رمضان هجري ڪئلينڊر جو نائون مهينو آهي۔ هن کي رمضان المبارڪ به چيو ويندو آهي ۔مسلمانن جي لاء هن پوري مهيني ۾ روزا رکڻ فرض آهن۔ انهي ۾ هڪ رات اهڙي آهي جنهن کي شب قدر چيو ويندو آهي۔ قرآن جي مطابق جنهن جي عبادت هزار مهينن جي عبادت کان بهتر آهي۔ لفظ رمضان عربي جو لفظ آهي جيڪو رمضه مان نڪتل آهي جنھن جي معني آهي سخت گرمي[1] [2].. ھي مھينو اسلام کان آمد کان اڳ جو مھينو آھي ۽ ان مھيني ۾ سخت گرمي جي موسم ۾ سج جي سخت تپش ٿيندي ھئي ان نسبت سان ان جو نالو رمضان پئجي ويو شروع ۾ 2 ھجري کان اڳ ھر ٽئين سال ھڪ مھينو وڌائي ان سال کي تيرھن مھينن جو ڪيو ويندو ھو، جنھن سان قمري ۽ شمسي سال جي وچ ۾ ھر سال ٿيندڙ 10 ڏينھن جو فرق ختم ٿي ويندو هو. تنھن ڪري ھي مھينو ھر سال ان ساڳي بھار جي موسم ۾ ايندو ھيو پر سن 2 ھجري ۾ سورة التوبة جي آيت نمبر 36 نازل ٿيڻ کان پوء (جنھن ۾ سال ۾ صرف ٻارھن مھينن کي لازمي ڪيو ويو) ان تيرھين مھيني شامل ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو ويو جنھن ڪري رمضان ھاڻي مستقل ان ساڳي سخت گرمي واري مند ۾ نہ ايندو آهي.

رمضان

کجي جي وڻ جي مٿان هلال جو منظر، مسلمان چنڊ ڏسي ئي پنهنجي اسلامي مهينن جي ابتداء ڪرندا آهن۔
ملهائڻ وارا مسلم
قسم مذهبي
تقريبون اجتماعي افطاريون ۽ اجتماعي نمازون (تراويح)
رسمون * روزو (رکڻ)
شروعات 1 رمضان
ختم 29، يا 30 رمضان
تاريخ Variable (follows the Islamic lunar calendar)
تقرر هر سال رمضان ۾
لاڳاپيل عيد الفطر، ليلة القدر

رمضان المبارڪ قرآن جي بهار جو مهينو سنواريو

پاڻ سڳورنﷺ جي مشهور حديث آهي ته:

لکلّ شيءِ ربيع و ربيع القرآن شهر رمضان

حوالو ثواب الاعمال، ص103 ، منشورات شريف الرضي قم، 1368 ، طبع دوم

هر شي جي لاءِ بهار هوندو آهي ۽ قرآن جي لاءِ بهار رمضان جو مهينو آهي . رمضان جي مهيني ۾ انسان جنهن طرف به وڃي، قرآن جي تلاوت جو مٺڙو آواز انسان جي ڪنن تائين پهچندو آهي، ڪٿي قرآن مجيد جي تلاوت جي محفل ڏسڻ ۾ ايندي آهي، ته ڪٿي وري حفظ قرآن جا مقابلا ۽ ڪٿي قرات قرآن جون محفلون سجيل هونديون آهن، ۽ ڪٿي ته تجويد ۽قواعد جون ڪلاسون ٿينديون آهن. پر جيڪڏهن سني ڀائرن جي پاڙن ۾ هليو وڃجي ته جلدي جلدي قرآن پاڪ جو ختم ڪڍڻ جي گوءِ ڏسڻ ۾ ايندي آهي. چوڻ جو مطلب اهو آهي ته ماڻهون رمضان شريف ۾ مختلف طريقن سان پنهنجو قرآن سان لاڳاپو ظاهر ڪندا آهن، ۽ حق به اهو ئي آهي ڇاڪاڻ ته رمضان قرآن جي نازل ٿيڻ جو مهينو آهي

رمضان الله جو مهينو سنواريو

- قال رسول الله صلى الله عليه وآله: شَعبانُ شَهري، و شَهرُ رَمَضانَ شَهرُ اللهِ

شعبان منهنجو مهينو آهي ۽ رمضان الله جو مهينو آهي[3]

حوالا سنواريو

  1. سبب تسمية شهر رمضان آرڪائيو ڪيا ويا 2 March 2018[Date mismatch] حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  2. [https://www.shar7.com/لماذا-سمي-رمضان/ بماذا سمي رمضان [Webarchive|url=http://web.archive.org/web/20180302164520/https://www.shar7.com/لماذا-سمي-رمضان/ |date=02 مارس 2018]
  3. فضائل الأشهر الثلاثة: 44/20، الأمالي للصدوق:71/38 ، تحف العقول: 419 ، الإقبال: 3 /