهر ٿيا، جيڪي هٿن پيرن سان ڪجهه جهلڻ ۽ وڻن تي چڙهڻ ۽ لڏڻ جون صلاحيتون رکندڙ هئا ۽ انهن جي جسم ۽ ميڄالي جي نسبت اڄوڪي ماڻهوءَ جيتري هئي. اوليگوسين زماني ۾ ڌرتيءَ تي گاهه جا وڏا ميدان پيدا ٿيا ۽ ان ئي دؤر ۾ وڏي جسمات وارو جانور ”اندرا ڪوٿيزيم“ ايشيا ۾ نظر اچي ٿو. ڊگهي ڳچي واري هن رينوسارس جو قد لڳ ڀڳ 15- فٽ هو. هن ئي زماني سان تعلق رکندڙ هڪ اهڙي مخلوق جا پنڊ پهڻ مصر جي ”فايوم“ علائقي مان مليا آهن، جيڪي انسان/ بن مانسي نسل جا تڙ ڏاڏا ٿي سگهن ٿا. مايوسين زماني ۾ ايشيا ۽ يورپ ٻيلن سان ڀريل هئا. ان زماني جي پڇاڙڪي وقت ۾ ايشيا، يورپ ۽ آفريڪا جي وچ ۾ موجود خشڪ گذرگاهن تان ڀولڙا، بن مانس ۽ ان سلسلي جون ٻيون مخلوقون اتر ڏانهن وڌيون. انهن ۾ هڪ ٻيو ڳرو نسل ”ڊرايوپٿيڪس“ هو، جيڪو اڄوڪن جيئرن بن مانسن جو پڙ ڏاڏو سمجهيو وڃي ٿو، جن ۾ چمپانزي، گوريلو، ورنگوٽان ۽ گبن شامل آهن. ڊرايوپٿيڪس کان پوءِ ان ئي دؤر جي پڇاڙڪي وقت ۾ رامپٿيڪس ظاهر ٿيو، جيڪو هاڻوڪي انساني نسل جي ارتقا واري سلسلي ۾ سڌي ليڪ تي بيٺل نظر اچي ٿو. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته رامپٿيڪس جا پنڊ پاهڻ سنڌو ماٿريءَ جي ڪنڌي تي موجود پوٺوهار علائقي مان به مليا آهن. مايوسين دؤر جي مهڙ ۾ ئي بلوچي ٿيريم ڊائنوسار بلوچستان ۾ موجود هو. جنهن جو قد ڪلهن تائين 18- فٽ هو. هي جانور، ڌرتيءَ جي تاريخ ۾ سڀ کان ڳرو ۽ ڊگهو مماليه هو. مٿي تي سڱ ڪونه هئس، گاهه خور هو. سائنسدانن جو خيال آهي ته اهو گينڊن جو تڙ ڏاڏو هو.[25] پلايوسين زماني ۾ ڌرتيءَ جي آبهوا ۾ تبديليون نظر اچن ٿيون، جنهن ڪري وڏي ڀاڱي ۾ خشڪ ۽ ٿڌيون هوائون هليون، تڏهن کان جانورن ٻيلن ۽ ميداني علائقن مان ڪنهن هڪ پاسي رهڻ جي چونڊ ڪئي. هن زماني ۾ اسان کي Gigantopithcus بن مانس به ميداني علائقي ۾ ڏسجي ٿو، جيڪو قد بت ۾ ڊرايوپٿيڪس کان به ڳرو هو. ساڳئي دؤر ۾ ڏاکڻو ماڻهو يعني آسٽرالوپٿيڪس به سامهون آيو.[25] ان بعد ڪوارٽرنري زمانو شروع ٿيو. هيءُ دؤر اڄ کان پنجويهه پنجاهه لک سال اڳ شروع ٿي، اڄ تائين پهتو آهي. ڪي محقق هن دؤر کي سينوزوئڪ جڳ کان پوءِ چوٿون جُڳ ڪري ليکين ٿا. بهرحال ڌرتي ۽ زندگيءَ جي ارتقا جي لحاظ کان هيءُ جديد زمانو آهي، جنهن کي اڃا به ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي:
(i) پلائسٽوسين (Pleistocene): هي دؤر لڳ ڀڳ پنجاهه لک سان اڳ شروع ٿي 11-10 هزار سال اڳ ختم ٿي ويو. ان دؤر ۾ ڪيئي ڀيرا زبردست موسمي تبديليون آيون ۽ ڌرتيءَ جي وڏن ڀاڱن تي برف جا وڏا تهه چڙهي ويا. اتر وارن علائقن ۾ اهي تهه اڪثر هنڌن تي ڏهه ڏهه هزار فٽ اوچا هئا. جڏهن جڏهن برف جا تهه وڌيا ٿي، تڏهن تڏهن سمنڊ جي سطح هيٺ ٿي پئي وئي ۽ مختلف قسم جا جانور ۽ مخلوقون ڌرتيءَ جي مختلف حصن تي سولائي سان پکڙجي ٿي ويون. وري جڏهن برف پگهرڻ ٿي لڳي ته سمنڊن جي سطح وڌڻ سبب هيٺاهينءَ واريون ڌرتيون پاڻيءَ هيٺ اچي ٿي ويون. جنهن ڪري مخلوقون هڪٻئي کان جدا حالتن ۾ ارتقائي ڏاڪا طئي ڪرڻ ٿي لڳيون. ان عظيم دؤر وچ ۾ برف ڄمڻ ۽ پگهرڻ جا اٺ وڏا دؤر لڌا ويا آهن، جن مان اّري دؤر اڄ کان ڏهه هزار سال اڳ ختم ٿي ويو آهي. ان ڪري هن سڄي دؤر کي برفاني دؤرن جو دؤر چئي سگهجيٿو. هن کان اڳ وارو برفاني دؤر اٽڪل 57 ڪروڙ سال اڳ هو. موسمن ۾ تبديلين ۽ سختين سبب زندگيءَ به وڏا عذاب ڏٺا، ڪيئي نسل ختم ٿي ويا ۽ انسان هاڻوڪي شڪل اختيار ڪري پٿر جي دؤر ۾ شامل ٿيو. ماهرن جي اندازي موجب پٿري دؤر جي پرڀات اڄ کان پنجويهه ٽيهه لک سال اڳ شروع ٿي. آرڪيالاجيءَ جي ماهرن پٿر جي پرڀاتي دؤر سان تسلسل ۾ پٿر جو قديم دؤر شامل ڪيو آهي، جنهن کي پٿر جي سڀ کان قديم، وچين ۽ آخري قديم دؤر ۾ ورهايو ويو آهي.
(ii) هولوسين (Holocene): اڄ کان پندرهن هزار سال اڳ ڌرتي تان برف ڳرڻ شروع ٿي وئي هئي، پر پوءِ (اٽڪل ڏهه هزار سال اڳ) برف ڳرڻ جو عمل اوچتو ئي اوچتو وڌي ويو. ڌرتيءَ تي گرميءَ جي لهر تکي ٿي، سمنڊن جي سطح گهٽ وڌ ٿي، اتر وارن علائقن خاص ڪري هماليه جي دامن مان نديون ڀرجي ٻوڏ آڻڻ لڳيون ۽ ميدان موچارا ٿيڻ لڳا. سائنسدانن جي راءِ آهي ته مذهبي ڪتابن ۾ جنهن عظيم ٻوڏ جو تصور آهي، سو ان ئي زماني جو پڙاڏو آهي. برفاني دؤر جي پڄاڻيءَ کان پوءِ پاڪستان ۾ زرعي دؤر شروع ٿيو، جنهن جو هيل تائين هٿ آيل پهريون ثبوت مهر ڳڙهه (سبي، بلوچستان) آهي. انساني ارتقا جي لحاظ کان مهر ڳڙهه نيوليٿڪ سماج ۾ شامل ٿئي ٿو.
[25] ڌرتيءَ تي برفاڻا دؤر
هي اهي دؤر آهن جڏهن ڌرتيءَ جا کنڊ ٿورا يا مڪمل حد تائين برف جي تهن ۽ گليشئرن هيٺان ڍڪجي ٿي ويا. اڄ ڪلهه جا گرين لينڊ ۽ انٽارڪٽڪا وارا برفاڻا تهه آخري برفاني دؤر جون پاڇيون آهن، جيڪو پلائسٽوسين (Pleistocene) دؤر ۾ شروع ٿيو ۽ اڄ کان اٽڪل 10 هزار سال اڳ پورو ٿيو. ڌرتيءَ جو اڪثر ڏاکڻو اڌ گول ڪاربونيفيرئس دؤر جي پڇاڙيءَ ۾ برفاڻي دؤر هيٺ آيو هو. گذريل هڪ ملين سالن دوران اتر اڌ گول جو ڳچ اتريون حصو برفاڻن تهن هيٺ ڍڪيل رهيو آهي، جيڪو هاڻي گهٽجي آرڪٽڪ واري بچيل مختصر حصي (Ice Cap) تائين وڃي بچيو آهي. برفاني دؤر کي گليشل دؤر به چيو وڃي ٿو. برفاني دؤر ۽ انهن جي وچ ۾ گرم وقفا ڇو ٿا اچن؟ ان بابت سائنسدانن جا رايا مختلف آهن. بهرحال اهو نظريو سڀ کان پهرين 1837ع ۾ لوئس اگاسيز ڏنو هو ته ڌرتي تي برفاني دؤر ايندا رهيا آهن. کوجنائن مان پتو پيو آهي ته سڀ کان عظيم برفاني دؤر ۾ اڄ کان تيرهوڻ ڀيرا وڌيڪ حصي تي برف ڄمي چڪي آهي، جنهن ڌرتيءَ جو اتريون اڌ گول ڍڪيو. آمريڪا ۾ اها برف ان هنڌ تائين پکڙيل هئي، جتي هاڻي نيويارڪ شهر، سينٽ لوئس ۽ مسوري (Missori) ندي آهي. يورپ ۾ لنڊن جي اتر تائين برف هئي. ڏکڻ يورپي روس جي به ساڳي حالت هئي، اڪثر هنڌن تي برف جي سرحدي ليڪ ان جي هاڻوڪي حد کان 4000 فٽ هيٺ هئي. آرڪيٽڪ وڏي سمنڊ تي برف ڄميل هئي ۽ برف اينٽلانٽڪ سمنڊ تائين پکڙيل هئي. اڪينڊينيويا وارو برفاني تهه جيڪو ڳچ يورپ تي چڙهيل هو، اٽڪل 10 هزار فٽ ٿلهو هو. اتر آمريڪا ۾ لائورينٽائڊ برفاڻو تهه انگلينڊ واري تهه کان به 5500 فٽ يا وڌيڪ ٿلهو هو. ماهرن جو چوڻ آهي ته جيئن ته اهي برفاڻا تهه سمنڊ جي پاڻين مان ٺهيا، ان ڪري سمنڊ جي سطح گهٽ ۾ گهٽ 300 فٽ گهٽجي وئي هئي ان کان پوءِ جڏهن برف ڳرڻ لڳي، تڏهن خالي ٿيل گهرايو ٻيهر ڀرجڻ لڳيون. اهڙيءَ طرح هيل تائين ڪافي هنڌن تي سطح ۾ 1000 فٽن جي اوچائي ماپي وئي آهي، جڏهن ته اها واڌ اڃا جاري آهي. پيئرز سائيڪلوپيڊيا موجب ڪاربان ڊيٽنگ واري ٽيڪنڪ جي بنياد تي اندازو لڳايو ويو آهي ته گذريل برفاني دؤر جي شروعات 25 هزار سال اڳ ٿي ۽ 16 هزار کان 18 هزار سال اڳ اها پنهنجي عروج تي پهتي ۽ پڄاڻيءَ مهل يعني تقريبن 8 هزار سال اڳ بالٽڪ علائقن ۽ وڏين ڍنڍن تان برف هٽڻ شروع ٿي.[25] ان کان اڳين برفاڻو دؤر اٽڪل 60 کان 40 هزار سال اڳ برپا ٿيو. ان کان اڳيون وقفو غالباً 70 هزار سال اڳ ختم ٿيو. اوائلي پلائسٽوسين برفاڻي دؤر بابت خاطري سان نٿو چئي سگهجي، پر هڪ ڪاٿي موجب اهو هڪ ملين سال اڳ شروع ٿيو. انهن زمانن ۾ ڌرتي جي وچن حصن ۾ گرمي جو سراسري درجو 6 ڊگريون سينٽي گريڊ تائين رهيو هوندو.ممڪن آهي ته استوائي علائقن ۾ گرميءَ جي ڦيرڦار ۾ وڏو فرق نه هجي، پر برفاني علائقن جي ويجهو اهو فرق ڪافي هيٺ مٿي رهيو هو. پلائسٽوسين دؤر کان اڳ وارن زمانن ۾ به برفاني دؤر آيا هئا، پر اهي گهڻو اڳ جا واقعا آهن. اٽڪل 200 کان 600 ملين سال اڳي ۽ شايد ان کان اڳ به اهڙا دؤر آيا هوندا. هن کان اڳ سمجهيو ويندو هو ته دنيا تي فقط ٽي يا چار برفاني دؤر آيا آهن، پر جديد تحقيق ٻڌائي ٿي ته اهڙا لڳ ڀڳ 20 دؤر اچي چڪا آهن ۽ امڪان آهن ته هڪ نئون دؤر وڌ ۾ وڌ ايندڙ 60 هزار سالن ۾ عروج تي پهچندو، ڇو ته اهو بالڪل ممڪن آهي ته پلائسٽوسين دؤر اڃا ختم نه ٿيو هجي.[25]

ڌرتي جا قدرتي وسيلا

سنواريو

ڌرتي جي معنا وسيع آهي. ڌرتي مان مراد ڌرتي تي ۽ ڌرتي ۾ موجود سڀئي وسيلا وٺجي ٿي. ڌرتي تي هوا، گرمي، سيءُ، پاڻي، مِينهنُ، روشني ۽ معدنيات وغيره جن کي قدرت انسان جي استعمال لاءِ خلقيو آهي.[26]

ڪشش ثقل ۽ مقناطيسيت

سنواريو
 
ٻہ جسم جن جو مثال سج ۽ ڌرتي آھي جن جي مقدار ۾ تمام گھڻو فرق آهي انھن جي ڪشش ثقل ۾ ڳاڙھي رنگ جو ڪراس بئري سينٽر آھ
  1. 1.0 1.1 حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named VSOP87
  2. 2.0 2.1 حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named IERS
  3. 3.0 3.1 3.2 3.3 3.4 3.5 3.6 3.7 حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named earth_fact_sheet
  4. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Allen294
  5. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named ucs
  6. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named hbcp2000
  7. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named usno
  8. 8.0 8.1 World Geodetic System (WGS-84). Available online from National Geospatial-Intelligence Agency.
  9. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named cazenave_ahrens1995
  10. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named IERS2004
  11. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named WGS-84-2
  12. Earth's circumference is almost exactly 40,000 km because the metre was calibrated on this measurement—more specifically, 1/10-millionth of the distance between the poles and the equator.
  13. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Pidwirny 2006_8
  14. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named cia
  15. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Luzum2011
  16. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named NIST2008
  17. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Williams1994
  18. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Allen296
  19. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Cox2000
  20. "Age of the Earth". U.S. Geological Survey. وقت 23 December 2005 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 10 January 2006. 
  21. Dalrymple, G. Brent (2001). "The age of the Earth in the twentieth century: a problem (mostly) solved". Special Publications, Geological Society of London 190 (1): 205–21. doi:10.1144/GSL.SP.2001.190.01.14. Bibcode2001GSLSP.190..205D. 
  22. Manhesa, Gérard; Allègre, Claude J.; Dupréa, Bernard; Hamelin, Bruno (1980). "Lead isotope study of basic-ultrabasic layered complexes: Speculations about the age of the earth and primitive mantle characteristics". Earth and Planetary Science Letters 47 (3): 370–82. doi:10.1016/0012-821X(80)90024-2. Bibcode1980E&PSL..47..370M. 
  23. http://www.bbc.co.uk/science/earth/earth_timeline/earth_formed.  Missing or empty |title= (مدد)
  24. 24.0 24.1 24.2 24.3 24.4 http://nineplanets.org/earth.html.  Missing or empty |title= (مدد)
  25. 25.0 25.1 25.2 25.3 25.4 25.5 25.6 25.7 {ڪتاب: ماڻھو؛ از: بدر ابڙو؛ايڊيشن:1989؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ،ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book10/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد)}
  26. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد


حوالي جي چڪ: "n" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="n"/> نہ مليو