عيد الفطر
عيد الفطر (Eid al-Fitr، معنيٰ: روزا رکڻ جي خاتمي جو تهوار) اسلام ۾ ٻن عيدن (جشن جي ڏينهن) مان پهريون آهي، ٻيو عيد الاضحيٰ (الله جي آڏو قرباني پيش ڪرڻ جي عيد) آهي. اها اسلامي ڪئلينڊر جي ڏهين مهيني، شوال جي پهرين ڏينهن تي ملهايو ويندو آهي. عيد الفطر سڄي دنيا ۾ مسلمان ملهائيندا آهن، الله جي شڪرگذاري جي ڏينهن طور، جيئن هو صراط المستقيم (اسلام) ڏانهن هدايت ڪري ۽ رمضان جي مهيني ۾ روزا رکڻ ۽ جيڪي عبادتون الله مقرر فرمايو آهي، ھنن کي ادا ڪرڻ جي توفيق ڏنيون. [3] هن ڏينهن کي دنيا جي مختلف ٻولين ۽ ملڪن ۾ مختلف نالن سان سڃاتو وڃي ٿو.
رمضان جيڪو اسلام جي بنيادي رڪنن مان ٽيون رڪن، روزا رکڻ جو مهينو آهي، الله تعالٰي ان جا روزا مڪمل ڪرڻ تي عيد مشروع ڪئي آھي جنھن ۾ ھو الله تعالٰي جو شڪر ادا ڪرڻ، الله (ڌڻي) جي وڏائي بيان ڪرڻ، جھڙي طرح ان جو حق آهي ۽ الله جو ذڪر (ياد) ڪرڻ، جئين پنهنجي اباڻي کي ياد ڪرڻ يا ان کان وڌيڪ، جي لاءِ جمع ٿين. ھن عيد ۾ الله تعالٰي مسلمانن تي صدقه الفطر ( فطرانو ) ۽ ٻه رڪعت، عيد جي نماز ادا ڪرڻ کي مقرر ڪيو آھي.
عيد الفطر جي نماز ٻن رڪعتن تي مشتمل آهي جيڪا عام طور تي کليل ميدان/ميدان يا وڏي هال ۾ ادا ڪئي ويندي آهي. اها صرف جماعت (جماعت) ۾ ادا ڪري سگهجي ٿي ۽ ان ۾ ڇهه اضافي تڪبيرون شامل آهن (تڪبير پڙهندي ڪنن تائين هٿ کڻڻ، "الله اڪبر" چوڻ، جنهن جو مطلب آهي "خدا سڀ کان وڏو آهي"). نماز کان پوءِ، اتي موجود مسلمان، هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي عيد مبارڪ جا لفظ چوندا آهن. عيد جي هڪ ٻي خاصيت عيد لاءِ خاص طور تي ٺهيل مٺايون آهن، تنهن ڪري هن عيد کي "مٺي عيد" پڻ چيو ويندو آهي.
تاريخ
سنواريوعيدالفطر جون سنتون
سنواريوعيدالفطر جون ھيٺيون 12 سنتون آهن[4]:
- پاڻ کي سينگارڻ، سنوارڻ جو انتظام ڪرڻ
- غسل ڪرڻ
- ڏندڻ ھڻڻ
- عمدو لباس پائڻ
- خوشبو استعمال ڪرڻ
- صبح جو سوير اٿڻ
- عيدگاھ ۾ سوير پھچڻ
- عيدگاھ ۾ وڃڻ کان اڳ فطرو ادا ڪرڻ
- عيدگاھ وڃڻ کان اڳ ڪا مٺي شئي کائڻ
- عيد جي نماز عيدگاھ ۾ پڙھڻ
- رستي ۾ آھستي آھستي تڪبير پڙھڻ
- ھڪ رستي کان پيدل وڃڻ ۽ ٻئي رستي کان موٽڻ
عيد جي نماز
سنواريوعيد جي نماز ۾ ٻہ رڪعتون واجب شامل آهن ۽ ان جي صحيح ۽ واجب ھجڻ لاء ساڳيا شرط آھن، جيڪي جمعي جي نماز جا آھن، پر عيد جي نماز ۾ خطبو شرط ناھي جيڪو جمعي جي نماز ۾ لازمي شرط ھوندو آھي.[4] عيد نماز ۾ خطبو سنت آھي. عيد جي نماز جو وقت سج نڪرڻ کان پوء ۽ سج جي زوال تائين جاري رھي ٿو، پر مستحب آھي تہ عيد جي نماز ۾ دير نہ ڪئي وڃي. اھا نماز اڪيلي سر نہ ٿي پڙھي سگھجي.[4] ان جي قضا ڪانہ ٿيندي آهي. ھن نماز ۾ اذان ۽ اقامت نہ ٿيندي آهي. اھل حديث وارن لاء عيد نماز ۾ عورتن جي ۽ ٻارن جي شرڪت سنت آھي.[4] عيد جو خطبو نه صيف سنت آھي بلڪه ان جو ٻڌڻ واجب آهي. خطبو نماز بعد پڙھڻ سنت آھي.[4] ٻہ خطبا پڙھڻ ۽ ٻنھي جي وچ ۾ جمعي جي نماز جي خطبي واري وقفي جيترو ويھڻ سنت آھي.[4]
ملڪ جي لحاظ کان طريقا ۽ ثقافت
سنواريوشمسي ڪئلينڊر ۾
سنواريوگيلري
سنواريوپڻ ڏسو
سنواريوٻاهريان ڳنڍڻا
سنواريوحوالا
سنواريو- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>
tag; no text was provided for refs namedummalqura
- ↑ Singh, Bhupinder (2 April 2023). "When Is Eid Al-Fitr 2023? Eid Al-Fitr History, Significance, All You Need To Know About Holy Festival" (en ۾). https://www.indiatimes.com/trending/social-relevance/when-is-eid-al-fitr-2023-history-significance-celebration-597357.html.
- ↑ - ڪتاب: آسان فقه، از: مولانا محمد يوسف اصلاحي، مترجم: محمد عاشق ڌامراھا، مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور، جنوري 2002 - صہ 277
- ↑ 4.0 4.1 4.2 4.3 4.4 4.5 - ڪتاب: آسان فقه، از: مولانا محمد يوسف اصلاحي، مترجم: محمد عاشق ڌامراھا، مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور، جنوري 2002 - صہ 277
حوالي جي چڪ: "lower-alpha" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref>
آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="lower-alpha"/>
نہ مليو