لبيا

اتر آفريڪا ۾ ملڪ

رياست ليبيا (عربي: دولة ليبيا؛ انگریزی: State of Libya), اتر آفريڪا جي "المغرب" جي علائقي ۾ هڪ آفريڪي عرب ملڪ آهي.[8][9][10][11] لبيا جون سرحدون اتر ۾ ميڊيٽرينين سمنڊ، اوڀر ۾ مصر، ڏکڻ اوڀر ۾ سوڊان، ڏکڻ ۾ چاڊ، ڏکڻ ۾ نائجر، اولهه ۾ الجزائر ۽ اتر اولهه ۾ تيونس سان لڳن ٿيون. لبيا ٽن تاريخي علائقن، تريپولينيا، فيزان ۽ سائرینيڪا تي مشتمل آهي. لڳ ڀڳ 18 لک چورس ڪلوميٽر (7,00,000 چورس ميل) جي ايراضيءَ سان، هي آفريڪا ۽ عرب دنيا ۾ چوٿين نمبر تي وڏو ملڪ آهي، ۽ دنيا ۾ 16 نمبر وڏو ملڪ آهي. [12] ليبيا, پنھنجي شهر گت جي ڏکڻ ۾ 32,000 چورس ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر الجزائر جي زمین جو دعوی پڻ ڪري ٿو.[13][14] لیبيا جي آبادي 70 لک کان مٿي آهي. ملڪ جو سرڪاري مذهب اسلام آهي، ليبيا جي آبادي جو 96.6٪ سني مسلمان آهي.[15] لیبيا جي سرڪاري ٻولي عربي آهي، جنهن ۾ لیبيا جي عربی ٻولي تمام گهڻي ڳالهائي وڃي ٿي. لیبيا جي آبادي جي اڪثريت عرب آهي. [16] سڀ کان وڏو شهر ۽ راڄڌاني، طرابلس، اتر اولهه لیبيا ۾ واقع آهي۔ [17]

رياست ليبيا

دولة ليبيا
Flag of لیبیا
{{{coat_alt}}}
جھنڊو قومی نشان
ترانو: ليبيا، ليبيا، ليبيا
Location of Libya (dark green) in northern Africa
Location of Libya (dark green) in northern Africa
گادي جو هنڌ طرابلس[1]
32°52′N 13°11′E / 32.867°N 13.183°E / 32.867; 13.183
سڀ کان وڏو شهر طرابلس
دفتري ٻوليون عربی
مقامی عربی لیبیئن عربی
نسلي گروھ (1999ع) سانچو:Tree list
  • عرب %92
  • بربر %5
  • بیا %3
سانچو:Tree list/end
مذهب (2020) سانچو:Tree list سانچو:Tree list/end
مقامي آبادي لیبیئن
حڪومت Unitary republic under a provisional unity government
محمد المینفی
موسی الڪوني
عبدالحمید دبیبیہ[2] of the Government of National Stability}}
عقیل صالح عیسی
مقننه House of Representatives
Independence from Italy
• Independence declared
10 February 1947
24 December 1951
1 September 1969
2 March 1977
17 February 2011
19 March 2011
23 October 2020
پکيڙ
• جملي
1٬759٬541 km2 (679٬363 sq mi) (16ھون)
آبادي
• 2023ع اندازو
72,52,573[3] (106ھون)
•  گھاٽائي
3.74 /km2 (9.7 /sq mi) (218ھون)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2024ع لڳ ڀڳ
• ڪل
$183.39 billion[4] (75ھون)
• في سيڪڙو
$26,528[4] (71ھون)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2024ع لڳ ڀڳ
• ڪل
$43.949 billion[4] (93ھون)

ليبيا برونز جي آخر دور کان وٺي بربرن طرفان آباد ڪيو ويو آهي. بربر ايبرو موروسين ۽ ڪئپسين ثقافتن جو اولاد آهن.[18] ڪلاسيڪي آڳاٽي دور ۾، فونيشين اولهه لیبيا ۾ شهر رياستون ۽ واپاري پوسٽون قائم ڪيون، جڏهن ته اوڀر ۾ ڪيترائي يوناني شهر قائم ٿيا. لیبيا جا حصا مختلف طرح سان ڪارٿيجینئین، فارسين ۽ يونانين جي حڪومت ۾ هئا، ان کان اڳ جو سڄو علائقو رومن سلطنت جو حصو بڻجي ويو. لیبيا عيسائيت جو ابتدائي مرڪز هو. مغربي رومن سلطنت جي زوال کان پوء، لبيا جو علائقو 7 صدي عيسويء تائين گهڻو ڪري وينڊالن جي قبضي ۾ هو، جڏهن ھن علائقي ۾ اسلام آیو. ان کان پوءِ عربن جي صدين کان مغرب ڏانهن لڏپلاڻ، لیبيا جي آبادي جي دائري کي عربن جي حق ۾ منتقل ڪيو. 16هين صديءَ ۾ اسپيني سلطنت ۽ سينٽ جان جا نائٽ طرابلس تي قبضو ڪيو، جيستائين عثماني حڪومت 1551ع ۾ شروع ٿي. لیبيا 18هين ۽ 19هين صديءَ جي باربري جنگين ۾ ملوث رهيو. عثماني حڪومت اٽلي۔ترڪي جنگ تائين جاري رهي، جنهن جي نتيجي ۾ لیبيا تي اطالوي قبضو ٿيو ۽ ٻن نوآبادين، اطالوي ٽرپوليٽانيا ۽ اطالوي سائرينيڪا (1911-1934) جي قيام جي نتيجي ۾، بعد ۾ سال 1934ع کان 1943ع تائين اطالوي ليبين ڪالوني ۾ متحد ٿي ويا.

ٻي عالمي جنگ دوران، لیبيا اتر آفريڪي مهم ۾ جنگ جو ميدان هو. پوءِ اطالوي آبادي زوال پذير ٿي وئي. لیبيا 1951ع ۾ هڪ سلطنت جي حيثيت سان آزاد ٿيو. سال 1969ع ۾ هڪ خونريز فوجي بغاوت، ڪرنل معمر قذافي جي اڳواڻي ۾ اتحاد پاران شروع ڪيو ويو، بادشاهه ادريس اول جی حڪمرانی کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ هڪ جمهوريه ٺاهي وئي.[19] قذافي کي اڪثر نقادن پاران هڪ ڊڪٽيٽر جي طور تي بيان ڪيو ويو آهي، ۽ دنيا جي سڀ کان ڊگهي خدمت ڪندڙ غير شاهي اڳواڻن مان هڪ هو، جيڪو 42 سالن تائين حڪومت ڪندو رھیو.[20] هن سال 2011ع جي ليبيا جي گهرو ويڙهه، جيڪو وسيع عرب اسپرنگ جو حصو هو، دوران ختم ٿيڻ ۽ قتل ٿيڻ تائين حڪومت ڪئي. اختيار قومي عبوري ڪائونسل کي پوءِ چونڊيل جنرل نيشنل ڪانگريس کي منتقل ڪيو ويو. 2014ع تائين ٻن حریف فریق ليبيا تي حڪومت ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي،[21][22][23] جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ٻي گهرو ويڙهه شروع ٿي، ليبيا جا حصا تبروڪ ۽ طرابلس تي ٻڌل حڪومتن سان گڏوگڏ مختلف قبائلي ۽ اسلام پسند مليشيا جي وچ ۾ ورهائجي ويا.[24] ٻن مکيه جنگي فریقن طرفان سال 2020ع ۾ هڪ مستقل جنگ بندي تي دستخط ڪيو ۽ هڪ اتحادي جمهوري حڪومت چونڊن جي منصوبابندي ڪرڻ جو اختيار ورتو، جيتوڻيڪ سياسي دشمني هن کي دير سان جاري رکي ٿي.[25] لیبيا هڪ ترقي پذير ملڪ آهي جيڪو HDI جي لحاظ کان 104 هين نمبر تي آهي ۽ دنيا ۾ 10هين وڏو ثابت ٿيل تيل (Petrole) جا ذخيرا آهن.[26] ليبيا گڏيل قومن، غير الائنڊ موومينٽ، آفريقي يونين، عرب ليگ، او آءِ سي ۽ اوپيڪ جو ميمبر آهي.

لبيا جو جھنڊو

فهرست لاڳاپيل مضمون لبيا سنواريو

  • فهرست لاڳاپيل مضمون لبیا

خارجي ڳنڍڻا سنواريو

حوالا سنواريو

  1. "The World Factbook Africa: Libya". The World Factbook. CIA. وقت 9 January 2021 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 28 May 2015.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  2. "Libya parliament suspends rival eastern-based PM Bashagha". Al Jazeera. 16 May 2023. https://www.aljazeera.com/news/2023/5/16/libya-parliament-suspends-rival-eastern-based-pm-bashagha. 
  3. سانچو:Cite CIA World Factbook
  4. 4.0 4.1 4.2 4.3 "World Economic Outlook Database, October 2023 Edition. (Libya)". IMF.org. International Monetary Fund. حاصل ڪيل 15 October 2023. 
  5. Yakan, Mohamad (2017-11-30) (en ۾). Almanac of African Peoples and Nations. Routledge. pp. 62. ISBN 978-1-351-28930-6. https://books.google.com/books?id=e_hADwAAQBAJ&pg=PT62. 
  6. "The World Factbook Africa: Libya". The World Factbook. CIA. وقت 9 January 2021 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 28 May 2015.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  7. "Human Development Report 2023/24" (PDF). United Nations Development Programme. حاصل ڪيل 13 March 2024. 
  8. "Member States". United Nations. وقت 29 June 2021 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 13 February 2021. On 22 December 2017, the Permanent Mission of Libya to the United Nations formally notified the United Nations that the government is changing the official name of Libya to 'State of Libya.'  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  9. "Publications Office – Interinstitutional style guide – Annex A5 – List of countries, territories and currencies". Europa (web portal). وقت 5 August 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 1 April 2016.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  10. "Libya". The World Factbook. وقت 9 January 2021 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 1 April 2016.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  11. "Libya". The World Factbook. وقت 9 January 2021 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 9 June 2018.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  12. "Demographic Yearbook (3) Pop., Rate of Pop. Increase, Surface Area & Density" (PDF). United Nations Statistics Division. وقت 14 November 2012 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 5 February 2013.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  13. "Libya", The World Factbook (Central Intelligence Agency), حاصل ڪيل 2024-04-01 
  14. "Libya-Algeria". 
  15. "The World Factbook Africa: Libya". The World Factbook. CIA. وقت 9 January 2021 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 28 May 2015.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  16. (en ۾) Britannica Student Encyclopaedia. Encyclopaedia Britannica, Inc.. 2014-05-01. ISBN 978-1-62513-172-0. https://books.google.com/books?id=6IOKAwAAQBAJ&pg=RA6-PA144. 
  17. "Libya Demographics Profile 2014". Indexmundi.com. وقت 4 March 2016 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 1 April 2016.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  18. J. Desanges, "The proto-Berbers", pp. 236–245, especially p. 237, in General History of Africa, vol. II: Ancient Civilizations of Africa (UNESCO 1990).
  19. "1969: Bloodless coup in Libya". 1 September 1969. http://news.bbc.co.uk/onthisday/hi/dates/stories/september/1/newsid_3911000/3911587.stm. 
  20. Kafala, Tarik. "Gaddafi's quixotic and brutal rule". BBC News. وقت 24 April 2023 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  21. "Rival second Libyan assembly chooses own PM as chaos spreads". Reuters. 25 August 2014. https://www.reuters.com/article/us-libya-security-idUSKBN0GP0NZ20140826. 
  22. Chris Stephen. "Libyan parliament takes refuge in Greek car ferry". The Guardian. https://www.theguardian.com/world/2014/sep/09/libyan-parliament-refuge-greek-car-ferry. 
  23. "Peace talks between Libyan factions to take place in Geneva". Sun Herald. 7 August 2015. http://www.sunherald.com/2015/08/07/6355978/peace-talks-between-libyan-factions.html. [مئل ڳنڍڻو]
  24. "Libyan government offensive in Benghazi stalls as Islamists dig in". Reuters. 6 August 2015. https://www.reuters.com/article/us-libya-security-benghazi-insight-idUSKCN0QB0FK20150806. 
  25. "Libyan Civil War: Two warring factions sign 'permanent' ceasefire". The Daily Star. وقت 15 April 2021 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 5 March 2021.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  26. "World proven crude oil reserves by country, 1980–2004". OPEC. وقت 11 July 2012 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 5 February 2013.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)