وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون

وڪيپيڊيا ۾ چونڊ مضمون

هن تاري مان مراد چونڊ مواد آهي.

چونڊ مضمونن کي وڪيپيڊيا پاران ڪجهه بهترين مضمونن طور تصور ڪيو ويندو آهي، مضمونن جي چونڊ وڪيپيڊيا جا منتظمين ڪندا آهن. چونڊ مضمونن کي وڪيپيڊيا جا سواريندڙ، مضمونن کي سوارڻ وقت هڪ مثال طور اڳيان رکندا آهن. هتي مضمون شامل ڪرڻ کان اڳ، چونڊ مضمون جا اميدوار ۾ چونڊ مضمونن جي معيار مطابق مضمونن جي صداقت، غيرجانبداري، پورائي، ۽ نموني جو جائزو ورتو ويندو آهي. هتي 13,686 مضمونن مان 4 مضمونن جي چونڊ ڪئي وئي آهي، جيڪو سمورن مضمونن جو لڳ ڀڳ 0 سيڪڙو ٿي ٿو. چونڊ مضمون جيڪڏهن معيار تي پورا نه لهندا هجن انهن کي سڌارڻ يا چونڊ مضمونن مان هٽائڻ لاءِ چونڊ مضمونن جو ٻهير جائزو ورتو ويندو آهي.

موبائيل کان سواءِ اسان جي ويب سائيٽ ۾ کاٻي پاسي کان مضمون جي مٿان، تاري جي نشان (This star symbolizes the featured content on Wikipedia.) مان مراد چونڊ مضمون جي تصديق هوندو آهي. موبائيل ۾ اهو تارو نظر نه اچي ته اوهان "ميزڀر" کي ڪلڪ ڪري، چونڊ مضمون هجڻ بابت ڄاڻي سگھو ٿا.

اختصار:
چونڊ مضمون

چونڊ مواد:

اوزار چونڊ مضمون:


فهرست


ايڊنبرا يا ايڊمبرا جي شهر جو ڏيکُ
اسڪاٽلينڊ جي راڄڌاني شهر، ايڊنبرا ڪيسل يا محلات کان ايڊنبرا جو هڪ پينوراما، جنهن جي وچ ۾ نيو ٽائون ۽ ساڄي پاسي ڪالٽن هِل آهي ايڊنبرا جي سڀني نظارن کي ڏيکاريندڙ تصوير (پينوراما) جو ھڪ ڏيک

ايڊنبرا (Edinburgh) اسڪاٽلينڊ جي گاديءَ جو ھنڌ آھي ۽ ھيءُ اسڪاٽلينڊ جي 32 ڪائونسل ايراضين (Council Areas) مان ھڪ آھي. تاريخي طور ھي مڊلوٿيان (Midlothian) ڪائونٽي جو حصو ھو. ھيءُ شھر لوٿيان واري علائقي ۾ فرٿ آف فورٿ (Firth of Forth) جي ڏاکڻين ڪنڌيءَ تي آباد آھي. ھن شھر کي 15ھين صدي عيسويءَ ۾ اسڪاٽلينڊ جي گاديءَ جو ھنڌ مقرر ڪيو ويو. اسڪاٽش حڪومت، اسڪاٽلينڊ جي پارليامينٽ ۽ سپريم ڪورٽ ھن شھر ۾ قائم آھن. ھوليروڊھائوس محل (Holyroodhouse Palace) برطانيہ جي راڻيءَ جي سرڪاري رھائشگاھ آھي. ھيءُ شھر تعليم جو وڏو مرڪز رھيو آھي ۽ ھتي ميڊيڪل، سائنس، انجنيئرنگ، قانون ۽ فلاسافيءَ جي تعليم ۽ کوجنا جون سھولتون موجود آھن. ھتي جي شاندار تاريخي ۽ ثقافتي ورثي کي ڏسڻ لاءِ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان لکين ماڻھو ھي شھر گھمڻ اچن ٿا. 2016ع جي انگن اکرن موجب اٽڪل 1750000 سياح ھر سال ھتي اچن ٿا.


نومبر 1949 ۾ ڍنڍ سڪسيس، نيو يارڪ وٽ، ايلينور روزويلٽ انساني حقن جو عالمگير پڌرنامو جو پوسٽَرُ (انگريزيءَ ۾ لکيل)، جهليون بيٺل آهي

انساني حقن جو عالمگير پڌرنامو (يو ڊي ايڇ آر) هڪ تاريخي دستاويز آهي، جنهن کي 10 ڊسمبر 1948 تي فرانس جي شهر پيرس ۾ پيليس ڊي چيلوٽ وٽ ٿيل گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ پنهنجي ٽئين اجلاس ۾ هڪ قرارداد 217 طور منظور ڪيو هيو. گڏيل قومن جي ان مهل جي 58 ميمبرن منجهان 48 ميمبرن ان جي حق ۾ ووٽ ڏنو، ان جي خلاف ڪوبہ ووٽ نہ آيو، ۽ ٻن ميمبرن ووٽ نہ ڏنو. پڌرنامو (اعلان) ۾ ڪنهن فرد جي حقن جي پَڪ (تصدیق) ڪندڙ 30 مضمونَ (آرٽيڪل) شامل آهن، جيتوڻيڪ ڪنهن فرد تي قانوني طور پابند ناهي، جيڪي بين الاقوامي ٺاهن (معاهدن)، معاشي مٽاسٽا، علائقائي انساني حقن جا دستاويز، قومي راڄ ريتي (دستور- آئين)، ۽ ٻين قانونن جي وضاحت ڪيل آهي. اهو پڌرنامو انساني حقن جي بين الاقوامي بل (انٽرنيشنل بل فار هيومن رائٽس) کي رُوپ ڏيڻ واري عمل جو پهريون قدم هيو، جيڪو سن 1966 ۾ مڪمل ٿيو هيو، ۽ سال 1976 ۾ ان تي عمل ٿيو هيو، جنهن کانپوءِ ڪيتري ئي تعداد ۾ مُلڪن ان جي پَڪ (توثيق، منظوري ڏني) ڪئي هئي.



سيف سميجو، ميوزڪ ميلو، اسلام آباد ۾ پرفارم ڪري رهيو آهي


سيف سميجو هڪ موسيقار، گيت لکندڙ ۽ پاڪستاني صوفي، لوڪ بينڊ دي اسڪيچس جي اڳواڻي ڪندڙ راڳي (ڳائڻو) سميت باني آهي. مئي 2014 ۾ هن حيدرآباد، سنڌ ۾ پهريون ميوزڪ آشرم (اسڪول) کوليو، جنهن جو نالو "لاهوتي ميوزڪ آشرم" آهي.  هن ڪوڪ اسٽوڊيو ۾ داستان مومل راڻو تي موسيقي تيار ڪئي آهي. مستقل مزاجي سان دي اسڪيچس جا گيت جهڙوڪ ننڊ نشي ويچ، راڻو، رات، مين صوفي هون، مينا نہ رُڳو سنڌ ۾ پَر پوري پاڪستان ۾ مقبول هٽ ٿيا. ويجهر ۾ هڪ نئون ميوزڪ البم تون (انگريزي: يُو) ۽ هڪ نئون گانو جوڳي لائونچ ڪيو ويو آهي.. سيف موسيقيءَ ۾ اصل راجسٿاني تڙڪو پيش ڪرڻ لاءِ مائي ڌائي سان ملي ڪري گانا ڳايا آهن، انکانسواءِ سندس ويچارَ هيا تہ لاهوتي ميوزڪ آشرم وسيلي ٻين فنڪارن سان گڏ پڻ تعاون ڪيو ويندو.


ڪرونا جي مريضن جو تعداد گھٽايو، ھڪٻئي کان سماجي وِٿي رکو
ڊگهي عرصي تائين انفيڪشنز جي پکڙجڻ جي اثر جو خاڪو،جنهن کي موڙ کي سپاٽ ڪرڻ (flattening the curve) سڏين ٿا؛ خاڪي ۾ سِر کي گهٽائڻ سان ماڻهن جي صيحت جي سارسنڀال جون سهولتن کي بهتر انداز هلائڻ ۽ وڌيڪ تياري جو وقت ملندو آهي


سماجي وٿي، سماجي وڇوٽي،(انگريزي ٻولي: Social distancing) يا جسماني وڇوٽي (انگريزي ٻولي: physical distancing)، ماڻهن جي وچ ۾ جسماني وڇوٽي (فاصلو) رکڻ ۽ ماڻهن جو هڪٻئي سان ويجهو رابطو ۾ اچڻ جي تعداد کي گهٽائي هڪ پکڙجندڙ (متعدي) روڳ (بيماري) جي پکڙجڻ کي روڪڻ جي لاءِ غير دواسازي مداخلت يا عمل جو هڪ سيٽ آهي. سماجي وِٿيءَ ۾ ٻين ماڻهن کان ڇهہ فُٽ يا ٻہ ميٽر جي وِٿي (وڇوٽي، فاصلو) رکڻ ۽ وڏن گروهن (گروپن) جي ميڙ ۾ گڏ ٿيڻ کان پاسو ڪرڻ شامل آهي.


اپریل 5 , 2020 تائين پاڪستان ۾ ڪووڊ 19 (ڪوروناوائرس روڳ (ڊزيز)2019) پکڙجڻ جو نقشو۔ آگاھ رھو تہ ھي تيزيءَ سان اُڀرندڙ صورتحال آھي تنھنڪري، ممڪن آھي تہ نئون معاملن جي ھتي ھن مضمون ۽ نقشو ۾ تُرت طور تي نمائندگي نہ ڪيل ھجي۔ پاڪستان ۾ بنيادي مضمون 2020 ۾ ڪورونا وائرس پکڙجڻ يا تازي رپورٽ ٿيل ڪيس جي معلومات جي لاءِ ڏسو.

ڪورونا وائرس جي مها وبا ڊسمبر 2019 ۾ پوري دنيا ۾ پکڙجڻ شروع ٿي ۽ ان جي اثرن پاڪستان ۾ فيبروري 2020 کان اچڻ شروع ڪيو.

15 مارچ 2020 تائين پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ٿيل ماڻهن جي ڳڻپ (تعداد) 53 آهي. جن منجهان 3 ماڻهو صحتياب ٿي چُڪا آهن.وائرس جي پکڙجڻ ۾ تافتان ۾ رهندڙ زائرين جو ڪردار:ايران کان واپس موٽي آيل زائرين کي تفتان ۾ چڪاسيو (ڪرنتين) ڪيو ويو پر ٻن هفتن کانپوءِ سنڌ، خيبرپختونخوا، پنجاب ڏانهن اچڻ کانپوءِ انهن ۾ ڪورونا وائرس لڀيو ويو جنهن سان وائرس کان متاثر ٿيل ماڻهو جو تعداد 53 کان هڪ دم وَڌي 184 ٿي ويو. 16 مارچ 2020 تائين تفتان ۾ رهندڙ ايران کان آيل زائرين جو سڀ کان وڏو تعداد سکر پهتو جنهنڪري سکر ۾ ڪورونا وائرس جي متاثر ٿيل ماڻهن جو تعداد 100 جي لڳ ڀڳ پهچي ويو. ڪراچي ۾ 26 ۽ حيدرآباد ۾ هڪ مريض سامهون آيا. سموري ملڪ ۾ مريضن جو تعداد 184 ٿي ويو.


اپریل 5 , 2020 تائين پاڪستان ۾ ڪووڊ 19 (ڪوروناوائرس روڳ (ڊزيز)2019) پکڙجڻ جو نقشو۔ آگاھ رھو تہ ھي تيزيءَ سان اُڀرندڙ صورتحال آھي تنھنڪري، ممڪن آھي تہ نئون معاملن جي ھتي ھن مضمون ۽ نقشو ۾ تُرت طور تي نمائندگي نہ ڪيل ھجي۔ پاڪستان ۾ بنيادي مضمون 2020 ۾ ڪورونا وائرس پکڙجڻ يا تازي رپورٽ ٿيل ڪيس جي معلومات جي لاءِ ڏسو.

ڪورونا وائرس جي مها وبا ڊسمبر 2019 ۾ پوري دنيا ۾ پکڙجڻ شروع ٿي ۽ ان جي اثرن پاڪستان ۾ فيبروري 2020 کان اچڻ شروع ڪيو.

15 مارچ 2020 تائين پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ٿيل ماڻهن جي ڳڻپ (تعداد) 53 آهي. جن منجهان 3 ماڻهو صحتياب ٿي چُڪا آهن.وائرس جي پکڙجڻ ۾ تافتان ۾ رهندڙ زائرين جو ڪردار:ايران کان واپس موٽي آيل زائرين کي تفتان ۾ چڪاسيو (ڪرنتين) ڪيو ويو پر ٻن هفتن کانپوءِ سنڌ، خيبرپختونخوا، پنجاب ڏانهن اچڻ کانپوءِ انهن ۾ ڪورونا وائرس لڀيو ويو جنهن سان وائرس کان متاثر ٿيل ماڻهو جو تعداد 53 کان هڪ دم وَڌي 184 ٿي ويو. 16 مارچ 2020 تائين تفتان ۾ رهندڙ ايران کان آيل زائرين جو سڀ کان وڏو تعداد سکر پهتو جنهنڪري سکر ۾ ڪورونا وائرس جي متاثر ٿيل ماڻهن جو تعداد 100 جي لڳ ڀڳ پهچي ويو. ڪراچي ۾ 26 ۽ حيدرآباد ۾ هڪ مريض سامهون آيا. سموري ملڪ ۾ مريضن جو تعداد 184 ٿي ويو.


Liberty-statue-from-below.jpg

آمريڪا جون گڏيل رياستون:(انگريزي: United States of America) جنهن کي يونائيٽيڊ اسٽيٽس، يو ايس يا آمريڪا به چيو ويندو آهي، 50 رياستن تي مشتمل هڪ جمهوري ملڪ آهي. هي ملڪ اتر آمريڪا کنڊ ۾ واقع آهي. هتان جي گادي جو هنڌ واشنگٽن ڊي سي ۽ سڀ کان وڏو شهر نيويارڪ آهي. 50 مان 48 رياستون هڪ ئي هنڌ ڪئناڊا جي ڏکڻ ۽ ميڪسيڪو جي اتر ۾ واقع آهن، جڏهن ته هڪ رياست الاسڪا باقي ملڪ کان پري ڪئناڊا جي اولھ ۾ ۽ ٻي رياست هوائي باقي ملڪ جي اولھ ۾ پئسفڪ سمنڊ ۾ آهي. آمريڪا جي واشنگٽن رياست اهم رياست آهي آمريڪا جي ڪل آبادي 32 ڪروڙ آهي ۽ هي آبادي جي لحاظ کان دنيا جو ٽيون وڏو ملڪ آهي. هي ملڪ 1776 ۾ قائم ٿيو. ناڻي ۽ فوجي طاقت جي لحاظ کان دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ طاقتور آهي.


گڏاپ.

موکي ۽ متارا (سنڌي: Mokhi and Matara) (ساقي ۽ بچنال) شراب خانو، هوٽل وغيرہ ۾ شراب وڪرو ڪرڻ جي تختي جي پويان شراب آڇيندڙ هڪ سنڌي ناري، "موکي" جي مشهور لوڪ ڪهاڻي آهي، جنهن ڪيٻائيندي طور متارا لاءِ زهريلي "مانڌ" (مَڌُ، شراب) پيش ڪرڻ جي خدمت ڏني، اَٺ هٺيلا بهادر نوجوان مرد جِن سندس مي خانو (شراب جو گُتو) تي هليا آيا ۽ ان جام سان ڀريل شراب پيئڻ کانپوءِ انهن جي موت ٿي وئي. هي متارا (باچو جا ڀڳت ، جوڳي هيا) سندن تعلق چنا، چوهاڻ، سما ۽ سومرا ذات سان هيو جيڪي سنڌ جي ريگستاني علائقي ڪوهستان ۾ هڪ علائقي ساري جا ذڪر لائق جوڌا هيا. انهن جا مقبرا اڄ تائين ڪراچي جي تعلقي گڏاپ ۾ ناراٿر جي هيٺانهين جابلو ميدان ۾ موجود آهن



عزيز ڪنگراڻي.

عزيز ڪنگراڻي انگريزي (Aziz Kingrani) جو اصل نالو عزيزالله ولد سومار خان ڪنگراڻي آهي. ھي سنڌ جو ناميارو ليکڪ ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار، شاعر، محقق ۽ مؤرخ آھي. ھن ڪيترائي سنڌي اردو ڊراما لکيا جيڪي پاڪستان ٽيليويزن نيٽورڪ ڪراچي سينٽر ۽ نجي سنڌي چينلن تي ٽيلي ڪاسٽ ٿيا. هن قلمڪار جي شاعري، ڪهاڻين، تاريخ ۽ تحقيق بابت سنڌي ۽ انگريزي ۾ ڪتاب شايع ٿيل آهن. سندس پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي تان 13 کان مٿي انفرادي ڊرامه ٽيليڪاسٽ ٿيل آهن جن ۾ وسڪاري کانپوءِ، شفق، زندگيءَ جو امر گيت، سمنڊ تي لڪير ، ڇاند، محبتُن جو الميو، پاڻي تي ليڪا ذڪر لائق آهن. پي ٽي وي ڪراچي تان اردو ۽ سنڌيءَ ۾ لکيل سندس اردو ڊرامه سيريل، جيت، جلتي سورج ڪي نيچي ۽ سنڌي سيريل ڪونج، ڪنارو، ڇوٽڪارو ۽ وفائن کانپوءِ مقبوليت ماڻي. جڏهن ته نجي سنڌي چئنل ڪي ٽي اين ۽ سنڌ ٽي وي تان سندس ڪيترائي انفرادي ڊرامه توڙي سيريل ٽيليڪاسٽ ٿيل آهن جن وڏي مقبوليت ماڻي. انهن ۾ ڳاڙهي، ڪارو گلاب، زنجيرون، آڙاھ، خزائن کانپوءِ،ڪڏهن ته ملنداسين، ڪارو سج، خالي هٿ، دام، هوءَ منهنجي نه هُئي، پيار گرهڻ، ڪا سار ته لهبي آ، عشق آتش، وڇوٽي جي لڪِير, ۽ ٻيا ڪيترائي ڊرامه شامل آهن.

سندس سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ 13 ڪتاب ڇپيل آهن ۽ هڪ سهڪاري مرتب طو رشايع ٿيل آهي. سندس ڪتاب سنڌي ٻولي جو با اختيار ادارو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي، سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي، روشني پبليڪيشن حيدرآباد، نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچي ۽ ٻين ادارن پاران ڇپايل آهن.



مها سنان گھاٽ، موهن جو دڙو.

مها سنان گھاٽ، موهن جو دڙو (انگريزي:Great Bath Mohenjo-daro) مهان سنان گھاٽ موهن جو دڙو قديم سنڌو سڀيتا جي سنڌ پاڪستان ۾ منهين جي دڙي  جي آثارن يا کنڊرات منجهان ڄاتل سڃاتل اڏاوت ۽ عالمي ورثو ماڳ آهي. قديم آثارن جي علم جون شاهديون اشارو ڪن ٿيون ته مها سنان گھاٽ قبل مسيح جي ٽئين ڏهاڪي ۾ مٿاهين اڀريل دڙي کان جلد پوءِ تعمير ڪيو ويو هو.

مها سنان گھاٽ، موهن جو دڙو جو هڪ ڏيک

مها سنان گھاٽ کي  قديم دنيا جو عام ماڻهن لاءِ آڳاٽو ترين پاڻي جو گھاٽ يا تلاءُ سڏيو ويو آهي. هن جي ماپ 11.88×7.01 ميٽر آهي ۽ ان جي گهرائي يا اونهائي 2.43 ميٽر آهي. مها سنان گھاٽ ۾ لهڻ لاءِ اتر کان ٻه ويڪريون ڏاڪڻون ۽ ڏکڻ کان هڪ ڏاڪڻ آهي.  ڏاڪڻن وٽ هڪ ميٽر ويڪرو ۽ 40 سينٽي ميٽر اوچي دڙي جيان اڏاوت موجود آهي. گھاٽ  ۾ هڪ ڪناري وٽ سوراخ به مليو آهي جيڪو  پاڻي  وجهڻ يا ڇوڙڻ لاءِ ڪم آندو ويندو هوندو. گھاٽ جو فرش مضبوط ڪيل آهي جيڪو سرون رکي مٽي ۽ هڪ قسم جي مصالحي سان ٻڌل آهي. پاسي واريون ديوارون به ساڳي نموني جوڙيل آهن. گھاٽ کي وڌيڪ مضبوط ۽ واٽر پروف ڪرڻ لاءِ هڪ خاص مصالحو (Bitumen) گھاٽ جي سائيڊن سان ۽ اندازي موجب فرش تي به استعمال ڪيل هئا. سرن جون لڙهون اتر، اوڀر ۽ ڏکڻ ڪنار وٽ ڍڪيل آهن. محفوظ ڪيل ڪالمن کي ڪَنار سان ڏاڪا هئا. اهي ڪاٺ جي تختي يا دريءَ نما فريم سان بيهاريل هئا. گھاٽ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ٻه دروازا هئا. هڪ ڏکڻ کان ۽ ٻيو اتر اولھ کان هو. گھاٽ جي اڏاوت جي ڪنار سان سلسليوار ڪمرا هئا ۽ هڪ ڪمري ۾ کوھ هو جيڪو شايد پاڻي جي کوٽ وقت گھاٽ کي ڀرڻ لاءِ ڪم آيو ٿي. گھاٽ جي ڀرڻ لاءِ مينهن جو پاڻي گڏ ڪيو ويندو هوندو پر اهڙي اندر ڇوڙ واري اڏاوت نه ملي آهي. اهو ڊگهو گھاٽ واٽر پروف سرن سان جوڙيو ويو هوندو. اڪثر ماهر ان سان متفق آهن ته مها شنان گھاٽ خاص مذهبي ڏڻن ملهائڻ لاءِ جوڙيو ويو هوندو جتي پاڻي پاڪائي لاءِ ڪم ايندو هوندو ۽ وهنجندڙن جي ٻيهر پاڪيزگي يا کين ٻيهر پاڪ پويتر ٿيڻ لاءِ  هوندو


وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2020/مهينو نومبر


وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2020/مهينو ڊسمبر