انساني حقن جو عالمي پڌرنامو

گڏيل قومن جي عام اسيمبلي طرفان 1948ع ۾ منظور (اعلان، پڌرو) ٿيل

انساني حقن جو عالمگير پڌرنامو يا انساني حقن جو عالمي پڌرنامو (يو ڊي ايڇ آر) (انگريزي ٻولي: Universal Declaration of Human Rights) هڪ تاريخي دستاويز آهي، جنهن کي 10 ڊسمبر 1948 تي فرانس جي شهر پيرس ۾ پيليس ڊي چيلوٽ وٽ ٿيل گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ پنهنجي ٽئين اجلاس ۾ هڪ قرارداد 217 طور منظور ڪيو هيو. گڏيل قومن جي ان مهل جي 58 ميمبرن منجهان 48 ميمبرن ان جي حق ۾ ووٽ ڏنو، ان جي خلاف ڪوبہ ووٽ نہ آيو، ۽ ٻن ميمبرن ووٽ نہ  ڏنو.[1]

Universal Declaration of Human Rights

ايلينور روزويلٽ انساني حَقن جي عالمي پڌرنامو جي انگريزي ڇاپو (ورزن) سميت.
ٺاهيل سال 1948
Ratified ڊسمبر 10، 1948
جاءِ پيليس ڊي چيلوٽ , پريس
Author(s) مسودو يا درافٽ ڪميٽي[lower-alpha 1]
مقصد انساني حق
Poster

ڊسمبر 10، 1948ع تي پيرس ۾ منعقد ٿيل گڏيل قومن جي 183هين اجلاس ۾ انساني حقن کي منظور ڪيو ويو

پڌرنامو (اعلان) ۾ ڪنهن فرد جي حقن جي پَڪ (تصدیق) ڪندڙ 30 مضمونَ (آرٽيڪل) شامل آهن، جيتوڻيڪ ڪنهن فرد تي قانوني طور پابند ناهي، جيڪي بين الاقوامي ٺاهن (معاهدن)، معاشي مٽاسٽا، علائقائي انساني حقن جا  دستاويز، قومي راڄ ريتي (دستور- آئين)، ۽ ٻين قانونن جي وضاحت ڪيل آهي. اهو پڌرنامو انساني حقن جي بين الاقوامي بل (انٽرنيشنل بل فار هيومن رائٽس) کي رُوپ ڏيڻ واري عمل جو پهريون قدم هيو، جيڪو سن 1966 ۾ مڪمل ٿيو هيو، ۽ سال 1976 ۾ ان تي عمل ٿيو هيو، جنهن کانپوءِ ڪيتري ئي تعداد ۾ مُلڪن ان جي پَڪ (توثيق، منظوري ڏني) ڪئي هئي.

ڪُجھ قانوني اسڪالرز دليل ڌنا تہ "ڇاڪاڻ ته مُلڪَ 50 سال کان لاڳاتار ان پڌرنامو جي حمایت ڪندا آيا آهن، تنهنڪري هي رواجي بين الاقوامي قانون (customary international law) جو هڪ لازمي (بائنڊنگ) حصو بڻجي ويو آهي".[2][3][4] تنهن هوندي، گڏيل آمريڪي رياستون، جي سوسا ڀيٽ الواريز-مچين (2004) ۾ سپريم ڪورٽ هي نتيجو ڪڍيو (اخذ ڪيو) آهي تہ هي پڌرنامو "انٽرنيشنل قانون جي معاملي طور پنهنجي ذميدارين تي لازمي فرض لاڳوُ نٿو ڪري.[5] "ٻين مُلڪن جي عدالتن پڻ اهو نتيجو ڪڍيو آهي تہ هي پڌرنامو گهريلو قانون (ڊوميسٽڪ لا) جو ڀاڱو (حصو) ناهي.[6][7]

جوڙجَڪ ۽ مَوادُ

سنواريو

عالمگير پڌرنامو جو بنيادي ڊول (گهڙت) ان جي ٻئي مسودي ۾ پيش ڪيو ويو هيو، جنهن کي رين ڪيسين تيار ڪيو هو. ڪيسين پهرِئين مسودي کان ڪم شروع ڪيو، جيڪو جان پيٽرز همفريءَ  تيار ڪيو هيو.اها گهڙت (بناوت) ڪوڊ نيپولين کان متاثر ٿيل هُئي، جنهن ۾ هڪ ديباچو ۽ تعارفي عام اصول پڻ شامل هُيا.[8] ڪيسين طرفان يوناني پورٽيڪو هيڪل مندر سان ان پڌرنامو جي ڀيٽَ ڪئي وئي هئي، جنهن جو بنياد، قدم، چار ڪالم ۽ هڪ پيڊيمنٽ آهي.

ان پڌرنامي ۾ هڪ ديباچو (پيش لفظ) ۽ ٽي مضمونَ (آرٽيڪلز) شامل آهن:

  • ديباچو ۾ تاريخي ۽ معاشرتي ڪارَڻن (سببن) ڏانهن لاڙو ڏيکاريو ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ پڌرنامو (ڊڪلئريشن) جو مسودو تيار ڪرڻ جي ضرورت پيش آئي.
  • آرٽيڪل 1کان2 عزت، آجپو (ڇوٽڪارو يا آزادي) ۽ برابري (هڪجهڙائي) جي بنيادي تصورَن کي قائم ڪري ٿو.
  • آرٽيڪل 3 کان 5 ٻين انفرادي حقن، جهڙوڪ جيئڻ (زندگي) جو حَقُ ڏيڻ ۽ غلامي ۽ ايذاءُ (پيڙاءُ، ٽارچر ڏيڻ) کان روڪَي (جهلي) ٿو.
  • آرٽيڪلز 6 کان–11 تائين انساني حقَن جي بڻيادي قانوني حيثيت جو حوالو ڏين ٿا، جن جي ڀڃڪڙي (خلاف ورزي) ڪرڻ تي ان جي دفاع جو تدارڪ(اُپاءُ) لاءِ حوالو ڏنو ويو آهي.
  • آرٽيڪلز 12۔کان17 تائين معاشري ڏانهن فرد جي حقَن (سميت چُرِپُر جي ڇُوٽَ يا آزادي جهڙن ڪمن) کي قائم ڪيو ويو آهي.
  • آرٽيڪلز 18– کان21 تائين نام-نهاد "آئيني آزادين" جي منظوري ڏني آهي، ۽ رُوحانِي، عوامي، ۽ سياسي آزادين، جهڙوڪ فڪر (وِيچار)، راءِ ڏيڻ، مذهب ۽ وويڪ (شعور)، ٻولَ، سميت فرد جي سانتيڪو (پُرامن) سَڀا (منڊلي، سنگت)ٽولو ٺاهڻ جا حَق شامل آهن.
  • آرٽيڪلز 22–کان27 تائين ۾ فرد جي معاشي، معاشرتي (سماجي) ۽ ثقافتي حقَن سان گڏوگڏ صيحت جي سارَسَنڀَالَ (هيلٿ ڪيئر) جي منظوري ڏني وئي آهي. آرٽيڪل 25 ۾ چيل آهي تہ:"سڀني ماڻهن کي پنهنجي ۽ پنهنجي ڪُٽِنبَ (خاندان) جي صيحت ۽ تُندرستي جي لاءِ جوڳو (برابر، مُناسب) معيار زندگي جو حقَ آهي، جنهن ۾ کاڌوپيتو، اوڍڻي (پوشاڪ،لباس، ويس وڳا)، گهر (رهائش) ۽ طبي سارَسَنڀال ۽ ضروري سماجي خدمتون (سوشل سروسز) شامل آهن." اهو جسماني ڪمزوري يا معذوري جي صورت ۾ سيڪيورٽي جي لاءِ واڌَارُو (اضافي) سهوليتون پڻ جوڙي ٿو، ۽ مائپڻو (پيٽ يا وِيم سان ماءُ) يا انجي ٻارَ جي ٻالڪپڻ (ننڍپڻ) ۾ سَارَسَنڀَالَ جو خاص ذڪر ڪري ٿو.[9]
  • آرٽيڪلز 28-کان30 تائين انهن حقَن جي عام استعمال جا طريقا ٻُڌايل آهن، جنِ شعبن ۾ فرد جا اهي حقَ لاڳُو نٿا ڪري سگهجن، ۽ اهو تہ اُهي فرد جي خلاف وس آڻي نٿا سگهجن.

اُهي مضمونَ (آرٽيڪلز) فرد جو معاشري ڏانهن خدمت (فرض- ڊيوٽي) ڪرڻ ۽ حقَن جي استعمال بابت گڏيل قومن جي تنظيم (يواين) جي مقصدن جي ڀڃڪڙين (خلاف ورزين) جي روڪَ سان لاڳاپيل آهن.[10]

پس منظر

سنواريو

ٻئي عالمي جنگ دوران، اتحادين جنگي مقصدن لاءِ پنهنجي بنيادي چارِ آزاديون هرهڪ، تقرير جي آزادي (فريڊم آف اسپيچ)، مذهب جي آزادي، ڊَپَ يا خوف کان آزادي ۽ آزادي جي خواهش اختيار ڪيون.[11][12] گڏيل قومن جو عهدنامو، خاص حق "بنيادي انساني حقن، ۽ انسان جي عزت ۽ لائق قدر تي اعتماد جي توثيق ڪئي آهي" ۽ سمورن ميمبر مُلڪن کي نسل، جنس، ٻولي، يا مذهب فرق بنا سڀني لاءِ انساني حقَ ۽ بنيادي آزادين جي لاءِ عالمي سطح تي احترام، ۽ ان جي مشاهدي کي فروغ ڏيڻ جو پَڪو پَهہ ڪيو آهي".[13]

رَچنا (تَخلِيقَ) ۽ مسودو نويسي

سنواريو

جون 1946 ۾، گڏيل قومن جي اقتصادي ۽ سماجي ڪائونسل انساني حقَن جي لاءِ ڪميشن قائم ڪئي، جنهن ۾ مُختلف قوميتن ۽ سياسي پسمنظر سان واسطورکندڙ 18 رُڪن (ميمبرَ) شامل هُيا. اها ڪميشن، گڏيل قومن جو هڪ مستقل ادارو هُئي، جنهن کي شروع ۾ انساني حقَن جي بين الاقوامي بل طور تصور ڪيل تياري جو ڪم شروع ڪرڻ جي لاءِ جوڙيو ويو هيو.[14]

قبوليت (ايڊوپشن)

سنواريو

ڊسمبر 10، 1948 تي پيرس، فرانس، جي پيلس ڊي چيلوٽ، ۾ ٿيندڙ گڏيل قومن جي ٽئين جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ عالمگير پڌرنامو کي قرارداد 217 طور منظور ڪيو هيو هو.[15] گڏيل قومن جي ان وقت 58 رڪنن (ميمبرز)[16] منجهان 48 ميبرن ان بل جي حق ۾ راءِ (ووٽ) ڏنو، ان بل جي خلاف ڪوبہ ووٽ نہ آيو،[17][18] هنڊوراس ۽ يمن ووٽ وجهڻ ۾ ناڪام يا ووٽ ڏيڻ کان حصو نہ ورتو.[19] گڏجاڻي جو رڪارڊ[20] بحث جي باري ۾ مڪمل پرک ڏئي ٿو.ڏکڻ آفريڪا پنهنجي نسلي متڀيد سرشتو جي بچاءُ جي ڪوشش طور، پڌرنامو ۾ ڪيترن ئي آرٽيڪلز جي چٽيءَ ريت ڀڃڪڙي ڪئي.[17] سعودي عرب جو وفد بنيادی طور پڌرنامو جي ٻن مَضمونن (آرٽيڪلز): آرٽيڪل 18، جنهن ۾ لکيل آهي تہ هر ماڻهوءَ کي "پنهنجو عقيدو يا مذهب کي تبديل ڪرڻ جو حق آهي"، ۽ آرٽيڪل 16، شادي جا برابري حقَ،[17] ڏيڻ کان پاسيرو رهيو. ڇھ ڪميونسٽ مُلڪن پاران ووٽ وجهڻ کان پاسيرو رهڻ جو سبب هي هيو تہ اهو پڌرنامو فاش اِزم ۽ نازي اِزم جي مُذمت ڪرڻ ۾ ڪافي حد تائين اڳتي نٿو وَڌي.[21] الينور روزويلٽ سوويت بلاڪ جي مُلڪن پاران نظرانداز کي آرٽيڪل 13 سان ڳنڍيو، جنهن تحت شهرين کي پنهنجا مُلڪ ڇڏڻ جو حَق ڏنو ويو آهي.[22]

 
Voting in the plenary session:
Green countries: voted in favour;
Orange countries: abstained;
Black countries: failed to abstain or vote;
Grey countries: were not part of the UN at time of voting

پڌرنامو جي حَقَ ۾ ووٽ وجهندڙ اُهي 48 مُلڪَ هيٺئين ريت آهن:[23]

a. ^ ڪينيڊا جي جان پيٽرز همفري جي مرڪزي ڪردار جي باوجود، ڪينيڊين حڪومت پهرئين تہ پَڌَرِنَامَو جي مَسِوَدَي تي ووٽ وجهڻ کان پاسيري رهي، پَر پوءِ گڏيل قومون جي جنرل اسيمبلي ۾ حتمي مسودي جي حق ۾ ووٽ ڏنائين.[24]

اَٺَ مُلڪَ ووٽ وَجهڻ کان پاسيرا رهيا:[23]

ٻن مُلڪن ووٽ نہ ڏنا:

انساني حقن جو عالمي ڏينهن

سنواريو
اصل مضمون جي لاءِ ڏسو انساني حقن جو ڏينهن

انساني حقن جي پڌرنامو جو ڏينهن هر سال ڊسمبر 10، تي ملهايو ويندو آهي، ۽ انکي انساني حقن جو عالمي ڏينهن يا انساني حَقن جو ڏهاڙو سڏيو ويندو آهي. ان ڏهاڙي جي تقريب فردن، برادري ۽ مذهبي گروهن، انساني حقن جي تنظيمن، پارليامينٽس، حڪومتن ۽ گڏيل قومن پاران ملهايو ويندي آهي.پڌرنامو جي يادگيري ۽ انساني حقن بابت پرک (شعور) اجاڳر ڪرڻ لاءِ ڏهاڪن کان اڪثر مهمون هلنديون آهن. 2008 ۾ ان پڌرنامو جي 60هين سالگرهہ ملهائي وئي ، ۽ ان سان گڏوگڏ "اسان سڀني لاءِ عزت، وقار ۽ نياءُ (انصاف)" جي مرڪزي خيال (ٿِيم) چئوگرد سمورو سال جون سرگرميون هلنديون رهيون.[25]

اهميت ۽ قانوني اثر

سنواريو
 
In miniature book

1948 ۾، گڏيل قومن جي قرارداد اي/آر اي ايس/217 (III) [اي] انگريزي ۽ فرانسيسي ۾ ٻنهين ٻولين واري دستاويز بابت پڌرنامو، ۽ چيني، روسي ۽ اسپينش ٻولي ۾ سرڪاري ترجما ڪيا ويا.[26]

قانوني اثر

سنواريو

جڏهن تہ هي پڌرنامو پاڻ هڪ معاهدو نہ هيو، گڏيل قومن جي چارٽر ۾ "بنيادي آزادين" ۽ "انساني حقن" جي لفظن جي معني جي وضاحت جي مقصد لاءِ هي پڌرنامو چِٽيءَ ريت قبول ڪيو ويو، جيڪو سمورن ميمبر مُلڪن تي لاڳو (پابند) ٿئي ٿو.انهيءَ ڪري، انساني حقن جو آفاقي پڌرنامو (منشور، دستور) گڏيل قومن جي هڪ بنيادي جُزو دستاويز آهي. انکانسواءِ، ڪيترن ئي بين الاقوامي وڪيلَن جو خيال آهي تہ هي پڌرنامو روايتي بين الاقوامي قانون جو هڪ حصو بڻجي ٿو ۽ جيڪو بہ مُلڪ ان جي ڪنهن بہ آرٽيڪل جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو تہ ان پڌرنامو وسيلي حڪومتن تي سُفارتي ۽ اخلاقي دٻاءُ وجهڻ جي لاءِ هڪ سگهارو ذريعو آهي.[27][28][29][30] believe that the Declaration forms part of customary international law[31]

پلٽاءُ (ريئڪشن)

سنواريو

انساني حقن جي عالمي پڌرنامو کي ڪيترن ئي ذڪر لائق ماڻهن پاران واکاڻِ (ساراهہ) ملي آهي.

تنقيد- پرک

سنواريو

اسلامي مُلڪَ

سنواريو

ترڪي جيڪو هڪ سيڪيولر رياست آهي، جنهن ۾ مسلمانن جو وڏو آبادي آهي، تنهن 1948 ۾ اِنَ پڌرنامي تي دستخط ڪيا.[32] تنهن هوندي، ساڳئي سال، سعودي عرب ان پڌرنامو تي توثيق جي حق راءِ ڏيڻ (ووٽ) کان پاسيرو (پرهيز) رهيو، ۽ هيءَ دعويٰ ڪيائين تہ ان سان شرعي قانون جي خلاف ورزي ٿئي ٿي.[33] پاڪستان — جنهن پڻ ان پڌرنامو تي دستخط ڪيا هيا، تنهن سعودي موقف سان اختلاف ۽ تنقيد ڪئي.[34] پاڪستاني وزيراعظم محمد ظفراللہ خان مذهب جي آزادي کي شامل ڪرڻ جي حق ۾ سختي سان اثرائتا دليل ڏنا.[35] سال 1982 ۾، گڏيل قومن ۾ ايران جي نمائندي، سيد راجيئي۔خراساني چيو تہ پڌرنامو "يهودي - عيسائي روايت جي سيڪيولر تفهيم" آهي، جنهن کي شريعت سان تنازعو جي بغير مسلمان نافذ نٿا ڪري سگهن.[36] جون 30, 2000 تي، اسلامي ڪانفرنس (هاڻي تنظيم اسلامي تعاون تنظيم) جي رڪنن اسلام ۾ انساني حقن بابت قاهرہ پڌرنامو کي باضابطا (آفيشلي) طور تي عزم ڏيکاريو، هڪ متبادل دستاويز[37] جنهن ۾ چيل هيو تہ "ماڻهن کي آزادي ۽ هڪ باوقار زندگي جو حق حاصل آهي، اسلامي شريعا جي مطابق، ڪنهن فرق کان بغير "نسل، رنگ، ٻولي، جنس، مذهبي عقيدو، سياسي وابستگي، معاشرتي حيثيت يا ٻيا تحفظات" جي بنياد تي حق آهن.

"مارڻ کان انڪار ڪرڻ جو حق"

سنواريو

ايمنسٽي انٽرنيشنل[38] ۽ وار ريزسٽرز انٽرنيشنل[39] جهڙن گروپن عالمگير پڌرنامو ۾ شامل "مارڻ کان انڪار ڪرڻ جو حَق" جي وڪالت ڪئي آهي.

آمريڪن اينٿروپولوجيڪل ايسوسيئيشن

سنواريو

آمريڪن اينٿروپولوجيڪل ايسوسيئيشن يوڊي ايڇ آر UDHR کي تنقيد جو نشانو بڻايو، جڏهن هي مسودو تياري جي عمل ۾ هيو.

بينڪاڪ پڌرنامو

سنواريو

1993 ۾ منعقد ٿيل انساني حقن بابت عالمي ڪانفرنس جي اڳواڻي دوران، ايشيائي رياستن جي ويزن بينڪاڪ پڌرنامو کي هنج ورتو (ايڊوپٽيڊ)، ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن ۽ انساني حقن جي عالمي پڌرنامو جي باري ۾ پنهنجي حڪومتن جي عزم جي توثيق ڪئي.

موت جي سزا

سنواريو

پڌرنامو ۾ موت جي سزا بابت ڪوئي چٽو (واضح) مؤقف ناهي ورتو ويو. آرٽيڪل 5 ۾ چيل آهي تہ: "ڪنهن تي بہ تشدد (ٽارچر) يا ظالماڻو، غير انساني يا بدنام ڪرڻ يا هيٺانهون ڏيکارڻ وارو سُلوڪ يا سزا جو نشانو نہ بڻايو ويندو."

يو ڊي ايڇ آر کي پروموٽ ڪندڙ تنظيمون

سنواريو

انٽرنيشنل فيڊريشن آف هيومن رائٽس

سنواريو

ايمنسٽي انٽرنيشنل

سنواريو

ڪوئيڪر گڏيل قومون آفيس ۽ آمريڪن فرينڊس سروس ڪاميٽي

سنواريو

آمريڪن لائبريري ايسوسيئيشن

سنواريو

يوٿ فار هيومن رائٽس انٽرنيشنل

سنواريو

پڻ ڏسو

سنواريو

انساني حَقَ

سنواريو

غير-پابند-ٿيل معاهدا

سنواريو

انساني حقن جو بين الاقوامي قانون

سنواريو

ٿنڪرز انفليوئنسنگ دي ڊيڪليرئيشن

سنواريو
  1. "A/RES/217(III)". UNBISNET. حاصل ڪيل 24 May 2015. 
  2. "Universal Declaration of Human Rights". www.un.org. حاصل ڪيل 2020-01-26. 
  3. Henry J Steiner and Philip Alston, International Human Rights in Context: Law, Politics, Morals, (2nd ed), Oxford University Press, Oxford, 2000.
  4. Hurst Hannum, The universal declaration of human rights in National and International Law, p.145
  5. Sosa v. Alvarez-Machain, 542 U.S. 692, 734 (2004).
  6. "What is the Universal Declaration of Human Rights?". www.amnesty.org.uk. حاصل ڪيل 2020-01-26. 
  7. Posner, Eric (2014-12-04). "The case against human rights | Eric Posner" (en-GB ۾). The Guardian. ISSN 0261-3077. https://www.theguardian.com/news/2014/dec/04/-sp-case-against-human-rights. 
  8. Glendon 2002, pp. 62–64.
  9. Universal Declaration of Human Rights, United Nations 
  10. Glendon 2002, Chapter 10.
  11. "FDR, "The Four Freedoms," Speech Text |". Voicesofdemocracy.umd.edu. حاصل ڪيل April 25, 2018. 
  12. Bodnar, John, The "Good War" in American Memory. (Maryland: Johns Hopkins University Press, 2010) 11
  13. "United Nations Charter, preamble and article 55". United Nations. حاصل ڪيل 2013-04-20. 
  14. Morsink 1999, p. 4
  15. "Palais de Chaillot. Chaillot museums.". Paris Digest. حاصل ڪيل 2018-12-31. 
  16. "Growth in United Nations membership, 1945–present". www.un.org. حاصل ڪيل 2018-02-01. 
  17. 17.0 17.1 17.2 CCNMTL. "default". Center for New Media Teaching and Learning (CCNMTL). Columbia University. حاصل ڪيل 2013-07-12. 
  18. UNAC. "Questions and answers about the Universal Declaration of Human Rights". United Nations Association in Canada (UNAC). صفحو. "Who are the signatories of the Declaration?". وقت 2012-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. 
  19. Jost Müller-Neuhof. "Menschenrechte: Die mächtigste Idee der Welt". Der Tagesspiegel (ٻولي ۾ German). حاصل ڪيل 2013-07-12. 
  20. United Nations. "default". حاصل ڪيل 2017-08-30. 
  21. Peter Danchin. "The Universal Declaration of Human Rights: Drafting History – 10. Plenary Session of the Third General Assembly Session". حاصل ڪيل 2015-02-25. 
  22. Glendon 2002, pp. 169–70
  23. 23.0 23.1 "Yearbook of the United Nations 1948–1949 p 535" (PDF). وقت September 27, 2013 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 24 July 2014.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  24. Schabas, William (1998). "Canada and the Adoption of Universal Declaration of Human Rights". McGill Law Journal 43: 403. http://www.lawjournal.mcgill.ca/userfiles/other/5890478-43.Schabas.pdf. 
  25. "The Universal Declaration of Human Rights: 1948–2008". گڏيل قومون. حاصل ڪيل 15 February 2011. 
  26. "A/RES/217(III)". UNBISNET. حاصل ڪيل 13 Jun 2017. 
  27. John Peters, Humphrey (23 May 1979). "The universal declaration of human rights, Its history, impact andjuridical character". in Bertrand G., Ramcharan. Human Rights: Thirty Years After the Universal Declaration : Commemorative Volume on the Occasion of the Thirtieth Anniversary of the Universal Declaration of Human Rights. The Hage: Nijhoff. pp. 37. ISBN 90-247-2145-8. https://books.google.com/books?id=favRCKyN-_IC&pg=PA21. 
  28. Sohn, Louis B. (1977). "The human rights law of the charter". Texas International Law Journal 12: 133. ISSN 0163-7479. https://heinonline.org/HOL/LandingPage?handle=hein.journals/tilj12&div=18&id=&page=. Retrieved 2018-03-21. 
  29. Myres S., McDougal; Lasswell, Harold D.; Chen, Lung-chu. "Human Rights and World Public Order: A Framework for Policy-Oriented Inquiry". Faculty Scholarship Series. Yale Law School. صفحا. 273–274, 325–327. حاصل ڪيل 2018-03-21. 
  30. Anthony A. D'Amato (1987). International law: process and prospect. Transnational Publishers. pp. 123–147. ISBN 978-0-941320-35-1. https://books.google.com/books?id=9CuPAAAAMAAJ. 
  31. Office of the High Commissioner for Human Rights. "Digital record of the UDHR". United Nations. 
  32. "Universal Declaration of Human Rights". حاصل ڪيل 2015-10-30. 
  33. Nisrine Abiad (2008). Sharia, Muslim states and international human rights treaty obligations: a comparative study. BIICL. pp. 60–65. ISBN 978-1-905221-41-7. https://books.google.com/books?id=dex7TKuoUhgC. 
  34. Price 1999, p. 163
  35. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Hashemi
  36. Littman, D (February–March 1999). "Universal Human Rights and Human Rights in Islam". Midstream. Archived from the original on 2006-05-01. https://web.archive.org/web/20060501234759/http://mypage.bluewin.ch/ameland/Islam.html. 
  37. "Resolution No 60/27-P". Organisation of the Islamic Conference. حاصل ڪيل 2011-06-02. 
  38. Out of the margins: the right to conscientious objection to military service in Europe: An announcement of Amnesty International's forthcoming campaign and briefing for the UN Commission on Human Rights, 31 March 1997. Amnesty International.
  39. A Conscientious Objector's Guide to the UN Human Rights System, Parts 1, 2 & 3, Background Information on International Law for COs, Standards which recognise the right to conscientious objection, War Resisters' International.

وڌيڪ پڙهڻ

سنواريو

ٻاهريان ڳنڍڻا

سنواريو

سانچو:Wikiversity

آڊيو ويزيوئل مٽيريل

سنواريو


حوالي جي چڪ: "lower-alpha" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="lower-alpha"/> نہ مليو