ٿرسو (انگريزي: Thurso) اسڪاٽلينڊ جو هڪ ننڍڙو شهر آهي جيڪو ايڊنبرا کان 295 ڪلوميٽر ۽ لنڊن کان 818 ڪلوميٽر پري آباد آهي۔ هيءُ برطانيا ۽ اسڪاٽلينڊ جو سڀ کان اتريون شهر آهي۔[1] مقامي ٻوليءَ ۾ هن شهر کي ”ٿرسا“ ڪوٺيو وڃي ٿو۔[2] هيءُ اسڪاٽلينڊجي هائيلينڊ ڪائونسل واري علائقي ۾ اترئين سامونڊي ڪناري تي آباد آهي۔ هتي اسڪاٽلينڊ جا ٻه روڊ A9 ۽ A836 پاڻ ۾ اچي ملن ٿا جيڪي هن شهر کي اوله ۾ فورس (Forss) ۽ اوڀر ۾ ڪيسل ٽائون (Castletown) سان ملائين ٿا۔

ٿرسو شهر جو هڪ خوبصورت ڏيک

55 ڪلوميٽر ڊگهي ٿرسو ندي (Thurso River) هن شهر جي وچان گذري ٿي۔ 2018ع جي انگن اکرن موجب، هتان جي آدمشماري 7490 آهي۔[3]

اوڻويهين صديءَ تائين هن هنڌ کي هڪ اهم بندرگاه جي حيثيت حاصل هئي ۽ هتان اتر يورپ جي ملڪن سان ڪاروبار هلندو هو۔ ٿرسو ماهي گيري، سوٽي ڪپڙو ٺاهڻ ۽ چمڙي رڱڻ جي صنعت ۾ ڪافي مشهور هو۔ هن شهر ۾ سينٽ پيٽر جي گرجا گهر (St Peter's Church) جا کنڊر موجود آهن۔ اهو گرجا گهر اسڪاٽلينڊ جي سڀ کان پراڻن گرجا گهرن مان هڪ آهي جيڪو سال 1125ع ڌاري تعمير ٿيو۔ موجوده سينٽ اينڊريو ۽ سينٽ پيٽر گرجا گهر سال 1832ع ۾ جڙي راس ٿيو۔

ٿرسو جو سڀ کان پراڻو سينٽ پيٽر گرجا گهر

هتي اتر هائيلينڊ ڪاليج جو مرڪزي ڪیمپس قائم آهي۔ ٿرسو هائي اسڪول برطانوي سرزمين جو سڀ کان اتريون هائي اسڪول آهي، جيڪو سال 1958ع ۾ قائم ٿيو۔ هتي ٿرسو قلعي جا آثار به موجود آهن۔ اهو قلعو سال 1872ع ۾ تعمير ٿيو هو۔ هتي هڪ فوٽ بال ٽيم ۽ ٻه رگبي ٽيمون آهن۔ ٿرسو ريلوي اسٽيشن سال 1874ع ۾ تعمير ٿيو۔ ٿرسو کان اٽڪل ڏيڍ ميل جي مفاصلي تي اسڪرابسٽر(Scrabster) بندر آباد آهي جتان اورڪني ۽ ڪجهه ٻين ٻيٽن لاءِ فيري سروس مهيا آهي۔[4]

تاريخ سنواريو

 
ٿرسو جي قلعي جو مُک دروازو

ٿرسو ڪڏهن آباد ٿيو، انهيءَ باري ۾ پڪ سان ڪجهه به نٿو چئي سگهجي۔ ٿرسو جي ٻاهران شيبسٽر جبل تي وڏن نوڪدار پٿرن مان ٺهيل قبرون موجود آهن جيڪي 5000 سال پراڻيون آهن۔[5]چيو وڃي ٿو ته اوائلي وچئين دور ۾ هتي اسڪينڊي نيويا (Scandinavia) کان آيل لوڪن پنهنجي حڪومت اچي قائم ڪئي هئي۔ اها حڪومت سال 1263ع ڌاري ختم ٿي وئي۔[6] ٿرسو انهيءَ حڪومت جو هڪ اهم بندرگاه هو۔ انهيءَ حڪومت جي خاتمي کان پوءِ به اوڻويهين صديءَ تائين ٿرسو بندرگاه جي اهميت برقرار رهي ۽ هتان کان اتر يورپ جي ملڪن سان ڪاروبار ٿيندو هو۔ سال 1649ع ۾ آئرلينڊ مان آيل ڪجهه ماڻهن هن شهر تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هتان جي ماڻهن تمام گهڻي بهادريءَ سان انهن جو مقابلو ڪيو ۽ هنن کي ڀڄڻ تي مجبور ڪري وڌو۔[7]

 
ٿرسو نديءَ جي ڪپ تي رهائش

سال 1811ع ۾ هتي 592 گهر هئا ۽ ڪل آبادي 3462 هئي۔[8] سال 1841ع ۾ اها آبادي گهٽجي 2510 ٿي وئي۔ سال1845ع ۾ حڪومت غريب ماڻهن جي بحاليءَ لاءِ هڪ قانون ٺاهيو جنهن تحت هتان جي 149 غريب خاندانن لاءِ گهر ٺاهيا ويا۔[9] هتان جي ماڻهن انهن گهرن ۾ گهڻي دلچسپي نه ورتي ۽ اڪثر گهر خالي رهيا۔ سال 2001ع ۾ انهن گهرن کي مڪمل طور ترڪ ڪيو ويو۔ سال 1906ع ۾ هتي رائل نيشنل لائيف بوٽ انسٽيٽيوشن (Royal National Lifeboat Institution) قائم ڪيو ويو۔ 10 ڊسمبر 1956ع تي خوفناڪ باه جي نتيجي ۾ اهو ادارو ۽ ان ۾ بيٺل 47 فوٽ ڊگهو ٻيڙو سڙي رک ٿي ويو۔ سال 1971ع ۾ انهيءَ اداري جي نئين عمارت جو افتتاح ڪيو ويو ۽ زندگي بچائڻ وارو نئون ٻيڙو (Lifeboat) مهيا ڪيو ويو۔ ويهين صديءَ جي وچ ڌاري شهر کان 14 ڪلوميٽر اوله ۾ نيوڪلائي پاور پلانٽ قائم ٿيو جنهن ڪري هتان جي آبادي لڳ ڀڳ ٻيڻي ٿي وئي ۽ روزگار جا نوان وسيلا پيدا ٿيا۔ سال1951ع ۾ هتان جي آبادي 3000 هئي جيڪا سال 1971ع ۾ وڌي 9000 ٿي وئي۔ ويهين صديءَ جي آخر ۾ هن پاور پلانٽ کي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو پر ائٽمي فضلي کي مڪمل طور ختم ڪرڻ ۾ وقت لڳندو۔ انڪري اندازو آهي ته سال 2070 تائين هن پلانٽ جي ملازمن جي نوڪري ختم نه ٿيندي۔[10] سال 2010ع ۾ هتي گئلڪ ٻوليءَ جي ادب، فن، موسيقي ۽ ثقافت بابت هڪ ميلو منعقد ڪيو ویو۔[11]

جاگرافي سنواريو

 
اسڪاٽلينڊ جي نقشي ۾ ٿرسو جي بيهڪ

ٿرسو برطانوي سرزمين تي سڀ کان وڌيڪ اتر طرف شهر آهي، جيڪو اترين ساحل تي واقع آهي، جيڪو آرڪني ٻيٽن جي مٿان آهي۔ اهو A9 روڊ جي اترين ٽرمينس تي واقع آهي، مکيه روڊ ڪائٿنيس (Caithness) کي اسڪاٽلينڊ جي ڏکڻ سان ڳنڍيندو آهي، ۽ 19.5 ميل (31.4  ڪلومیٽر) جون او گروٽس (John o'Groats) جي اولهه ۾ ۽ 20.4 ميل (32.8 ڪلومیٽر) اتر اولهه ۾ قریب ترین شهر  ويڪ (Wick) آهي۔ ٿرسو ريلوي اسٽيشن، برطانيه جي ريل نيٽ ورڪ پاران مهيا ڪيل سڀ کان وڌيڪ اتر واري هنڌ آهي، جيڪو شهر کي سڌو وِڪ، ڪائونٽي شهر ڪيٿنس ۽ انورنس سان ڳنڍي ٿو۔ ٿرسو اوڀر ۾ اولريگ ۽ بوور جي پاڙيسرين سان، ڏکڻ ۾ هالڪيرڪ، ۽ اولهه ۾ ري ري، ۽ اولهه ۾ هولبورن هيڊ ۽ ڪراسڪرڪ بي کان ڊنيٽ هيڊ ۽ اوڀر ۾ ڊنيٽ بي 2 تائين پکڙيل آهي۔ اهو الاسڪا جي گاديءَ جو هنڌ جونیو کان ٿورو اڳتي آهي، ۽ سويڊن جي راڄڌاني اسٽاڪهوم کان ٿورو اڳتي ڏکڻ ۾ آهي۔

 
ٿرسو نديءَ جو هڪ ڏيک

34 ميل (55 ڪلوميٽر) لمبو ٿرسو دريا، جيڪو پنهنجي سالمون مڇي جی شڪار لاءِ مشهور آهي، شهر مان وهي ٿو ۽ ٿرسو خلیج  ۽ پينٽلينڊ فرٿ (Pentland Firth) ۾ وڃي ٿو۔ نديءَ جي ڪناري هڪ ننڍي بندرگاهه طور ڪم ڪري ٿي۔ ٿرسو وٽ هڪ سٺو بندرگاهه ۽ ساحل آهي ۽ پينٽلينڊ فرٿ کان وٺي آرڪني ٻيٽ ۽ هوائي جي بلند ترين اولڊ مين آف هواي (مکيه ٻيٽ کان ٻاهر بيٺل پٿر جو هڪ ٿلهو) ڏسڻ ۾ اچي ٿو۔

موسم سنواريو

ٿرسو ۾ ٿڌي سامونڊي آب هوا (ڪوپین Cfb) آهي، جنهن ۾ اسڪاٽش هاءِ لينڊز سان ملندڙ موسم آهي۔ رڪارڊ ڪيل سڀ کان وڌيڪ درجه حرارت °25 سینتی گریڈ يا °77 فارن ھائیٹ (جولاءِ 1995ع) ۽ گھٽ ۾ گھٽ °11- سینتی گریڈ يا °12.2 فارن ھائیٹ°F (ڊسمبر 2010) رھی تو۔ جيتوڻيڪ ٿرسو وڻن جي واڌ ويجهه جي اجازت ڏيڻ لاءِ ڪافي نرم آهي، پر واءُ پکڙيل ماحول گهڻو ڪري گھاس جي ميدانن تي مشتمل آهي، جيڪي اوڪني ۽ شيٽلينڊ جي آف شور اتر آرڪيپيلاگوز سان مشابهت رکن ٿا۔ سمنڊ اونهاري ۾ به ٿڌو رهندو آهي ۽ سمنڊ جي سطح جو گرمي پد سڄي سال ۾ گهڻو نه ڦيرائيندو آهي۔

موسمي رڪارڊ : Thurso, Scotland
مھينو جنور: فبرو: مارچ اپريل مئي جون جولاء آگسٽ سيپ: آڪٽو: نومبر ڊسمبر سال
وڌ ۾ وڌ رڪارڊ°C (°F) 14.1
(57.4)
14.4
(57.9)
17.8
(64)
19.8
(67.6)
22.8
(73)
24.3
(75.7)
25.0
(77)
24.9
(76.8)
23.0
(73.4)
19.9
(67.8)
16.2
(61.2)
13.8
(56.8)
25
(77)
اوچي پد جي
سراسري°C (°F)
6.2
(43.2)
6.6
(43.9)
8.0
(46.4)
10.2
(50.4)
12.7
(54.9)
14.6
(58.3)
16.6
(61.9)
16.6
(61.9)
14.6
(58.3)
11.6
(52.9)
8.5
(47.3)
6.6
(43.9)
11.1
(52)
گھٽ پد جي
سراسري°C (°F)
0.8
(33.4)
0.8
(33.4)
1.7
(35.1)
3.2
(37.8)
5.2
(41.4)
8.1
(46.6)
10.1
(50.2)
10.2
(50.4)
8.2
(46.8)
5.8
(42.4)
3.2
(37.8)
1.1
(34)
4.9
(40.8)
گھٽ ۾ گھٽ
رڪارڊ°C (°F)
−10.6
(12.9)
−10.0
(14)
−7.8
(18)
−5.3
(22.5)
−2.6
(27.3)
−0.9
(30.4)
1.2
(34.2)
0.6
(33.1)
−3.4
(25.9)
−6.2
(20.8)
−8.8
(16.2)
−11.0
(12.2)
−11
(12.2)
سراسري پرسپييئيشن mm (انچ) 100.4
(3.953)
79.4
(3.126)
82.3
(3.24)
58.0
(2.283)
55.3
(2.177)
63.7
(2.508)
70.5
(2.776)
76.3
(3.004)
96.8
(3.811)
104.0
(4.094)
115.5
(4.547)
110.4
(4.346)
1,002.4
(39.465)
اس جي ماھوار
وقت جي سراسري
36.6 67.9 96.4 145.3 196.3 157.3 140.9 135.2 114.1 76.2 45.7 28.7 1,240.5
Source: [12]

ٿرسو بابت وڌيڪ ڄاڻ سنواريو

 
ٿرسو لائيف بوٽ

ٿرسو جي موسم اڪثر ٿڌي رهي ٿي. هتان جو وڌ ۾ وڌ گرميءَ جو درجو 250C (جولاءِ 1995ع) ۽ گهٽ ۾ گهٽ 110C- (ڊسمبر 2010) رڪارڊ ڪيو ويو آهي. هن شهر ۾ هڪ ننڍو عجائب گهر، چند هوٽلون ۽ شراب خانا، پارڪ ۽ شاپنگ سينٽر آهي. پبلڪ لائبرري، گولف ڪورس، گهوڙن جي ڊوڙ جو ميدان ۽ ٻيون ضروري سهولتون پڻ موجود آهن. هتي لٿيم آئن بيٽريون ٺاهڻ جو هڪ پلانٽ به ڪم ڪري رهيو آهي. 12 جنوري 2010ع تي هتي هوا مان بجلي ٺاهڻ لاءِ هڪ ونڊ فارم (Wind form) ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ويو. هي پلانٽ 52.2 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪندو جنهن مان 25000 گهرن کي بجلي ملي سگهندي[13].

حوالا سنواريو

  1. "Thurso Feature Page on Undiscovered Scotland". www.undiscoveredscotland.co.uk. حاصل ڪيل 2020-01-01. 
  2. "Scotslanguage.com - Names in Scots - Places in Scotland". www.scotslanguage.com. حاصل ڪيل 2020-01-01. 
  3. "Thurso Feature Page on Undiscovered Scotland". www.undiscoveredscotland.co.uk. حاصل ڪيل 2020-01-03. 
  4. "Thurso (Scotland) – Travel guide at Wikivoyage". en.wikivoyage.org. حاصل ڪيل 2020-01-03. 
  5. "Neolithic horned cairns near Caithness wind farm scanned". BBC News (BBC). 21 March 2012. https://www.bbc.co.uk/news/uk-scotland-highlands-islands-17463275. Retrieved 02 January 2020. 
  6. https://www.britannica.com/place/Thurso, Last visited on 05 January 2020
  7. "Vandalism at historic churchyard" (en-GB ۾). 2013-04-26. https://www.bbc.com/news/uk-scotland-highlands-islands-22308900. 
  8. Rees, Abraham (1819) (en ۾). The Cyclopaedia; Or, Universal Dictionary of Arts, Sciences and Literature. Longman, Hurst. https://books.google.com.pk/books?id=tUVRAAAAcAAJ&pg=PT603&redir_esc=y#v=onepage&q&f=false. 
  9. "(260) Page 438 - Ordnance gazetteer of Scotland> Volume 6 - Gazetteers of Scotland, 1803-1901 - National Library of Scotland". digital.nls.uk. حاصل ڪيل 2020-01-17. 
  10. "DOUNREAY DECOMMISSIONING: Monumental task. - The Engineer | HighBeam Research". web.archive.org. حاصل ڪيل 2020-01-04. 
  11. "First Gaelic primary unit for north" (en-GB ۾). 2013-07-30. https://www.bbc.com/news/uk-scotland-highlands-islands-23507745. 
  12. "climate: Thurso". Met Office. وقت 5 June 2011 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 8 December 2014.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  13. Scottish Government, St Andrew's House. "Two wind farm schemes approved". www2.gov.scot. حاصل ڪيل 2020-01-17.