عيدالاضحيٰ

حج واري عيد
عيد نماز جو ھڪ منظر

(عربي ٻولي: عيدالاضحيٰ) مسلمانن جو مذھبي ڏڻ آھي۔ مسلمان ٻن طرح جون عيدون ملھائيندا آھن۔ ھڪ کي عيد الفطر ۽ ٻي کي عيد الاضحيٰ چيو ويندو آھي۔ عيد الاضحيٰ ذوالحج جي ڏھ تاريخ تي ملھائي ويندي آھي۔ ان ڏينھن مسلمان ڪعبۃ الله جو حج بھي ڪندا آھن۔ انس بن مالڪ فرمائن ٿا تہ جھالت جي دور ۾ ماڻھن سال ۾ ٻہ ڏينھن راند روند جي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيا ھئا۔ رسول الله (صلي الله عليه وآلهٖ وسلم) جڏھن مديني منور تشريف آندي تہ ارشاد فرمايو توھان ماڻھن جي راند روند جي لاءِ ٻہ ڏينھن مقرر ھيا، الله تعاليٰ انھن کي انھن کان بھتر ڏينھن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آھي۔ يعني عيدالفطر ۽ عيد الاضحيٰ۔ [1] مومن جي لاءِ دنيا ۾ ٽي عيدون آھن : عبد الله ابن عباس کان روايت آھي تہ رسول الله (صلي الله عليه وآله وسلم) ارشاد فرمايا تہ عيد جو ڏينھن آھي جو الله تعاليٰ مسلمانون کي عطا فرمايا۔ سو ! جيڪوو جمعي جي لاءِ اچڻ چاھي تہ غسل ڪري ڇڏي ۽ جيڪڏھن خوشبو ميسر ھجي تہ لڳائي ڇڏي ۽ توھان تي پر مسواڪ (بہ) لازم آھي۔ [2] ذوالحج جي ۹ تاريخ کي يوم عرفه يا عرفه جو ڏينهن سڏيندا آهن ۽ ۱۰ ذوالحج کي يوم النحر يا قرباني جو ڏينهن سڏبو آهي ۽ ۱۱, ۱۲ ۽ ۱۳ ذوالحج کي ايام تشريق سڏيندا آهن[3].

عيدالاضحي جون سنتونسنواريو

عيد الضحي ج جي ڏينهن عيدگاھ وڃڻ کان پھريون ڪجھ نہ کائڻ سنت آھي. عيدگاھ وڃڻ وقت بلند آواز ۾ تڪبيرون پڙھڻ سنت آھي.

عيد الاضحيٰ جو ڏينهنسنواريو

ٻي عيدالاضحي آھي جيڪا ڏھ ذي الحج جي ڏينھن ۾ آتي آھي ۽ ھي ٻنھي عيدن ۾ وڏي ۽ افضل عيد آھي ۽ حج جي مڪمل ٿيڻ کان بعد اچي ٿي جڏھن مسلمان حج مڪمل ڪري وٺن ٿا تو الله تعالٰي انھن کي معاف ڪرديتا آھي۔

ان لاءِ حج جي تڪميل يوم عرفہ ۾ وقوف عرفہ تي ٿيندي آھي جيڪو حج جو ھڪ عظيم رڪن آھي جيئن تہ نبي صلي الله عليه وسلم ڪا فرمان آھي: يوم عرفہ باھ کان آزادي جو ڏينھن آھي جنھن ۾ الله تعالٰي ھر شخص کي باھ کان آزادي ڏيندو آھي عرفات ۾ وقوف ڪرڻ وارن۽ ٻين ملڪن ۾ رھنڻ وارن مسلمانون کي بہ آزادي ملندي آھي ۔

1. - ھي ڏينھن الله تعالٰي وٽ سڀ کان بھترين ڏينھن آھي : حافظ ابن قيم رحمه الله تعالٰي زاد المعاد ( 1 / 54 ) ۾ چون ٿا : [الله تعالٰي وٽ سڀ کان افضل ۽ بھتر ڏينھن يوم النحر ( عيدالاضحي ) جو ڏينھن آھي ۽ اھو حج اڪبر وارو ڏينھن آھي] ( نبي صلي الله عليه وسلم جو فرمان آھي : يقينن يوم النحر الله تعالٰي وٽ بھترين ڏينھن آھي ) [4]

2. – ھي حج اڪبر وارو ڏينھن آھي :
ابن عمر رضي الله تعالٰي عنھما بيان ڪن ٿا تہ نبي صلي الله عليه وسلم اس حج جي دوران جيڪو انھن ڪيو ھو يوم النحر( عيد الاضحي ) والري ڏينھن جمرات جي وچ ۾ بيھي ڪري فرمائڻ لڳا تہ حج اڪبر وارو ڏينھن آھي ۔ [5]

نبي اڪرم صلي الله عليه وسلم فرمايو : يوم عرفہ ۽ يوم النحر ۽ ايام تشريق اسان اھل اسلام جي عيد جا ڏينھن آھن ۽ ھي سڀ کائڻ پيئڻ جا ڏينھن آھنن ۔ [6]

عيد نمازسنواريو

عيد جي نماز ۾ ٻہ رڪعتون واجب شامل آهن ۽ ان جي صحيح ۽ واجب ھجڻ لاء ساڳيا شرط آھن جيڪي جمعي جي نماز جا آھن پر عيد جي نماز ۾ خطبو شرط ناھي جيڪو جمعي جي نماز ۾ لازمي شرط ھوندو آھي[3]. عيد نماز ۾ خطبو سنت آھي. عيد جي نماز جو وقت سج نڪرڻ سان پيلاڻ جي ختم ٿيڻ بعد شروع ٿئي ٿو ۽ سج جي زوال تائين جاري رھي ٿو پر مستحب آھي تہ عيد نماز ۾ دير نہ ڪئي وڃي. اھا نماز اڪيلي سر نہ ٿي پڙھي سگھجي[3]. ان جي قضا ڪانہ ٿيندي آهي. ھن نماز ۾ اذان ۽ اقامت نہ ٿيندي آهي. اھل حديث وارن لاء عيد نماز ۾ عورتن جي ۽ ٻارن جي شرڪت سنت آھي[3]. عيد جو خطبو سنت آھي پر ان جو ٻڌڻ واجب آهي.خطبو نماز بعد پڙھڻ سنت آھي[3]. ٻہ خطبا پڙھڻ ۽ ٻنھي جي وچ ۾ جمعي جي نماز جي خطبي واري وقفي جيترو ويھڻ سنت آھي[3].

حوالاسنواريو

  1. سنن نسائي:جلد اول:حديث نمبر 1561
  2. سنن ابن ماجہ:جلد اول:حديث نمبر 1098
  3. 3.0 3.1 3.2 3.3 3.4 3.5 - ڪتاب: آسان فقه، از: مولانا محمد يوسف اصلاحي، مترجم: محمد عاشق ڌامراھا، مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور، جنوري 2002 - صہ 277 کان 282
  4. سنن ابوداؤد حديث نمبر 1765
  5. صحيح بخاري حديث نمبر 1742
  6. سنن ترمذي حديث نمبر 773

پڻ ڏسوسنواريو