ايراضي
ايراضي (عربي: زمين. انگريزي: Area) ھڪ طبعي مقدار آھي جيڪا ڪنھن (ٻطرفي) سطح جو تعين ٿيل حصّو ظاھر ڪندي آھي.
ڪنھن ٻطرفي شڪل جي ايراضي ان جي سطح جي ڊيگھ ۽ ويڪر کي پاڻ ۾ ضرب ڪري معلوم ڪئي ويندي آھي.
سطحي ايراضي جي ماپ ۾ استعمال ٿيندڙ ڪجهه ايڪائيون ھيٺ ڏنل آھن:
- چورس ميٽر (m2) = بين الاقوامي اڪائين جي نظام مان ورتل ايڪائي
- ھيڪٽيئر = 10,000 چورس ميٽر
- چورس ڪلوميٽر = 1,000,000 چورس ميٽر (km2)
- ايڪڙ = 43,560 چورس فٽ