ھاجرہ

حضرت ابراهيم جي زال

ھاجرہ يا ھاجران ، بيبي ھاجرہ (/hˈɡɑr/ hay-GAR؛ عبراني: הָגָר, جديد Hagar طبري Hāgār، ڪجهه لهجن ۾[1] عربي ٻولي: هاجر Hājar; لاطيني ٻولي: Agar) پيغمبر ابراهيم جي زال جو نالو، جنھن مان کيس اسماعيل پيدا ٿيو. جينيسز، توريت مطابق مصري نسل جي هاجره ساره جي ٻانهي هئي. ساره، هاجره کي ابراهيم کي ٻار ڄڻڻ لاءِ ڏنو.[2][3][4][5] اسلام جي مطابق هاجره ابراهيم جي زال هئي. ھاجرہ جو نالو ڪتاب جينيسز، توريت مان ورتل آهي، هن جو ذڪر توريٿ کان سواءِ سمورن ابراهيمي مذهبن ۾ ملي ٿو.

هاجره

هاجره ۽ اسماعيل جي بي دخلي وارو منظر
پيدائش مصر
وفات ھيبرون
ٻيا نالا بي بي هاجره
بُڻ بُڻياد مصري
پيشو ٻانهي
جيون ساٿي ابراهيم
ٻار ٻچا اسماعيل (ابراهيم جو پٽ)

جينيسز ۾ ذڪر سنواريو

جينيسز، توريت جي پهرين ڪتاب ۾ هاجره جي حوالي سان خلاصو 16 آرڪائيو ڪيا ويا 2019-06-06 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.

ابراهيم ۽ هاجره سنواريو

هاجره ساره جي مصري ٻانهي ۽ ابراهيم جي زال هئي. ساره ڪيتري ئي وقت کان سُنڍ هئي ۽ ان جي خواهش هئي ته خدا طرفان ڪيل واعدو، جنهن موجب ابراهيم ڪيترن ئي قومن جو پي ٿيندو؛ پوري ٿي. جيئن ته هنن جي عمر وڌي رهي هئي ان لاءِ ساره پنهنجي ٻانهي هاجره ابراهيم کي ٻي زال طور ڏني.[6]

جڏهن هاجره اميد سان ٿي، تڏهن هن جا ساره سان اختلاف وڌڻ لڳا، هاجره اهڙي شڪايت ابراهيم سان ڪئي، ۽ ساره سان سخت رويو اختيار ڪيو، جنهن جي ڪري هو هلي وئي.[7]

هاجره اختلافن کان پوءِ شور صحرا ڏانهن رواني ٿي. جتي رستي ۾ هڪ فرشتو مليو، جنهن کيس صلاح ڏني ته هي ساره ڏانهن واپس وڃي، جيئن سندس ٻار جي پيدائش، ساره وٽ ٿي، جيڪو ٻار مستقبل ۾ وڏي مرتبي وارو ٿيندو.جينيسز 16:12 ان فرشتي ئي کيس صلاح ڏني ته ٻار جو نالو اسماعيل رکيو وڃي.[8] ان کان پوءِ هي ابراهيم ۽ ساره ڏي واپس وئي جتي کيس ٻار ڄميو جنهن جو نالو هن فرشتي جي هدايتن مطابق اسماعيل رکيو.[9]

هاجره جي بي دخلي سنواريو

 
حاجره ۽ ملائڪ

پوءِ، ساراه کي اسحاق نالي پٽ ڄائو، ۽ ٻنهي عورتن وچ ۾ ٻيهر اختلاف شروع تي ويا. جڏهن اسحاق ٿڃ ڇڏيو، ته ساراه ڏٺو ته هن جي پٽ سان اسماعيل ڀوڳ ڪندو هو. ان لاءِ هن ابراهيم سان شڪايت ڪئي ته اهو اسماعيل ۽ حاجره کي ڪٿي ٻي هنڌ موڪلي ڇڏي ۽ اسماعيل، ڪنهن به ورهاست جو حصو نه ٿيندو. ابراهيم ان تي پريشان ٿيو، پر خدا جي حڪم ٿيو ته هو ائين ڪري.[10]

ٻي ڏينهن صبح، ابراهيم هاجره ۽ اسماعيل کي وٺي نڪتو. هن هاجره کي ماني ۽ پاڻي ڏئي بير سبع ڏي روانو ڪيو. ان وقت تائين هي سفر ڪندي رهي جيسيتائين هن جو پاڻي پورو ٿيو. جنهن تي هن جي اکين مان ڳوڙها وهي آيا. خدا هن ۽ هن جي پٽ جي روئڻ جو آواز ٻڌو ۽ هنن کي بچائڻ چاهيو.[11]

ان کان پوءِ اتي هڪ ملائڪ آيو، جنهن هاجرن کي پاڻي جو کوهه ڏيکاريو ۽ خدا طرفان نياپو ڏو ته اسماعيل جي نالي سان هڪ وڏي قوم جو جنم ٿيندو. ان کان پوءِ هنن پاران جي صحرا ۾ رهائش اختيار ڪئي.[11][12]

مذهبي عقيدا سنواريو

بهائي سنواريو

بهائي عقيدي مطابق باب ابراهيم ۽ حاجره جي خاندان مان هو، ۽ الله جو وعدو هو ته هو ابراهيم جي نسل کي ڦهلائيندو. بهائي ڇاپي گھر طرفان هڪ ڪتاب ڇاپيو ويو جنهن ۾ ابراهيم جي زالن ۽ ٻانهين جو ذڪر ۽ پنج مختلف مذهبن مان سندس نسب جو پڻ ٻڌايو ويو آهي.[13]

اسلام سنواريو

قرآن ۾ ھاجرہ جي ابراهيم سان شادي جو ذڪر ناھي بلڪہ اھڙو ذڪر حديث ۾ آھي تہ ھاجرہ ابراھيم جي ٻين زال ھئي.[14]ابو ھريرہ جي روايت آھي تہ محمد فرمايو تہ ابراهيم پنھنجي زال سارہ سان ظالم بادشاھ جي ملڪ مان گزريو تہ ڪنھن بادشاھ جي آڏو ھن جي گھرواري سارہ جي سونھن جي تعريف ڪئي جنھن تي بادشاھ ابراهيم کي گھرايو ۽ سندس عورت بابت پڇيو تہ جواب ڏنائينس تہ منھنجي ڀيڻ آهي. بادشاھ کيس سارہ کي پيش ڪرڻ لاءِ چيو تہ ھن سارہ کي اھو سمجھائي پيش ڪيو تہ کيس ٻڌائي ته ھوء سندس ڀيڻ آهي. سارہ ايئن ئي ڪيو. بادشاھ سارہ ۾ ھٿ وجھڻ جي ڪوشش ڪئي تہ ھٿ سن ٿي ويس پر سارہ جي دعا سان ٺيڪ ٿي ويس .وري بادشاھ جي نيت خراب ٿي ۽ ھٿ وجھڻ جي ڪوشش ڪيائين تہ وري ھٿ سن ٿي ويس پر التجا تي سارہ دعا گھري تہ ٺيڪ ٿي ويو جنھن بعد بادشاھ سارہ کي ھڪ ٻانھي ھاجرہ تحفي طور ڏئي فارغ ڪيو جنھن کي سارہ ابراهيم ڏي وٺي آئي.[14] قرآن ۾ بيان ٿيل آهي تہ خدا جي حڪم سان ابراھيم ھاجرہ ۽ اسماعيل کي مڪي واري وادي ۾ آندو ۽ بيابان ۾ مروه جي ٽڪري تي کين اڪيلو ڇڏي ھليو ويو. جڏھن انھن جو پاڻي مشڪ (waterskin ) مان ختم ٿي ويو تہ اسماعيل پاڻي لاءِ روئڻ شروع ڪيو جنھن تي ھاجرہ اتي موجود ٽڪرين صفا ۽ مروہ جي وچ ۾ پاڻي جي تلاش ۾ ست دفعا چڪر ڏنا. مسلمانن جو عقيدو آھي تہ ان جي پاڻيء لاءِ اھا ست دفعا ڊوڙ خدا کي پسند اچي وئي جنھن ڪري خدا کين حڪم ڏنو تہ قيامت تائين ان عمل کي ورجائين. اھڙي طرح اھو حج جو لازمي عمل ٿي ويو.[15] مسلمانن جي عقيدي مطابق جڏھن آخري دفعو صفا کان ٿي مروه تہ موٽي آئي تہ ملائڪ جبرائيل نازل ٿيو جنھن پير سان زمين تي ڌڪ ھنيو تہ ان مان پاڻي جو چشمو ڦٽي آيو جيڪو زم زم جي نالي سان مشھور ٿيو.[16] جڏهن ھاجرہ اسماعيل کي لوط جي زمين متفقاث[17] جي لڳ جنم ڏنو ان وقت ابراهيم جي عمر 86 سال ھئي. ابراهيم جي وڃڻ کان پوءِ بني جھم (Banu Jaham) قبيلي جي ماڻھن ھاجرہ ۽ اسماعيل جي سار لڌي.[18]

مسيحيت سنواريو

جديد عهد نامي ۾ رسول پولس گلتين پرڳڻي ڏي خط لکندي چيو ٿو ته: ڇالاءِ جو ان ۾ لکيل آهي ته ابراهيم کي ٻه پٽ هئا، هڪڙو ٻانهي مان ۽ ٻيو سندس زال مان جيڪا ٻانهي نه هئي21. انهي ڳالهه مان هڪڙو مثال وٺجي ٿو، ڇالاءِ جو اهي ٻه عورتون ڄڻ ٻه عهد آهن، انهن مان هڪڙو سينا جبل وارو آهي، جنهن ڪري غلام ئي پيدا ٿين ٿا ۽ اها آهي حاجره24.[19]

ادب ۽ فنون لطيفا سنواريو

 
هاجره

ڪيترن ئي مصورن هاجراه ۽ اسماعيل جي صحرا ۾ زندگي کي پنهنجي مصوري ۾ چٽيو آهي. وليم شيڪسپيئر پنهنجي ڊرامي ۾ پڻ ان قصي جو ذڪر ڪيو آهي.[20] 19 صدي ۾ آمريڪا ۾ ايڊمونيا لوئيس پاران هاجراه جو مجسمو جوڙيو ويو، جيڪو ان جي مشهور ڪمن طور سڃاتو وڃي ٿو. هن ان مجسمي کي انهن عورتن جي نانءُ ڪيو جيڪي تڪليف ڏسن ۽ جدوجهد ڪن.[21] ڪيترن ئي ناولن ۽ شاعري ۾ هاجره يا ان جي نالي واري ڪردار کي اڪثر جلاوطن ڏيکاريو ويو آهي.[22]

اثر سنواريو

اسرائيل سنواريو

1970ع کان پوءِ، اسرائيل ۾ نئين ڄاول ٻارڙي تي هاجره نالو رکڻ جو رواج وڌيو آهي. هن نالي کي سياسي طور متنازه سمجهيو وڃي ٿو، جنهن ۾ والدين کي عرب ۽ فلسطينن جي وچ ۾ نيئن شروعات جو حامي سمجهيو ويندو آهي.[23]

آفريڪي آمريڪي سنواريو

شجرو سنواريو

Script error: No such module "TreeChart".Script error: No such module "TreeChart".Script error: No such module "TreeChart".Script error: No such module "TreeChart".Script error: No such module "TreeChart".Script error: No such module "TreeChart".Script error: No such module "TreeChart".Script error: No such module "TreeChart".Script error: No such module "TreeChart".Script error: No such module "TreeChart".Script error: No such module "TreeChart".Script error: No such module "TreeChart".Script error: No such module "TreeChart".Script error: No such module "TreeChart".Script error: No such module "TreeChart".Script error: No such module "TreeChart".


متفرق خيال سنواريو

ھاجرہ اصل ۾ لفظ ھاغار جي بگڙيل صورت آهي جنھن جي معني بيگانو يا اجنبي آهي. ھاجرہ جو اصل وطن مصر ھيو ان ڪري اھو نالو مٿس پئجي ويو. اھو بہ خيال آهي تہ ھاغار جي معني "جدا ٿيڻ" آھي جو عربي ۾ ھاجرہ لفظ جي معني بہ اھا ئي آهي. ھاجرہ پنھنجي وطن کان جدآ ٿي ابراهيم سان گڏ ھجرت ڪئي تنھنڪري مٿس اھو نالو پيو.[24]ھڪ خيال اھو بہ آهي تہ ھاجرہ دراصل حاجرہ آھي جنھن لفظ جي معني اس (sunshine) آهي ۽ اھو لفظ حج مان نڪتل آهي..[25] ابراهيم نبي ار شھر جو رھندڙ ھو، جتي تبليغ دوران ان جي زال سارہ ۽ ڀائيٽيو لوط مسلمان ٿيا ۽ ٻنھي کي ساڻ ڪري لڏي فلسطين آيو، جتان پوءِ مصر ويو. ھاجرہ مصر جي بادشاھ يا فرعون جي ڌيءَ ھئي. فرعون ابراهيم جي بزرگي مان متاثر ٿيو ۽ پنھنجي ڌيء جي شادي ابراهيم سان ڪيائين.ھاجرہ پيٽ سان ٿي جنھن تي سارہ جا ھن سان تعلقات خراب ٿيا، جڏهن کيس اسماعيل ڄائو تہ سارہ مطالبو ڪيو تہ ابراهيم ھاجرہ ۽ ان جي پٽ کي علحده ڪري جنھن تي ابراهيم کين فلسطين کان مڪي جي وادي منتقل ڪيو جتي مڪي جو شھر آباد ٿيو. ابراهيم پنھنجي پٽ سان گڏجي ڪعبي جي تعمير ڪئي جيڪو الله جو گھر سڏجڻ لڳو [26]

حوالا سنواريو

  1. John L. Mckenzie (October 1995). The Dictionary Of The Bible. Simon and Schuster. p. 330. ISBN 978-0-684-81913-6. https://books.google.com/books?id=aE7EyQ_HQAMC&pg=PA330. 
  2. Theodor Nöldeke (1899). "Hagar". Encyclopaedia Biblica: A Critical Dictionary of the Literary, Political, and Religious History, the Archaeology, Geography, and Natural History of the Bible. 2, E–K. New York: The Macmillan Company. https://archive.org/details/encyclopaediabib02cheyuoft. 
  3. Paul K. Hooker (2001). First and Second Chronicles. Westminster John Knox Press. p. 30. ISBN 978-0-664-25591-6. https://books.google.com/books?id=QDwEOzTXvb8C&pg=PA30. 
  4. Keith Bodner (29 August 2013). The Artistic Dimension: Literary Explorations of the Hebrew Bible. A&C Black. p. 136. ISBN 978-0-567-44262-8. https://books.google.com/books?id=QXNvAAAAQBAJ&pg=PA136. 
  5. Bruce K. Waltke (22 November 2016). Genesis: A Commentary. Zondervan. p. 344. ISBN 978-0-310-53102-9. https://books.google.com/books?id=oZgnDQAAQBAJ&pg=PT344. 
  6. جينيسز 16:1-3
  7. Genesis 16:4-6
  8. 13 And she called the name of the سانچو:LORD that spoke unto her, Thou art a God of seeing; for she said: 'Have I even here seen Him that seeth Me?' جينيسز 16:13
  9. جينيسز 16:7–16
  10. جينيسز 21:9–13
  11. 11.0 11.1 جينيسز 21:18
  12. جينيسز 21:14–21
  13. Spirit of Faith: The Oneness of Humanity, p. 142, Baha'i Publishing (2011)
  14. 14.0 14.1 "Was Hajirah (RA) married to Prophet Ibrahim (AS) or she was a maid who gave child to the prophet??". islamhelpline.net. islamhelpline. حاصل ڪيل 12 June 2018. 
  15. "History of Safa and Marwa". www.al-khair.org. Al-Khair. حاصل ڪيل 12 June 2018. 
  16. "Water of Zamzam". islamforamal.com. Islam Formal. حاصل ڪيل 12 June 2018. 
  17. "HAZRAT IBRAHIM A.S". cssforum.com.ok. CSS Forum. حاصل ڪيل 12 June 2018. 
  18. "HAZRAT IBRAHIM A.S". cssforum.com.ok. CSS Forum. حاصل ڪيل 12 June 2018. 
  19. عهد نامه جديد, رسول پولس جو گلتين ڏانهن خط باب 4 آيت 21 کان 31
  20. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named dict
  21. Robinson, Hilary (2001-10-08). Feminism-art-theory: an anthology, 1968–2000. Books.google.co.uk. p. 230. ISBN 9780631208501. https://books.google.com/books?id=FHyyliXwGl0C&printsec=frontcover#v=snippet&q=hagar&f=false. Retrieved 2014-05-12. 
  22. HAGAR. By Mary Johnston. Houghton Mifflin Company. "NYT review of Hagar by Johnston" (PDF). New York Times. حاصل ڪيل 2014-05-12. 
  23. Oren Yiftachel, Launching Hagar: Marginality, Beer-Sheva, Critique Retrieved 2015-10-16
  24. {کتاب:عورت نصف انسانیت؛ مصنف:ڈاکٹر ابو طالب انصاری؛ ادارہ کتاب گھر، صفحہ 25, 26}
  25. "Guide to going to Mecca". BBC. Retrieved August 8, 2010.
  26. {کتاب:عورت نصف انسانیت؛ مصنف:ڈاکٹر ابو طالب انصاری؛ ادارہ کتاب گھر، صفحہ 25, 26}

وڌيڪ ڏسو سنواريو

حوالو سنواريو