اسلام ۾ ابراهيم

ابراهيم بابت اسلامي نظريو
(ابراهيم کان چوريل)

ابراهيم (انگريزي: Abraham)، (عبراني: אַבְרָם) ھڪ پيغمبر جن سان ٽي وڏا مذھب اسلام، عيسائيت، ۽ يھوديت منصوب ٿيل آھن.[1].کيس عيسائي ۽ يھودي ابراھام جي نالي سان سڏيندا آھن پر اسلام ۾ ان جو عربي ۾ نالو ابراهيم آھي.

ابراهيم
Abraham

تصوير ۾ ابراهيم ٽن فرشتن کي ماني کارائيندي جيڪي ھن وٽ مسافر ٿي آيا ھئا
جيون ساٿي سارہ
ھاجرہ (يھودين ۽ عيسائين مطابق ٻانهي ۽ اسلام مطابق زال)
ڪتورہ(يھودين ۽ عيسائين مطابق زال)
ٻار ٻچا اسماعيل (Ishmael)


اسحاق
زمران (Zimran)
جوڪشان (Jokshan)
ميڊان (Medan)
مائڊيان (Midian)
اشباڪ (Ishbak)


شوعا (Shuah)
ماءُپيءُ اسلام مطابق آذر . يھودين مطابق تيرہ (Terah) (پيء)
رشتيدار ھاران (Haran)(ڀاء)
نھور (Nahor)(ڀاء)
لوط (ڀائٽيو)
لوط جي زال (ڀائيٽي)
قديم عراقي شھر ار (Ur)جي کنڊرن جي 2016 ۾ نڪتل تصوير

اسلامي اعتقاد موجب ابراهيم کي مسلمانن جي پيغمبر محمد ۽ ٻين ڪيترن ئي نبين جو پڙڏاڏو سمجھيو وڃي ٿو، تنهنڪري مسلمان کيس ابوالانبياء يعني نبين جو پيءُ چوندا آهن. سندس پيدائش جو سن 2160 قبل مسيح آهي. پاڻ عراق جي شهر ار ۾ ڄائو، جيڪو دريا فرات جي ڪناري تي قائم آهي. قرآن ۾ سندس نالو 68 دفعا آيل آهي. سندس لقب خليل الله ۽ ابوالانبياء هو. کيس ٽي گهر واريون هيون، جن جا نالا ساره، هاجره، ۽ قطورا هئا. هن پنهنجي قوم کي توحيد جي تعليم ڏني ۽ بتن جي عبادت کان روڪيو. مذهبي تاريخن مطابق سندس قوم کيس باهه ۾ ساڙڻ جو فيصلو ڪيو پر باهه مٿس ڪو به اثر نه ڪيو. ابراهيم کي اسماعيل ۽ اسحاق نالي ٻه پٽ هئا. اسلامي تاريخ ۾ ابراهيم جي پيدائش جي تاريخ 9 محرم 1985 قبل مسيح ٻڌائي وڃي ٿي. حضرت -ابراهيم خليل- -الله-، -الله- پاڪ جو پيغمبر هو. قرآن پاڪ موجب سندن پيءُ جو نالو -آزر- هو، جيڪو -بت- پرست ۽ -بت- تراش هو. -توريت- موجب حضرت -ابراهيم خليل- -الله- 2200 ق. م ۾ عراق جي شهر ’اُر‘ ۾ پيدا ٿيو. سندس قوم جا ماڻهو -بت- پرست هئا. -توريت- ۾ سندس والد جو نالو تارخ ڄاڻايل آهي، پر قرآن مجيد ۾ کيس -بت- تراشيءَ جي ڪم ڪرڻ سبب -آزر- سڏيو ويو آهي. قرآن پاڪ ۾ حضرت ابراهيم عليه السلام ۽ آذر جي عقيدن جي اختلاف کي جنهن نموني ظاهر ڪيو ويو آهي ۽ جهڙيءَ طرح پاڻ پنهنجي قوم جي شرڪ کان نفرت ڪندا هئا، اها ڳالهه سندن عظمت جي حقيقت ظاهر ڪري ٿي. جڏهن پاڻ جوان ٿيا ته کين نبوت عطا ٿي. خدا جي دين جو پرچار شروع ڪيائون ته وقت جي حاڪم نمرود کين -باهه- ۾ اڇلارايو، پر قدرت جي منشا موجب اُهي شعلا گل بڻجي ويا. -ان- کان پوءِ فلسطين ڏانهن هجرت ڪيائون، -جتي- -بيت المقدس- جو بنياد وڌائون. کين ٻه زالون هيون، هڪ جو نالو بي بي سائره ۽ ٻيءَ گهرواريءَ جو نالو بي بي هاجره هو. بي بي هاجره مان حضرت اسماعيل پيدا ٿيو، جڏهن ته بي بي سائره مان حضرت اسحاق -جنم- ورتو. حضرت ابراهيم بيبي هاجره سان مڪي آيو، -جتي- ڪعبة -الله- جو بنياد وڌائين. حضرت ابراهيم عليه السلام کان ئي حضور صلي -الله- عليه وسلم -جن- جو شجرو شروع ٿئي ٿو ۽ سنت به -ان- سلسلي تحت شروع ٿئي ٿي. روايت موجب حضرت ابراهيم عليه السلام 175 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي.[2]

اسلام ۾ حيثيت سنواريو

تفھيم القرآن مطابق نوح کانپوءِ ابراهيم اھڙو نبي ھيو جنھن جي دعوت اسلامي جي ذميواري عالمگيري ھئي.ھن عراق کان مصر تائين، شام کان فلسطين تائين ۽ عربستان ۾ مڪي تائين تبليغ ڪئي. ھن اوڀر اردن ۾ پنھنجي ڀائٽي لوط کي، شام فلسطين ۾ پنھنجي پٽ اسحاق کي ۽ عربستان ۾ پنھنجي پٽ اسماعيل کي مقرر ڪيو. ھن پنھنجي پٽ اسماعيل سان گڏجي مڪي ۾ ڪعبو تعمير ڪيو. تفھيم القرآن مطابق سندس نسل مان ٻہ وڏيون شاخون نڪتيون جن مان اسماعيل جي اولاد عربستان۾ رھي جن ۾ قريش ۽ ٻيا عرب قبيلا شامل آهن.ٻي شاخ اسحاق جي اولاد جنھن م يعقوب، يوسف، موسي، دائود، سليمان، يحي ۽ عيسي شامل آهن. روايتن مطابق ھي ميسوپوٽيميا جي شھر ار ۾ پيدا ٿيو جتان پوء لڏي شام ۽ ترڪي واري پاسي حران يا حاران شھر ۾ آيو، وري اتان لڏي فلسطين جي شھر بيت ايل ، پوء حبرون، پوء وري اردن جي پاسي بير شبع آيو. ھن شھر جي اوڀر پاسي پنھنجي ڀائٽي لوط کي ڇڏي پوء مصر ھليو پوء حجاز جو رخ ڪيائين ۽ مڪي ۾ ڪعبو تعمير ڪيائين جتي اسماعيل کي ڇڏي فلسطين جي شھر حبرون موٽي آيو جتي مستقل رھائش اختيار ڪيائين ۽ اتي ئي سندس وفات ٿي پوء سندس پٽ اسحاق ۽ پوٽي يعقوب اتي تبليغ ڪئي.[3]قرآن مسلمانن کي ابراهيم جي طريقي جي پيروي جو مشورو ڏنو آهي ۽ ٻڌايو آهي تہ ابراهيم شرڪ ڪرڻ وارن مان نہ ھيو.[4][5]ابراهيم جي طريقي جو ذڪر ڪرڻ جو مقصد اھو ٿي سگھي ٿو تہ يھودي، عيسائي ۽ مڪي جا مشرڪ ان کي حق سمجھي مڃيندا ھئا ۽ مڪي وارن جو گھٽ۾ گھٽ ان ڳالھ تي اتفاق ھو تہ ڪعبو تعمير ڪندڙ بت پرست نہ ھيو.[6]

ڪجهه قصا سنواريو

قرآن ۾ ابراهيم متعلق ھڪ قصو بيان ٿيل آهي تہ ھن خدا کان سوال ڪيو تہ منھنجا مالڪ مون کي ڏيکار تہ تون ڪيئن مردن کي زندہ ڪندو آھين. خدا فرمايو تہ ڇا تون ايمان نہ ٿو رکين. ابراهيم جواب ڏنو تہ ايمان رکان ٿو پر دل جي اطمينان خاطر سوال ڪيو آهي. خدا کيس چيو تہ چار پکي پالي پاڻ سان ھيراء پوء انھن کي ٽڪرا ڪري ھر ٽڪرو جبل جي مختلف چوٽين تي رک ۽ پوء انھن کي آواز ڏئي سڏ ڪر تہ چارئي زنده ٿي تو وٽ اچي ويندا.[7] مسلمانن جو ايمان آھي تہ ان ايئن ڪيو تہ چارئي پکي زندہ ٿي ھن وٽ اڏري آيا. غير مسلم ۽ لا مذھب ان قصي کي ڏند ڪٿا سڏين ٿا.جڏھن تہ تفھيم القرآن ٻڌائي ٿو تہ نبين کي خدا آسمانن ۽ زمين جو مشاھدو ڪرايو ھيو ۽ کين جنت۽ دوزخ بہ ڏيکاري ۽ موت کان پوءِ وارا منظر بہ ڏيکاريا[8]

عيسائيت ۽ يھوديت ۾ مقام سنواريو

 
جوزف مولنار جي ٺاھيل پينٽنگ ۾ ابراهيم کي ھجرت لاءِ روانو ٿيندي ڏيکاريو ويو آهي

نمرود جو بائيبل ۾ تہ ڪو ذڪر ڪونهي پر يھودين جي ٻئي ڪتاب تلمود ۾ ان جو پورو واقعو بيان ٿيل آهي ۽ لڳ ڀڳ قرآن ۾ بيان ٿيل واقعي جھڙو آھي. تلمود ٻڌائي ٿو تہ ابراهيم جو پيء نمرود جي سلطنت جي سڀ کان وڏي عھدي تي مقرر ٿيل ھو ۽ ابراهيم جڏهن شرڪ جي کلي عام مخالفت ڪري توحيد جي تبليغ شروع ڪئي ۽ بت خانن ۾ گھري بتن کي ٽوڙي ڇڏيو تہ سندس پيءُ خود اھو مقدمو بادشاھ جي درٻار ۾ پيش ڪيو [9]تلمود ۾ وڌيڪ بيان ٿيل آهي تہ بادشاھ جي حڪم تي ابراهيم کي قيد ڪيو ويو جتي ڏھ ڏينهن بند ھيو پوء بادشاھ جي ڪائونسل کيس زندہ ساڙڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پوءِ کيس باھ ۾ وجھڻ وارو واقعو پيش آيو جنھن جو ذڪر پوء قرآن ۾ به سورة انبياءِ رڪوع 5، العنڪبوت، رڪوع 2 ۽ 3 ۽ الصافات رڪوع نمبر 4 ۾ بہ آيو. [10] بائيبل جي باب جينيسس (Genesis) مطابق ابراھام کي خدا جو حڪم ٿيو تہ پنھنجي پيءُ تيرہ(Terah) جو گھر ڇڏي ڪنعان لڏي وڃي جيڪو خدا ابراھام ۽ ان جي اولاد کي عطا ڪيو ھو.خدا ابراهيم جي پٽ اشمائل (اسماعيل) مان ھڪ قوم پيدا ڪرڻ جو واعدو پڻ ڪيو.ابراھيم پنھنجي سؤٽ سارہ سان شادي ڪئي هئي جنھن مان کيس آئزڪ(Issac (اسحاق) پيدا ٿيو.ابراھيم ھيبرون (Hebron) ۾ اچي ھڪ غار خريد ڪئي جتي ھن سارہ کي دفن ڪيو ھو. آئزڪ (اسحاق) وري پنھنجن عزيزن مان شادي ڪئي ۽ ڪنعانين جو حاڪم ٿي ويو. سارہ جي وفات کانپوءِ ابراهيم ڪيتورہ(Keturah) سان شادي ڪئي جنھن مان کيس ڇھ پٽ ڄاوا. ابراهيم جي وفات ٿيڻ تي کيس ان غار ۾ سارہ جي پاسي ۾ دفنايو ويو. ھن جي سموري ملڪيت آئزڪ (اسحاق) کي ملي باقي ٻين پٽن کي صرف اھو مليو جيڪو ابراهيم کين بخشش (gift) ۾ ڏئي چڪو ھو.[11][12]بائيبل مطابق تيرہ(آذر) نوحا(Noah)(نوح) جي نائين پيڙهي ۾ ھيو ، کيس ٽي پٽ ھيا: ابراھام، نيھور(Nahor) ۽ ھاران(Haran). جوانيءَ ۾ ابراھام تيرہ (آذر) جي بتن ٺاھڻ واري ڪارخاني ۾ ڪم ڪندو ھيو. ھاران لوط جو پيءُ ھيو اھڙي طرح لوط ابراهام جو ڀائيٽو هيو.ھاران ڪئلديا (Chaldees) جي شھر ار (Ur) ۾ ئي وفات ڪري ويو. ابراهيم سارہ سان شادي ڪئي جيڪا سنڍ (Sterile) ھئي. ابراهيم، ان جو پيءُ تيرہ، زال سارہ ۽ ڀائيٽو لوط ار مان ھجرت ڪري ڪنعان ڏانهن روانا ٿيا پر ھئرن (Haran) جي مقام تي ترسي پيا جتي تيرہ (آذر) 205 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي[13].خدا جي حڪم تي ابراھام ،سارہ ۽ لوط سان گڏجي خدا جي واعدي مطابق عطا ڪيل زمين يعني ڪنعان ڏانهن روانو ٿي ويو جتي کيس عزيزن سميت مستقل قيام ڪرڻو ھو. [14] ان وقت ابراھام جي عمر 75 سال ھئي[15]

 
جيمز ٽيسوٽ نالي پينٽر جي 1902 ۾ تيار ڪيل پينٽنگ جنھن ۾ ابراھام کي سارہ سان مشاورت ڪندي ڏيکاريل آهي

بائيبل مطابق ان وقت ڪنعان جي سرزمين تي سخت ڏڪار آيل ھيو تنھن ڪري ابراھام لوط ۽ گھرڀاتين سميت مصر روانو ٿي ويو. رستي ۾ ھن سارہ کي چيو تہ ھوء سندس ڀيڻ سڏائي تہ جيئن مصري کيس قتل نہ ڪن[16]. جڏهن مصر ۾ داخل ٿيا تہ فرعون سان پنھنجن ڪارندن سارہ جي سونھن جي ھاڪ ڪئي. انھن سارہ کي حراست ۾ وٺي بدلي ۾ ابراھام کي ڪجهه سامان ڏئي کيس محل ۾ فرعون آڏو پيش ڪيو. جنھن تي خدا فرعون ۽ ان جي گھرڀاتين ۾ پلاگ جي وبا وچڙائي ڇڏي جنھن تي فرعون سوچڻ لڳو تہ آخر ڪھڙي غلطي ٿي آھي[17].نيٺ کيس خبر پئي تہ سارہ شادي شده عورت آھي جنھن تي ابراھام ۽ سارہ کي فرعون مصر مان روانو ڪري ڇڏيو[18].

 
وينسيسلؤس ھولر(Wenceslaus Hollar)جي پينٽنگ ۾ ابراھام ۽ لوط کي جدآ ٿيندي ڏيکاريل

مصر کان واپسي دوران جڏھن بيٿل(Bethel) ۽ ھائي (Hai) وارن علائقي ۾ پھتا ابراھام ۽ لوط جي وڏن ڌڻن کي ساڳي چراگاھ ملي وئي جنھن تي ڌنارن جي وچ ۾ نااتفاقي ٿي پئي ڇوتہ ٻنھي گھرن جو مال ھڪ ھنڌ چارڻو پئي ويو جنھن تي ابراھام لوط کي چيو تہ ساڄي يا کاٻي طرف ڪنھن ٻئي پاسي وڃي تہ جيئن انھن ۾ ڪو تنازعو نہ ٿئي. لوط اوڀر پاسي جي ميداني علائقي اردن نديءَ طرف وڃڻ جو ارادو ڪيو جتي پاڻي جي ڪمي ڪانہ ھئي. اھڙي طرح لوط سوڊوم شھر طرف لڏي ويو ۽ ابراھام ڏکڻ طرف ھيبرون پاسي لڏي ويو ۽ مئمري(Mamre) جي ميدان تي قيام ڪيائين جتي خدا جي عبادت لاءِ ھڪ قربانگاھ (altar) تعمير ڪئي.[19]

 
خدا طرفان بشارت جنھن مطابق کيس خدا تارا ڳڻڻ لاءِ چيو تہ تارن جيتري کيس اولاد ڏيندو

خدا پنھنجي آواز سان ابراھام کي بشارت ڏني تہ سندس نسل جي واڌ آسمان جي تارن جيتري ٿيندي اھڙي طرح خدا ۽ ابراھام جي وچ ۾ اھو عھد ٿيو جنھن ۾ خدا کيس اسرائيلين جي مصر ۾ غلامي جي بابت بہ آگاھ ڪيو. خدا ابراھام کي اھو بہ ٻڌايو تہ ان جو نسل ڪنعاني، ڪيني، ڪينيزي، قادموني، ھيٽي، پيريزي ريفائمي، اموري، گرگاشي ۽ جيبوزي واري سرزمين جو دعويدار ٿيندو[20].

 
ابراھام، سارہ ۽ ھاجرہ جي خيالي تصوير 1897 ۾ ٺھيل

بائيبل مطابق ڪنعان ۾ ڏھ سال گذرڻ تائين ھنن کي اولاد نہ ٿي سگھي. ابراھام ۽ سارہ ابراھام جي نسل جي واڌ لاءِ سوچڻ شروع ڪيو . سارہ پنھنجي ھڪ ٻانھي ھاجرہ (Hagar) کي ابراھام جي حوالي ڪيو تہ جيئن ان مان ابراھام کي پٽ جي اولاد ٿي سگھي. ھاجرہ پيٽ سان ٿي تہ ان سارہ کي پاڻ کان گھٽ محسوس ڪرائڻ شروع ڪيو جنھن تي سارہ جو بہ ساڻس رويو خراب ٿي ويو. ھاجرہ رڻپٽ ڏانهن ھلي وئي. ملائڪ ھاجرہ سان شور (Shur) جي چشمي وٽ ڳالھايو چيائينس تہ ابراھام جي خيمي طرف واپس موٽي وڃي. فرشتي کيس ٻڌايو تہ تنھجو پٽ سخت جان الھڙ ۽ ارڏو ٿيندو جيڪو ماڻھن سان تعلق بہ جوڙيندو ۽ ناپسند ھوندي به ماڻھن جي اندر پنھنجو مقام ٺاھي ويندو. فرشتي کيس ھدايت ڪئي تہ ان جو نالو اشمائل اسماعيل رکي. ھاجرہ ان وقت خدا سان مخاطب ٿي چيائين: "ايل-روئي(El-roi)(يا الله) تون گواھ رھجائن". پوء ھوء خيمي ۾ موٽي آئي ۽ پٽ اشمائل اسماعيل کي جنم ڏنائين ، ان وقت ابراھام جي عمر 86 سال ھئي[21].تيرھين سان بعد جڏهن ابراھام 99 سالن جو ٿيو تہ خدا کيس قومن جي ابي ٿيڻ جو عھد ڪيو[22].۽ ان عھد جي نشاني طور خدا حڪم ڏنو تہ مرد خطنو يا طوھر(circumcision) ڪرائيندا[23].سارہ جو شروع ۾ نالو سارائي ھيو جيڪو ابراهيم جي 99 سالن جي عمر ۾ اچڻ وقت خدا مٽائي سارہ ڪري ڇڏيو ۽ ابراھام کي بشارت ملي تہ خدا کيس سارہ مان بہ ھڪ پٽ ڏيندو[24]. ابراھام ان ڳالھ تي ٽھڪ ڏنو ۽ چيو تہ مان ھاڻي سؤ سالن جو ٿي ويو آھيان ان عمر ۾ مون کي پٽ ڪيئن ٿيندو جڏھن تہ سارہ بہ 90 سالن جي آھي[25].جلد ئي ھن جو گھر مردن سان ڀرجي ويو جن ۾ 99 سالن جي ابراھام ۽ 13 سالن جي اشمائل جا طوھر بہ ٿيل ھئا[26].

عربستان ۾ اسلام کان اڳ حيثيت سنواريو

عربستان ۾ اسلام کان اڳ مڪي جا ماڻهو کيس مڃيندا ھئا ۽ انھن جو يقين ھيو تہ ابراهيم ڪعبو تعمير ڪيو ۽ اسماعيل ان جو پٽ ھيو. زمزم جي چشمي جي ظاھر ٿيڻ جو ھاجرہ ۽ اسماعيل جو قصو، طھر جي ابراھيمي سنت، حج بيت الله ۽ عمري جي رسمن کي مڃيندا ھئا. ابراهيم کي الله جو نبي سمجھندا ھئا ۽ ان جي ڏنل دين کي دين حنيف يا ابراهيم جو دين چوندا ھئا. اسلام جي اچڻ کان اڳ عبدالله جو نالو بہ رکندا ھئا.سوئر کي بہ حرام سمجهي ان کان سخت نفرت ڪندا ھئا.

تاريخ ڇاٿي ٻڌائي سنواريو

ابراهيم جي ڪھاڻي ڪنھن ھڪڙي خاص دور سان نہ ٿي جوڙي سگھجي. ان تي ھاڻي اتفاق ٿي چڪو آهي ته نبين جو دور، موسي واري ھجرت سميت ۽ ججن جي دور حقيقي تاريخ سان مطابقت ۾ نہ ٿا اچن.[27]ھڪ عام مفروضو اھو آھي تہ اھي نبين جون ڪھاڻيون فارسين جي شروعاتي دور يعني ڇھين صدي قبل مسيح جي پوئين دور ۾ جڙيون. انھن جي جڙڻ جو اصل سبب يھودي زميندار ھيا جن کي انھن جي رياست يھودہ (Judah) مان بابل ۾ قيد ڪيو ويو ھو جن آزاديءَ کان پوءِ پنھنجي اصل سرزمين تي اچي پنھنجي دعوا ڪئي ۽ ان دعوا ۾ ابراھيم جي ۽ موسي جي ان سرزمين طرف ھجرت جي ڪھاڻين کي بنياد بڻايو .[28]

حوالا سنواريو

  1. {sfn|McCarter|2000|p=8}
  2. ابراهيم خليل الله حضرت : (Sindhianaسنڌيانا)
  3. {تفھيم القرآن، واليم 1، مولانا مودودي، صفحو 108 ۽ 109 ،،ادارہ ترجمان القرآن،لاھور}
  4. {القرآن: آل عمران:آيت نمبر 95}
  5. {القرآن:الانعام: آيت نمبر 161}
  6. {تفھيم القرآن، واليم 1، مولانا مودودي، صفحو 605،ادارہ ترجمان القرآن،لاھور}
  7. {القرآن:البقرة: آيت نمبر 260}
  8. {تفھيم القرآن، واليم 1، مولانا مودودي، صفحو 202،ادارہ ترجمان القرآن،لاھور}
  9. {تفھيم القرآن، واليم 1، مولانا مودودي، صفحو 198 ،ادارہ ترجمان القرآن،لاھور}
  10. {تفھيم القرآن، واليم 1، مولانا مودودي، صفحو 199 ۽ 200 ،ادارہ ترجمان القرآن،لاھور}
  11. {(Genesis 25:5–8).}
  12. {sfn|Ska|2009|pp=26–31}
  13. {Bibleref2c|Genesis|11:27–32|niv}
  14. {Bibleref2c|Genesis|12:1–3|niv}
  15. {Bibleref2c|Genesis|12:4–6|niv}
  16. {Bibleref2c|Genesis|12:10–13|niv}
  17. {Bibleref2c|Genesis|12:14–17|niv}
  18. {Bibleref2c|Genesis|12:18–20|niv}
  19. "Abram and Lot Separate", Chabad.org
  20. {Bibleref2c|Genesis|15:1–21|niv}
  21. {Bibleref2c|Genesis|16:4–16|niv}
  22. {Bibleref2c|Genesis|17:5|ni}
  23. {Bibleref2c|Genesis|17:10–14|niv}
  24. {Bibleref2c|Genesis|17:15–16|niv}
  25. {Bibleref2c|Genesis|17:17|niv}
  26. {Bibleref2c|Genesis|17:22–27|niv}
  27. {sfn|McNutt|1999|pp=41–42}
  28. {sfn|Ska|2006|pp=227–28, 260}