ماءُ:mother : موجوده انگريزي لفظ Mother وچولي دور جي انگريزي لفظ moder مان ۽ اھو وري قديم انگريزي جي لفظ mōdor مان نڪتل آهي جيڪو وري پروٽو جرمنڪ لفظ mōdēr مان نڪتل آهي. ايسٽ فرسين East Frisian ۾ ان لفظ کي muur ، ڊچ ٻوليءَ ۾ moeder، جرمن ٻوليءَ ۾ Mutter چوندا آھن . اھي سڀ [پروٽو انڊو يورپين]] لفظ méh tērمان نڪتل آھن.آئرش ٻولي ۾ ماء کي máthair توچيرين Tocharian ٻوليءَ ۾ mācar ۽ mācer, لٿونين ٻوليءَ ۾ mótė، لاطيني ۾ māter، يوناني ۾ μήτηρ ، سلاوڪ Slavic ٻولي ۾ mati، روسي ۾ мать يا (mat’)، فارسي ۾ مادر madar، عربي ۾ ام، سنسڪرت ۾ ماتر (मातृ ) , اردو ۾ ماں يا امی ، ھندي ۾ ماتا ۽ سنڌي ۾ ماء يا امان چوندا `ھن ۔ والدين ۾ مرد کي پيءُ ۽ عورت کي ماءُ سڏيندا آهن. جيڪي عورتون پيٽ سان ھونديون آھن انھن کي بہ اميد واري ماء ي ٿيندڙ ماءُ ی بائلاجیڪل ماء پڻ سڏيو ويندوآهي. بائيلاجيڪل ماء جيان اھڙو درجو اڃان پيء کي نہ ملندو آھي.[1][2] ٻين جو ٻار ايڊاپٽ ڪندڙ ماء يا ويڳي ماءُ کي نان بائيلاجيڪل ماء پڻ سڏيو آهي. جانورن ۾ بہ ٻارن کي جنم ڏيندڙ ۽ ان جي پالنا ڪندڙ ماديءَ کي ماء چيو ويندو آھي. ٻار دنيا ۾ اچڻ کان اڳ ماءُ جي پيٽ ۾ پرورش حاصل ڪندو آھي.

ھڪ آمريڪي ماء ٻار سان گڏ
ماءُ ۽ ٻار
Monumento a la Madreميڪسيڪو سٽي ۾ ھن مائرن جي يادگار تي لفظ لکيل آھن تہ:" ان جي ياد ۾ جيڪا اسان جي ڄمڻ کان اڳ بہ اسان سان سان پيار ڪندي آھي".

هر هڪ انسان هڪ ئي وقت ڪيترن ئي رشتن سان لاڳاپيل رهي ٿو. پٽ به آهي ته ڀاءُ به ڀائيٽيو به آهي ته ڀاڻيجو نه، ماروٽ به آهي ته ماسات به، ساڳيءَ ريت هو هڪ ئي وقت ڪنهن جي اکين جو نور ۽ محبت جو بيڪر آهي ته ڪنهن جي نفرت ۽ حقارت جو ڪارڻ! پر مڙني رشتن ۽ ناتن، لڳ ۽ لاڳاپن ۾ ماءُ جو رشتو هڪ اهڙو رشتو آهي، جيڪو هر حال ۾ بي پناهه محبت جو مجسمو آهي. ماءُ ٻار کي 9 مهينا پيٽ اندر پالي ٿي. پردن اندران سندس هر طرح پرگهور لهي ٿي، رڳن ۽ نسُن جي سهاري کيس کاڌو پهچائي. سرجڻ کان پيدا ٿيڻ تائين سور سهي ٿي. تنهن کان پوءِ راتين جو راتيون نيڻن جي ننڊ حرام ڪري، پنهنجو سک ۽ آرام ڦٽائي، سونهن ۽ سينگار ختم ڪري، اولاد کي هر حال ۾ سکيو ڏسڻ گهري ٿي، ان جي بدلي کيس جيڪي تڪليفون ۽ اهنج عذاب سهڻا پون ٿا، تن کي هوءَ اندر واري اڪير وچان برداشت ڪندي پيئي سُرور محسوس ڪندي آهي..[3]

سن 1510 جينيدرلينڊ جي پينٽنگ جنھن ۾ميڊوناکي پنھنجي ٻار کي کير پياريندي ڏيکاريو ويو آهي

اولاد لاءِ سندس اهڙي شفقت، پيار ۽ پاٻوهه جي ڪري ئي اها چوڻي مشهور ٿي آهي ته ”پيءُ مئي ٻار اڌ ڇورو ٿيندو آهي، پر ماءُ مئي سڄو ڇورو“ ڇاڪاڻ ته پيءُ ، ماءُ جي بنسبت اولاد جو ايترو اونو نه رکي سگهندو آهي. پيءُ ڪيترن ٻين ڪمن کي اولاد کان وڌيڪ ڄاڻيندو آهي. پر ماءُ اولاد جي ڀيٽ ۾ ٻي هر شيءِ قربان ڪرڻ لاءِ به تيار ٿي ويندي آهي. هوءَ پاڻ کي ڏکيو بکيو رکي به اولاد کي هر لحاظ کان سک پهچائيندي رهندي آهي. ماءُ جي اها محبت ئي آهي جا اولاد جي هر موڙ تي رهنمائي ڪري ٿي. محبت جا ٻه قسم ”وجدائي“ ۽ ”ورداتي“ چيا وڃن ٿا. وجدائي يعني اهڙي محبت جا قدرتي طور تي پيدا ٿيندي هجي، جنهن کي ٻين لفظن ۾ نطري محبت به چئجي ٿو اهڙيءَ محبت لاءِ جيئن ٿڌ تيئن وڌ وارو مثال پوريءَ ريت ٺهڪي اچي ٿو. ان کي اول کان آخر تائين بي پناهه خلوص ۽ محبت جو اميري يا عريبي،سونهن يا ڪوجهائيءَ سان ڪو واسطو نه هوندو آهي، نه وري اها ڪا مختلف دورن ۾ وڌبي گهٽبي آهي. هن محبت واري درجي ۾ ماءُ واري محبت شمار ڪئي وڃي ٿي. ماءُ پنهنجي اولاد سان محبت، بغير ڪنن مفاد يا لالچ جي ڪندي آهي، اها محبت جنهن کي ڪيڏا به ڏک ۽ ڏاکڙا، اهنج ۽ عذاب خم ڪري نه ٿا سگهن. بلڪ جڏهن به ڏکن ڏاکڙن مُنهن ڪڍيا آهن ته اها بي لوث محبت ويتر وڌيڪ آزمائش جي گهڙين منجهان گذرڻ لاءِ تيار نظر اچڻ لڳي آهي.[3]

گني بسائو ۾ ھڪ ماء ٻار سان گڏ 1974 جو ڦوٽو.

سروگيٽ Surrogate ماء

سنواريو

ڪن عورتن ۾ ڳڀيل بيضو fertilized ovum ٺھڻ جي صلاحيت موجود ھوندي آھي پر اھي ٻار جي پيٽ ۾ پرورش جي صلاحيت نه رکنديون آهن تنھن ڪري ٻار ٻي عورت جي پيٽ ۾ پنھنجو ڳڀيل بيضو رکرائي ان جي پيٽ ۾ پرورش ڪرائي ان کان ڄڻائينديون آھن. اھڙي ٻار ڄڻيندڙ ماء عيوضي يا سروگيٽ ماء سڏبي آھي .

ماءُ جو پيار

سنواريو
 
سڪمجي ھڪ ماء ٻار سان گڏ

ماء جو پيار انساني ايجاد ناھي پر ھڪ حيواني ورثو آهي ۽ اھو جبلن کان به جھونو آهي.جيئن ارتقا دوران انسان کان اڳ جن حيوانن جي ڀاڱي ۾ پٺيءَ ۾ ڪرنگھو آيو تيئن ماء جو پيار به سندن ڀاڱي ۾ آيو جيڪو ان دؤر جي نشاني آھي.اھو بلڪل ساڳي شئي آھي جيڪو پکين چوپاين ۾ موجود آهي. ڀولڙي جي ماء پنھنجي ٻچي کي انساني ماء جھڙو نفيس پيار ڪري ٿي.جڏھن ڀولڙي جو ڪو ٻچو مري وڃي ٿو تڏھن ھوء ان جو ننڍڙو مئل جسم ڏينھن جا ڏينھن کنيو پئي ھلندي آھي، کائڻ ڇڏي ڏيندي آهي، ۽ گھڻو وقت ماٺ ئي ماٺ، ڏک ۾ ڀري ويٺي ھوندي آھي.پکين جون مائرون اڪثر پنھنجي ٻچن کي بچائيندي پنھنجي جان قربان ڪري ڇڏينديون آهن. بلڪہ ايئن ئي رڇن، شينھن، واڳن ۽ ڪيترن ئي حيواني جنسن جون ماديون ڪنديون آهن. [4] ايئن ڀلا ڇو آھي تہ ننڍڙن جي بچاءَ جي ھي جبلت گھڻي قدر مادي جانورن ۾ رکيل آهي، جيڪي عام طرح سڀني حيواني جنسن ۾ ڪمزور ھونديون آھن. ڪرنگھي وارن جانورن ۾ ته گھٽ ۾ گھٽ نر سدائين مادين کان سگھارا ھوندا آھن، ۽ جسماني طرح ھن بچاء جي ڪم لاءِ پنھنجين مادين کان وڌيڪَ مناسب ۽ لائق ھوندا آھن. قدرت طرفان ھي ڪم نر جانورنجي حوالي ڇو نہ ڪيو ويو آهي؟ ڇا، ھيء جبلت مادي جانورن جي سيني ۾ رکي، جيڪي ان جي پوري ڪرڻ لاءِ ايتريون سگھاريون ناھن،ڪٿي قدرت کان ڪا غلطي تہ ڪانہ ٿي آهي؟ عام طور تي چيو ويندو آهي ته انساني ماء پنھنجي ٻار کي پيءُ کان وڌيڪ پيار ڪري ٿي، ڇاڪاڻ تہ ٻار ماء جي جسم جو ھڪ حصو آهي.پر اھا بلڪل صحيح ناهي. ماڻھن م ماء جو پيار پيء جي پيار کان پختو ان ساڳي سبب ڪري آھي جنھن سبب ڪري ھڪ پکي جي ٻچي جي ماء يا ڪنھن رڇ جي ٻچي جي ماء پنھنجي ٻچي کي ان جي پيءُ کان وڌيڪ پيار ڪري ٿي. ماء ۾ پنھنجي ٻچي لاءِ پيار جي ابتدا زندگي جي انساني شڪل ٺھڻ کان اڳ جي دؤر مان ٿيل آهي۽ حيوانن جي انساني جنس کي اھو اتان کان ورثي ۾ مليو آهي. اوائلي وحشي حالت ۾ جتان ھي ھي جبلت شروع ٿي ماء ئي ٻار جي ڄمڻ مھل موقعي تي موجود رھندي ھئي۽ ان ڪري ماء ئي ٿي سگھي پئي جنھن جي سيني ۾ اھا جبلت ڪارائتي ثابت ٿي سگهي[5]

  1. "definition of mother from Oxford Dictionaries Online". Oxford Dictionaries. Oxford University Press. 
  2. "Define Mother at Dictionary.com". Dictionary.com. 
  3. 3.0 3.1 {رسالو: سرتيون؛ مضمون :ماء ؛از: آزاد قاضي؛ آپريل 1995؛ پبلشر:سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو}
  4. {ڪتاب: وحشي جيوت جا نشان؛ از: ھاورڊ موئر؛پبلشرز: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ،صفحو: 67}
  5. {ڪتاب: وحشي جيوت جا نشان؛ از: ھاورڊ موئر؛پبلشرز: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ،صفحو: 68}