غلام حيدر مهجور
غلام حيدر مهجور سولنگي هڪ سنڌي اديب، پراڻو رٽائرڊ استاد، اتهاسڪار، مصور، سنگيتڪار، اڳوڻو سياستدان ۽ شاعر آھي، جنهن جو جنم اڳوڻي نواب شاھ ضلعي ۾ ٿيو. سندس ٽي ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آھن. [1]
مهجور سولنگي | ||
---|---|---|
ڄمڻ | 23 فيبروري 1941ع، پراڻو نوابشاھ | |
استاد | سکيو خان چنو ڪنڊياري وارو،غلام رسول”غلام“ھالائي | |
قوميت | سنڌي | |
نسل | سولنگي | |
تعليم | سنڌي، اردو ٻوليون فائنل، انٽر ڊرائنگ1960ع ۾ انگريزي فائنل، 1962ع ۾ ميٽرڪ پرائيويٽ،1963.64ع ۾ ايس.وي ٽريننگ ڪورس مٺياڻي۽ سڪرنڊ ڪاليج مان،اديب سنڌي،اديب عالم،اديب فاضل جا امتحان اورينٽل ڪاليج هالا،مشرقي علوم جي معرفت انٽر ۽ بي. اي جا امتحان | |
مادر علمي | سڪرنڊ ڪالج، مٺياڻي ڪالج،اورنٽل
ڪاليج هالا | |
پيشو | استاد،صحافي،اديب،دانشور،اتهاسڪار،شاعر،موسيقار،مصور | |
مذھب | تصوف، عالم انسانيت |
اوائلي عمر ۽ سکيا
سنواريوساهتي پرڳڻي جي نوشهروفيروز ضلعي ۾ ڳوٺ دليپوٽا ڀرسان هڪ ننڍي ڳوٺ مراد سولنگي ۾ ڄائو.[1] ڳوٺ ٺٽ سولنگي ۾ ڪافي وقت رهيو. هن وقت ساهتي پرڳڻي جي موري شھر ۾ رهي پيو. سندس بايوگرافي موجب سندس پالنا سندس امڙ ڪئي ۽ کيس سِکيا به ڏياري. پهريان سنڌي ۽ اردو ٻولين جا فائنل امتحان پاس ڪيائين، ان کان پوء انٽر ڊرائنگ امتحان پاس ڪيائين، جنهن کانپوء انگريزي ڇهين درجي ۾ ھئڻ دوران 1960ع ۾ ماستريءَ جو انٽرويو پاس ڪيائين. ۽ پرائمري اسڪول عطر خان مريءَ ۾ هيڊ ماستر طور جُوائن ڪيائين. 1960ع ۾ انگريزي فائنل، 1962ع ۾ ميٽرڪ پرائيويٽ، 1963ع.64ع ۾ ايس.وي ٽريننگ ڪورس مٺياڻي ۽ سڪرنڊ ڪاليج مان، اديب سنڌي، اديب عالم، اديب فاضل جا امتحان اورينٽل ڪالج هالا، مشرقي علوم جي معرفت انٽر ۽ بي. اي جا امتحان پاس ڪيائين.[2]
هڪ استاد طور
سنواريوڊيوٽي دوران ايڇ ايم خواجا جو نقل ڪندي اسڪولن ۾ اسڪائوٽ ڊرائنگ ۽ گارڊننگ کي هٿي وٺرايائين. ترنم ۾ ترانو چوڻ، جهنڊي کي بهتر انداز ۾ سلامي ڏيڻ، ٻارن کي پي. ٽي ۽ مارچ بابت سيکارڻ، اهم ڏڻ ملهائڻ، وڏين اسٽيجن ۽ اسپيڪرن تي ٻارن کي ڊيبيٽس ۾ حصو وٺرائڻ ۽ تقريرن جا موقعا فراهم ڪيائين جن جي صدارت ٻين اسڪولن جي هيڊ ماسترن ۽ تعليم کاتي جي اعلي آفيسرن کان ڪرائيندو هو. اسڪول ۾ خوبصورت پارڪ رکڻ، دنيا جا نقشا ۽ سينمينٽ سان اسڪول جي بهتر لوڪيشن تي گلوب ٺاهڻ، ڪلاسن کي ڊرائنگ سان سينگارڻ ۽ فارغ ٽائيم تي گلن جي گُڏ ڪرڻ ۽ پاڻي ڏيڻ سندس محبوب مشغلا رهيا ۽ شاگردن ۾ به چاھ پيدا ٿيندو هو. زندگيءَ جو اڌ حصو برانچ مڊل اسڪولن ۾ انچارج طور نوڪري ڪيائين. 25 سال تيرهن مهينا نوڪري ڪري رٽائر ٿيو.[2]
سياسي زندگي
سنواريومهجور پنهنجي شاگردي واري دور کان ئي وڏو متحرڪ رهندو پئي آيو آھي. علاقائي سياست ۾ ھي مختلف قومي توڙي پارلياماني سياست ڪندڙ پارٽين ۾ سرگرم رهندو پئي آيو آھي. 1988ع ۾ ھن آزاد اميدار جي حيثيت سان ان وقت جي ٻن هيوي ويٽ سياستدانن غلام مصطفي` جتوئي ۽ عبدالحق ڀرٽ سامهون صوبائي تڪ پي. ايس. 7 تي فارم ڀرايو هئائين. سندس انتخابي نشان ڪئنچي هو. حڪومتي انتخابي نشانن ۾ ھٿوڙو ۽ ڏاٽو نه هيا. اليڪشن مهم پمفليٽ ڇپائي سائيڪل تي اڪيلي سر پيڊل سائيڪل تي چڙھي شروع ڪيائين جيڪا ان دور جي حساب سان ڪنهن صوبائي اميدوار طرفان هڪ نئين مھم جي ڪوشش ھئي.جنهن ۾ کيس توڙي جو خاص موٽ نه ملي پر سندس مقصد نوجوانن مان جاگيردارن جو خوف ڪڍڻ هو جنهن ۾ ھو گهڻي ڀاڱي سوڀارو ٿيو.[2]
مصور ۽ سنگيتڪار طور
سنواريوپنهجي سکشڪ پيشي کان سواءِ مهجور هڪ سٺي اديب، سنگيتڪار ۽ مصور طور به ڪيترائي فن پاڻ ۾ سمائي رکي ٿو۔ هن جي چترڪاراڻي ڪلا ڌار ڌار اسڪولن ۾ نقشن ۽ قلمڪاريء جي شڪل ۾ ماڻھن جي ڌيان جو مرڪز رهندي پئي آئي آ، جنهن سان ڪيترن ماڻھن جون ساروڻيون جڙيل آھن۔ مهجور سنگيت جي به چڱي موچاري ڄاڻ رکي ٿو۔ اڪثر ڪري ماسترچندر وانگي هو پنهنجي شاعري ۽ ڌنون پاڻ سرجيندو هو ۽ اسڪول ۾ ٻارڙن کي پڻ فطرت ۽ موسيقيء لاء اڀاريندو هيو۔ جنهن جو اثر سندس اولاد تي به آھي۔ سندس پٽ شمشير پنهنجي شاگرديءَ وارن ڏينهن ۾ پي ٽي وي جي سنڌي نشرياتي پروگرام ”ٻارڙن جي ٻاري“ سميت ڌار ڌار جاين تي قومي ڳائيندو هيو. ان کان علاوه سندس صوفي ڪلامن تي مشتمل موسيقي البم به رليز ٿيل آھي۔[1]
ٺٽ کان موري لڏڻ
سنواريو1990ع واري ڏهاڪي ۾ مهجور جي ٺٽ واري گهر تي ڌاڙو لڳو، جنهن ۾ سندس ڳوٺ جو ئي ماڻھو ملوث نڪتو. ڪجهه وقت کان پوءِ قرآن تي مهجور کيس معاف ڪيو پر سندس ضمير کيس اتي رهڻ گوارا نه ڪيو ۽ کيس پنهنجو اصل گهر ڇڏڻو پيو ۽ هن پنهنجو مسڪن مورو بنايو توڙي جو ان هجرت کيس شخصي ۽ معاشي طور ڪمزور ڪيو ۽ هو پنهنجي ٻارن کي بنيادي تعليم به نه ڏياري سگهيو جنهنڪري هن جي ڪجهه اولاد کان سواء ٻيا سڀ مزدور آھن.[2]
عقيدي طور
سنواريواوائلي عمر ۾ سني مسلڪ سان لاڳاپيل رهيو ۽ نوڪريءَ دوران شيعا مسلڪ جي عالمن سان ڪچھريون ڪري اهل بيت جي زندگي بابت ڪافي لڪل ڳالهيون جن کي اسلامي تاريخن لڪايو هو پرکيائين ۽ شيعا فرقو اپنايائين۔ پر وقت گذرڻ سان جيئن علم حاصل ڪندو ويو تيئن ان مسلڪ کي ڇڏي صوفين وارو گيڙو ويس ڍڪيائين ۽ تنهن وقت کان هيستائين ماڻھن کي زات پات، رنگ ۽ ڌرم کان مٿي ڪيول عالم انسانيت، پريم ونڊڻ ۽ هڪ ٿيڻ جي پرچار ڪندو رهي ٿو۔[3]
ادبي پورهيو
سنواريوسندس ٽي ڪتاب ڇپيل آھن. هڪ” تاريخ راجپوت سولنڪي(سولنگي)هند سنڌ ۾ سندن هڪ هزار سالا حڪمراني“. ٻيو سندس ڌار ڌار موضوعن تي شاعري جو ڪتاب نالي” ڪشڪولِ مهجور“. ۽ ٽيون ” ڍڳا اچ مونکي ڊھ ھڻ“۔[1]