فاضل راهُو
شھيد فاضل راهو(انگريزي: Shaheed Fazil Rahoo ) (1934 – 17 جنوري 1987) ھڪ سياسي اڳواڻ، ۽ مشھور ھاري اڳواڻ ھيو جيڪو 1934 (1933[1]) ۾ بدين ضلعي جي ڳوٺ راھوڪي ۾ پيدا ٿيو. پنھنجي سياسي ڪيريئر ۾ ست سال جيل ۾ رھيو. 17 جنوري 1987 م کيس حملو ڪري قتل ڪيو ويو.
شھيد Fazil Rahu فاضل راهو | |
---|---|
فائل:Fazil Rahoo Addressing Public.jpg Fazil Rahu | |
ذاتي تفصيل | |
پيدائش | 1934 راھوڪي، سنڌ، پاڪستان |
وفات | جنوري 17, 1987 (عمر اظھاري چُڪَ: اڻڄاتل وقفي حرف "{". سال) گولاڙچي, شھيد فاضل راهو تعلقو |
شهريت | پاڪستاني |
قوميت | پاڪستان |
سياسي جماعت | عوامي تحريڪ |
ٻار ٻچا | اسلم راھو (پٽ) اسماعيل راھو (پٽ) محمدصادق راھو (پٽ) |
ماءُپيءُ | عنايت احمد |
رهائش | حيدرآباد |
تعليم | سينٽ بوناوينچرس ھاء اسڪول |
مادر علمي | علي ڳڙھ يونيورسٽي |
ڪرت | سياست |
سڃاڻپ | ھاري اڳواڻ |
مذهب | اسلام |
اعزاز | سنڌي عوامي تحريڪ جو جنرل سيڪريٽري، عوامي نيشنل پارٽي جو سينيئر نائب صدر، سنڌي ھاري تحريڪ جو صدر، ايم آر ڊي جو جوائنٽ سيڪريٽري (1982) |
زندگي جو احوال
سنواريوشهيد فاضل راهو، چاچي احمد خان راهو جي گهر ۾ عام رواجي ٻارن جيان ڄائو، عام رواجي ٻارن جيان مال چاري چار درجا پڙهي رڳو عيدن تي نوان ڪپڙا وجهي سمجهه ڀريو ٿيو. هن وٽ ڪا به گهڻي ملڪيت ڪا نه هئي ۽ نه هو ڪنهن قبيلي جو سردار هو.[1].4 مارچ 1967 ۾ ايوب شاهي جي زماني ۾ ڪمشنر مسرور جي حڪم تحت ڄامشوري جي پل وٽ سنڌ جي شاگردن کي نڌڻڪو ڪري ماري ڪٽي، گرفتار ڪيو ويو ته فاضل ان ڪيس کي کنيو. حيدرآباد شهر ۾ ايوب خلاف مظاهرو ڪرايو ۽ رات پيٽ ۾ سمورن شاگردن جون ضمانتون ڪرائڻ جي سلسلي ۾ وڪيلن جي ٺهيل پينل سان ڀرپور تعاون ڪيو. 1969ع ۾ لسٽون سنڌيءَ ۾ ڇپايو تحريڪ هلائي ۽ يحيٰ خان کي مجبور ڪيو ته هو لسٽون سنڌي ۾ ڇپائي. نومبر 1969ع ۾ کيس گرفتار ڪيو ويو. گرفتاريءَ جي باوجود تحريڪ هلندي رهي پاڻ ان تحريڪ جو ڪنوينر هو. 1970ع ۾ ڪوٽڙي بئراج جي زمينن کي ڌارين ماڻهن ۾ ورهائڻ جو اعلان ڪيو ويو ته فاضل صاحب ان نيلام عام خلاف ڀرپور تحريڪ جو مارچ 1970ع ۾ آغاز ڪيو، هن نيلام عام بند ڪريو، تحريڪ جو پاڻ ڪنوينر هو.
غلام قادر پليجو، اختر بلوچ، مسعود نوراني، غلام حسين سومرو، لالا قادر، اعجاز قريشي، جمن بهراڻي، نواب يوسف ٽالپر، حسن علي نظاماڻي، محمد قاسم ميمڻ ۽ محمد بخش لنڊ ميمبر هئا. تحريڪ چوٽان چوٽ اڀري رستا، شهر، ڳوٺ، چونڪ، احتجاج ٿي ويا. فاضل صاحب ۽ سندس ساٿين کي گرفتار ڪيو ويو، تحريڪ هلندي رهي تان جو آخر سرڪار گوڏا کوڙيا ۽ نيلام بند ٿيو ۽ زمينون زمين جي ڌڻين کي مليون.
مارچ 1970ع ۾ ڀرڳڙي هائوس ۾ عوامي تحريڪ وجود ۾ آئي. شهيد فاضل کي مرڪزي صدر ۽ رسول بخش پليجي کي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. مئي 1970ع ۾ ظلم بند ڪريو تحريڪ منظم ڪئي وئي، جنهن 23 مئي 1970ع ۾ سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ ناانصافين خلاف احتجاج جو سڏ ڏنو، جيڪو حيرت ناڪ حد تائين ڪامياب ويو، هن ڪاميٽيءَ جا اختر بلوچ، دستگير ڀٽي، مائي ملڪان، شير خان لنڊ، غلام نبي پليجو، مدد علي سنڌي، عبدالحئي پليجو، محمود ڏاهري ميمبرهئا. فاضل صاحب ڪنوينر هو ۽ دستگير ڀٽي سيڪريٽري. 1974ع ۾ فاضل صاحب گولاڙچي تعلقو ۽ بدين ضلعو بنايو تحريڪ هلائي، ان تحريڪ دوران پاڻ ڪراچيءَ وفد ٺاهي ٻه ڏينهن رهيو. غلام مصطفيٰ جتوئي، مير هزار خان بجاراڻي، سان ملاقات ڪئي. اهڙي ريت گولاڙچي کي تعلقو ۽ بدين کي ضلعو بنايو ويو، 30 اپريل 1970ع تي پاڻ جيل ۾ هو سرڪار معيار، الفتح ۽ مساوات تي بندش وڌي، ان بندش خلاف جيل ۾ ويهي پاڻ صحافين سان ڀرپور سهڪار ڪرڻ لاءِ رٿابندي ڪئي. محمد صديق راهو کي جيل تي گهرايائين ۽ تحريڪ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. محمد صديق واپس ڳوٺ آيو ۽ پارٽي ڪارڪنن کي وٺي ريگل چوڪ ڪراچي پهتو ۽ تحريڪ هلائڻ جو باقاعدي اعلان ڪيو. ان تحريڪ دوران محمد صديق راهو کي گرفتار ڪري مٿس ڪافي تشدد ڪيو ويو، ڪيترا ڏينهن سندس ليڙون ليڙون رت هاڻي قميص ٿاڻي ۾ ٽنگي پئي هوندي هئي. جيئن گرفتاريون ڏيندڙن تي ڊپ سوار هجي. بهرحال تحريڪ ڪاميابيءَ تائين جاري رهي.[1].ان تحريڪ دوران کيس گرفتار ڪيو ويو پٺيان سندس ننڍڙو پٽ سچل گذاري ويو، سچل کانپوءِ محمد صديق راهو جيڪو سندس ساڄي ٻانهن هو ۽ اڃا هو خبر نه آهي ڇا ڇا ٿيڻو هو، شادي کي هڪ سال به مس گذريو هو جو پاڻ جيئن گرفتاريون ڏيندڙ ڀينرن کي ڪراچي ڏانهن کڻي وڃي رهيو هو ته رستي ۾ سندس ڊاٽسن کي ٽرڪ ڌڪ هنيو ۽ پاڻ راجپوتانه اسپتال ۾ وفات ڪري ويو.
اهي ٻه موت فاضل کي پنهنجي جاءِ تان هٽائي نه سگهيا. هو بهادر هو، جبل هو، اهڙا ڌڪ کلي ساسائڻ رڳو اهڙن ئي ماڻهن ئي دستور هوندو آهي. پاڻ پنهنجي جوان پٽ جي ڪفن دفن جي رسمن ۾ پوليس جي پهري ۾ آيو هو، سڀني ماڻهن سان مليو ۽ هليوويو ڄڻ ته هن جي زندگي ۾ ڪو حادثو آيو ئي ڪو نه هو. زماني کي بدلائڻ لاءِ اهڙن حوصلن جي ضروت آهي.
1986ع ۾ فاضل صاحب کي هاءِ ڪورٽ جي ججن تي ٻڌل هڪ اعليٰ عدالتي ٽربيونل آزاد ڪيو، جڏهن هو پنهنجي ساٿين سان گڏ بدين پهتو ته اسٽيشن گرائونڊ تي ٻه لک ماڻهن سندس اکيون وڇائي استقبال ڪيو، انهيءَ دوران عوامي نيشنل پارٽي ٺاهي وئي. جنهن جو کيس مرڪزي سينيئر نائب صدر مقرر ڪيو ويو. 14 آگسٽ 1986ع تي جيئن آمريت خلاف ماڻهو رستن تي آيا ته فاضل انهن سان گڏ هو 14- آگسٽ 86ع تي بينظير سان گڏ ڪراچيءَ ۾ نڪتل جلوس جي قيادت ڪئي. ڪوئيٽا ۾ احتجاجي جلسن کي خطاب ڪيو.[1]
1962 ۾ بي ڊي واري اليڪشن ۾ چونڊجي آيو. 1965 ۾ يونين ڪاؤنسل ترائي جو چيئرمين چونڊيو ويو. 1969 ۾ ھن ووٽرن جو فھرستون سنڌي ۾ ڇاپڻ جي تحريڪ ھلائي. سنڌي عوامي تحريڪ جي بنياد پئجڻ بعد حفيظ قريشي کان پوءِ 1970 ۾ حيدرآباد ڪنوينشن دوران ھي ان جو صدر چونڊيو ويو[2]1971 ۾ جن جامعيہ عريبيہ ھاء اسڪول، حيدرآباد ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ڪنوينشن منعقد ڪيو.[3] 1979 جي آڪٽوبر ۾ ھزارين ماڻھن کي گڏ ڪري ھاري ڪانفرنس منعقد ڪيائين. ان ڪري ھن ۽ سندس پٽ محمد صديق راھو کي جيل موڪليو ويو. 1983 ۾ سنڌي مھاجر فسادن ۾ سنڌي ماڻھن جي مؤقف جي حمايت ڪئي. 1983 ۾ بدين ۾ ايم آر ڊي جي تحريڪ جي ھڪ وڏي جلسي کي خطاب ڪيو
حوالا
سنواريو- ↑ 1.0 1.1 1.2 1.3 ڪتاب جو نالو ؛ لاڙ جا ماڳ مڪان مصنف؛ محمد سومار شيخ ايڊيشن؛ پهريون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
- ↑ "GM Syed's birth anniversary today". The News International.
- ↑ "Full text of "The History of Peoples Movement in Sindh". archive.org.