وڪيپيڊيا:بهترين مضمون
شڪاگو (انگريزي: Chicago) آمريڪا جو ھڪ مشھور شھر آھي. ھي شھر نيويارڪ ۽ لاس اينجلس کان پوءِ آمريڪا جو آباديءَ جي لحاظ کان ٽيون نبمر وڏو شھر آھي. ھي رياست الينوائي (Illinois) جو آباديءَ جي لحاظ کان وڏي ۾ وڏو شھر پڻ آھي. 2020ع جي آدمشماريءَ مطابق ھن شھر جي آبادي 2746388 آھي. ھن کي اتر آمريڪا جي پنجون نمبر گھڻ آباديءَ وارو شھر ھئڻ جو اعزاز پڻ حاصل آھي. مشيگن ڍنڍ (Lake Michigan) جي ڪناري تي آباد ھن وسنديءَ کي 1837ع ۾ شھر جو درجو مليو. اوڻويھين صديءَ ۾ ھن شھر تيزيءَ سان ترقي ڪئي. 1871ع ۾ ھن شھر کي خطرناڪ باھ وڪوڙي وڌو جنھن سبب اٽڪل ھڪ لک ماڻھو پنھنجي گھرن کان محروم ٿي ويا ۽ شھر کي ٻيھر تعمير ڪرڻو پيو. انھيءَ باھ واري واقعي کان فقط ٽيھ سال پوءِ ھي دنيا جو پنجون نمبر وڏو شھر بڻجي ويو. ھيءُ شھر پنھنجي خوبصورت اڏاوت ۽ شاندار عمارتن جي ڪري سڄي دنيا ۾ مشھور آھي. 2018ع ۾ 18 ملين سياح ھي شھر گھمڻ لاءِآيا . ھتان جو اوھاري بين القوامي ھوائي اڏو دنيا جو ڃھون نمبر مصروف ھوائي اڏو شمار ٿئي ٿو. 2021ع ۾ ھن شھر کي دنيا جو ٻيو نبمر سھڻو شھر قرار ڏنو ويو. شيراز ايران جو پنجون وڏو شھر آھي. ھي شھر ايران جي صوبي فارس جي گاديءَ جو ھنڌ پڻ آھي. 2016ع جي انگن اکرن مطابق ھن شھر جي آبادي 1565572 آھي. جيڪڏھن شھر جا مضافاتي علائقا ڳاڻاٽي ۾ آڻجن تہ پوءِ شھر جي آبادي 18 لکن کان بہ مٿي ٿي ويندي. ھي ايران جي ڏاکڻئين حصي جو وڏي ۾ وڏو شھر آھي. ھي فارس جي جابلو علائقي ۾ آباد آھي ۽ ھن شھر جي سرزمين جي سامونڊي سطح کان اوچائي 1486 ميٽر آھي. ھتان جي موسم خوشگوار آھي ۽ ھي ھزار سالن کان وڌيڪ عرصي کان واپار جو ھڪ وڏو مرڪز رھيو آھي. شيراز ميونسپالٽيءَ جي ڪل پکيڙ 240 چورس ڪلوميٽر آھي جيڪا 11 سيڪٽرن ۾ ورھايل آھي. آٽڪل 2000 ق.م ۾ ايلامائيٽ (Elamite) ٻوليءَ ۾ لکيل مٽيءَ جي تختين تي ھن شھر جو نالو تيرازيس لکيو ويو آھي. شروع ۾ ھي شھر ابو نضر قلعي واري علائقي ۾ آباد ھو ۽ 693ع ۾ بنو اميہ گھراڻي جي دور حڪومت ۾ موجودھ ھنڌ تي ٻيھر آباد ڪيو ويو. ھن شھر 9 کان 11 صديءَ جي وچ ۾ تيزيءَ سان ترقي ڪئي. تيرھين صديءَ ۾ ھي شھر علم، ادب ۽ ثقافت جو وڏو مرڪز بنجي ويو. 1750ع کان 1800ع تائين زند گھراڻي جي بادشاھيءَ دوران ھي پرشيا جي گاديءَ جو ھنڌ رھيو. ايران جا ٻہ وڏا شاعر سعدي ۽ حافظ ھن شھر جا رھواسي ھئا. سندن مزارون موجودھ شھر جي اترئين حصي ۾ موجود آھن. ھن شھر ۾ ڪيترائي خوبصورت باغ آھن جن مان باغ ارم پنھنجو مٽ پاڻ آھي. ھن شھر ۽ پسگردائيءَ ۾ عاليشان قسم جا گلم, غاليچا ۽ قالين ٺھن ٿا. ھتي سيمنٽ، کنڊ، ڀاڻ، ڪپڙي ٺاھڻ ۽ تيل صاف ڪرڻ ۽ ٻين ڪيترين ئي شين ٺاھڻ جا ڪارخانا آھن. ھتي اليڪٽرانڪس جي شين جو ڪاروبار بہ عروج تي آھي. شيراز ۾ ايران جو پھريون شمسي توانائيءَ تي ھلندڙ بجلي گھر بہ موجود آھي. تازو شھر جي ٻاھران باباڪوھي جبلن تي پن چڪيون لڳايون ويون آھن.
جھرم جو شھر فارس جي گاديءَ جي ھنڌ شيراز کان اٽڪل 170 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ آباد آھي. شھر جي موسم گرم ۽ نيم ريگستاني آھي ۽ سال ۾ سراسري طور تي 285 ملي ميٽر مينھن وسي ٿو. شھر جو سراسري گرميءَ جو درجو 200C (680F) آھي. ھن شھر جي سامونڊي مٿاڇري کان سراسري اوچائي 1050 ميٽر آھي. شھر جا اڪثر رھواسي شيعا آھن ۽ پارسي قوم سان واسطو رکن ٿا. ھتي ڪيترائي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جا ادارا، ميڊيڪل سينٽر، ٻہ اسپيشل زون، ھڪ خشڪ بندر (Dry Port)، ھڪ پيٽروڪيميڪل پلانٽ، ھوائي اڏو ۽ ٻيا اھم ادارا قائم آھن. ھتان جي اھم زرعي پيداوار ۾ کجور ۽ کٽا ميوا شامل آھن. دنيا جي 1.2 سيڪڙو کجور جي پيداوار ۽ 6 سيڪڙو کٽن ميون جي پيداوار ھن شھر مان ملي ٿي. بڪانير (انگريزي: Bikaner) ھندستان جي راجستان رياست جو شھر آھي. ھي شھر جئپور کان اتر اوڀر ۾ 330 ڪلوميٽر (205 ميل) پري آباد آھي. ھي بڪانير ضلعي ۽ ڊويزن جو مرڪزي شھر آھي. ھي ھندستان جي انھن شھرن مان ھڪ آھي جن جو ذڪر شاعرن جي سرتاج حضرت شاھ عبدللطيف ڀٽائيءَ پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪيو آھي. ڀارت جي هڪ اڳوڻي رياست، جيڪا 1950ع ۾ جئپور سان ملائي، جدا صوبو ٺاهيو ويو آهي. ھن شھر جو بنياد 1488ع ۾ رائو بڪارجي (Rao Bikarji) وڌو. 1928ع ۾ گنگا واھ ۽ 1987ع ۾ اندرا گانڌي واھ کوٽجڻ کان پوءِ ھن شھر جي زرعي پيداوار ۾ خاطر خواھ واڌارو آيو ۽ اڄڪلھ ھي شھر راجستان رياست جو چوٿون وڏو شھر آھي. ھي شھر پنھنجي تاريخي عمارتن ۽ تاريخي يادگارن سبب راجستان ۾ ھڪ خاص حيثيت رکي ٿو. نيو ميڪسيڪو، آمريڪا جي گڏيل رياستن مان ھڪ رياست آھي. جاگرافيائي طور تي چوڪنڊي شڪل جي ھيءَ رياست آمريڪا جي ڏکڻ اولھ ۾ واقع آھي. ھن رياست جون سرحدون اوڀر ۾ ٽيڪساس، اولھ ۾ ايريزونا، اتر اوڀر ۾ اوڪلاھوما ۽ ڏکڻ ۾ ميڪسيڪو سان ملن ٿيون. ھن رياست جي گاديءَ جو ھنڌ سانتا في (Santa Fe) آھي جيڪو آمريڪا جي گڏيل رياستن ۾ پراڻي ۾ پراڻو گاديءَ جو ھنڌ آھي. البڪرڪي ھن رياست جو آباديءَ جي لحاظ کان وڏي ۾ وڏو شھر آھي. نيو ميڪسيڪو پکيڙ جي لحاظ کان آمريڪا جي پنجين وڏي رياست آھي جڏھن تہ آباديءَ جي لحاظ کان 36ھين وڏي رياست آھي. ھن رياست جي آبادي 21 لکن کان ٿوري وڌيڪ آھي. جاگرافيائي طور تي ھن رياست جي آبھوا مختلف علائقن ۾ مختلف آھي. ھن رياست جي اتر ۽ اوڀر جي موسم ڪافي ٿڌي آھي جڏھن تہ ڏکڻ ۾ گرم ۽ ريگستاني آھي. ريو گرانڊي ندي ھن رياست جي مرڪزي علائقن مان اتر کان ڏکڻ طرف وھي ٿي. ھن نديءَ جي ٻنھي ڪپن وارا علائقا زرخيز آھن ۽ انھن علائقن جي موسم خوشگوار آھي. ھن رياست جي ٽيون حصو زمين مرڪزي سرڪار جي ملڪيت آھي جنھن ۾ ڪيترائي يادگار ۽ قومي پارڪ قائم ڪيا ويا آھن. ھن رياست جا ٽي ماڳ يونيسڪو جي ثقافتي ورثي وارن ماڳن جي فھرست ۾ شامل آھن. فينڪس (انگريزي: Phoenix) آمريڪا جي رياست ايريزونا جي گاديءَ جو ھنڌ ۽ وڏي ۾ وڏو شھر آھي. 2020ع جي انگن اکرن مطابق، ھن شھر ۾ 1608139 ماڻھو رھن ٿا. ھي آباديءَ جي لحاظ کان آمريڪا جي گڏيل رياستن جو پنجون نمبر وڏو شھر آھي. ھي آمريڪا جي گڏيل رياستن جو واحد گاديءَ جو ھنڌ آھي جنھن جي آبادي ڏھن لکن کان مٿي آھي. ھي ايريزونا رياست جو پکيڙ جي لحاظ کان بہ وڏي ۾ وڏو شھر آھي. ھن جي ڪل پکيڙ 1342 چورس ڪلوميٽر (517.9 چورس ميل) آھي. فينڪس جو بنياد 1867ع ۾ پيو ۽ 1881ع ۾ ھن کي شھر جو درجو مليو. ايريزونا (انگريزي: Arizona) آمريڪا جي گڏيل رياستن مان هڪ رياست آهي جيڪا آمريڪا جي پکيڙ جي لحاظ کان ڇهين وڏي رياست ۽ آباديءَ جي لحاظ کان چوڏهين وڏي رياست آهي. هن رياست جي گاديءَ جو هنڌ فينڪس (Phoenix) آهي جيڪو هن رياست جو وڏي ۾ وڏو شهر پڻ آهي. هن رياست جي اولھ ۾ آمريڪي رياستون نيوادا (Nevada) ۽ ڪيليفورنيا (California) موجود آهن جڏهن ته ڏکڻ ۽ ڏکڻ اولھ ۾ هن جون سرحدون ميڪسيڪو جي سونورا (Sonora) ۽ باجا ڪيليفورنيا (Baja California) سان ملن ٿيون. ايريزونا آمريڪا جي 48هين رياست آهي جنهن کي 14 فيبروري 1912ع تي آمريڪا جي رياست جو درجو ڏنو ويو. جيئن ته 14 فيبروري ”ويلنٽائن ڊي“ آهي انڪري هن رياست کي ”ويلنٽائن رياست“ پڻ ڪوٺيو وڃي ٿو. روس (انگريزي: Russia ) روسي ٻولي ۾ Россия (روسيا)، سرڪاري نالو رشين فيڊريشن (روس جو وفاق) جنھن کي روسي ٻولي ۾ روسياسڪايا فيڊريٽسيا سڏيندا آهن. يوريشيائي جي ھڪ وفاقي ريپبلڪ آھي. اھو پکيڙ ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو ملڪ آهي. ان جي پکيڙ 17,075,200 چورس ڪ م يا 6,592,772 چورس ميل آهي جيڪو انساني ابادي واري دنيا جو اٺون حصو آھي. ھن ملڪ جي ان وسيع پکيڙ ۾ 11 ٽائيم زون اچي وڃن ٿا. دنيا ۾ روس جي سرحد سڀ کان وڌيڪَ ملڪن سان لڳي ٿي جن جو تعداد 14 آھي. ان جي اتر اولهه کان ڏکڻ اوڀر جي طرف روس جون زميني سرحدون ناروي، فنلينڊ، استونيا، لٽويا، لٿووينيا ۽ پولينڊ، بيلاروس، يوڪرين، جارجيا، آذربائيجان، قازقستان، چين، منگوليا، ۽ اتر ڪوريا سان ملن ٿيون۔ جڏهن ته هن جون آبي سرحدون جاپان کان اخوتسڪ سمنڊ، گڏيل آمريڪي رياستن جي ریاست الاسڪا کان بيرنگ سمنڊ ۽ ڪئناڊا جي ڄميل سمنڊ طرف اتر جا ٻيٽ ملن ٿا. روس جي آبادي 14،62،00،000 آهي. آبادي ۾ اھو يورپ جو سڀ کان وڏو ملڪ آهي. دنيا جي وڏي آبادي وارن ملڪن ۾ ان جو نمبر نائون آھي ان جي گادي جو هنڌ ماسڪو شھر آھي جيڪو يورپ جو آبادي ۾ سڀ کان وڏو شھر آھي. سينٽ پيٽرز برگ روس سميت يورپ جو ٻيون نمبر وڏو شھر آھي. 1991ع ۾ سوويت يونين جي خاتمي بعد روسي سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ روسي فيڊريشن ۾ تبديل ٿي ۽ 1993ع ۾ نئين آئين ذريعي وفاقي نيم صدارتي نظام قائم ڪيو ويو. سن 2000ع کان وٺي ھن ملڪ جو صدر ولاديمير پيوٽن آهي. انساني ترقيءَ جي اشاريي مطابق ھن ملڪ جو دنيا ۾ 52ھون نمبر آھي. ملڪ ۾ يونيورسٽي تائين تعليم مفت فراھم ڪئي وڃي ٿي. ملڪ جي معيشت دنيا جي طاقتور معيشتن ۾ شامل آھي ۽ ناليوار جي ڊي پي ۾ ھن ملڪ جو دنيا ۾ يارھون نمبر آھي. وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2022/مهينو سيپٽمبر وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2022/مهينو آڪٽوبر وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2022/مهينو نومبر وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2022/مهينو ڊسمبر ![]() هن منصوبي ۾ صفائي جي ضرورت آهي. وڌيڪ ڏسو اوزار جو صفحو ۽ وڪي منصوبن جي فهرست. |