گوادر (انگريزي: Gwadar) پاڪستان جي صوبي بلوچستان جو ھڪ شھر جيڪو ساڳي نالي سان ھڪ ضلعي جو صدر مقام آهي ۽ پاڪستان جي سامونڊي ڪناري تي واقع آهي جتي اونھي پاڻي واري گوادر بندرگاھ پڻ واقع آهي. 1783ع کان 1958ع تائين ھي شھر رياست عمان جو حصو ھيو. 1954 ۾ اڃان عمان جي قبضي ۾ ھيو تہ ان وقت پاڪستان جي گذارش تي يونائيٽيڊ اسٽيٽس جيولوجيڪل سروي طرفان ڪيل سروي ۾ اونھي پاڻي واري بندرگاھ لاءِ ٺهڪندڙ قرار ڏنو ويو. .[2]

گوادر
شھر
Guwadar
مٿان کان هيٺ: گوادر جو سامونڊي ڪنارو ۽ گوادر وارو سمنڊ
جاگرافي بيهڪ: 25°07′35″N 62°19′21″E / 25.12639°N 62.32250°E / 25.12639; 62.32250
ملڪ  پاڪستان
صوبو  بلوچستان
ضلعو گوادر ضلعو
آبادي (2017 Census - Provisional)[1]
 • ڪل 138,438

1958ع ۾ جڏهن سلطنت عمان جي امير سيد بن تيمور طرفان گوادر بندر پاڪستان کي وڪرو ڪيو ويو ته ان وقت مقامي مڪراني بلوچن کان سواءِ گوادر جي وڏي آبادي اسماعيلي، سنڌي ۽ هندن تي مشتمل هئي. ان بنياد تي 1958ع ۾ ڀارت گوادر کي پاڪستان يا ڀارت جو حصو بڻائڻ لاءِ عوامي ريفرنڊم ڪرائڻ جي لاءِ چيو هو. ان کان به وڌيڪ اھم ڳالھ اها آهي ته گوادر جو لاڳاپو قديم ۽ آڳاٽي زماني کان وٺي 1958ع تائين ڪڏهن به قلات رياست سان نه رهيو آهي.

جاگرافيائي ۽ تاريخي نشانيون

سنواريو

ڪنهن به سرزمين جي آڳاٽي، حقيقي ۽ سائنسي تاريخ ان جي قديم آثارن مان پڌري ٿيندي آهي، جيڪي زمين جي مٿان ۽ زير زمين آرڪيالاجي جي طور تي موجود آهن. باقي جيڪي ھٿ ٺوڪيل تاريخون ٻڌايون وڃن ٿيون، سي ڪوڙي ڪهاڻيون ۽ قصا آهن، جيڪي اصل تاريخ کي بدلائي نه ٿيون سگھن.

هزارين سال اڳ سنڌو تهذيب جا واپاري ڪاٺياواڙ کان ڪراچيءَ تائين سنڌو ڊيلٽا ۽ سنڌو درياھ جي ڪنارن تي قدرتي ۽ اڏاوت ٿيل بندرگاهن کان وٺي اولھ ۾ پارس (ايران)، بابل ۽ نينوا (عراق) ۽ اولھ ۾ مصر، آفريڪا ۽ اوڀر ۾ سنگاپور ۽ چين تائين پکڙيل هئا. گوادر پورٽ ٽائون ۾ سوين سال اڳ، ڪچي (سنڌي) هندو ۽ اسماعيلي مسلمان واپاري سامونڊي جهازن تان سامان کڻي ويندا هئا ۽ گوادر جي شاهي بازار ۾ سندن ڇڏيل گهر اڄ به هتي جي قديم سنڌي رهاڪن کي ياد ڏيارين ٿا. 1958ع ۾ جڏهن سلطنت عمان جي امير سيد بن تيمور طرفان گوادر بندر پاڪستان کي ڏنو ويو ته گوادر جي آبادي جي گھڻائي ۽ اڪثريت سنڌي ڪچي هندن تي مشتمل هئي. [3]


  1. "POPULATION OF MAJOR CITIES CENSUS – 2017 [PDF]" (PDF). Pakistan Bureau of Statistics. وقت 29 August 2017 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 30 August 2017. 
  2. Gwadar port: ‘history-making milestones’ -DAWN – Business; April 14, 2008
  3. تحقيق ۽ تدوين؛ ابراھيم صالح محمد