حج جي لغوي معنيٰ ارادو ڪرڻ آهي، يعني ارادو ڪري ڪنهن هنڌ وڃڻ. شرعي اصطلاح ۾ مڪي شريف وڃي ڪعبة الله شريف. مِني , عرفات، مزدلفه ۽ جمرات وغيره جو ارادو ڪري طواف ۽ ٻيا حج جا مناسڪ ادا ڪرڻ ۽ مقرر اعمال ۽ آداب بجا آڻڻ کي حج چئجي ٿو.

حج جي دوران نڪتل تصوير

حج جون لغت ۾ هيٺيون معنائون آهن[1]:

  1. ارادو ڪرڻ،
  2. قصد ڪرڻ،
  3. حجت اٿارڻ،
  4. دليل بازي ڪرڻ،
  5. جهڳڙو ڪرڻ،
  6. بحث مباحثو ڪرڻ.

حج ۽ اسلام

سنواريو

حج، اسلام جي پنجن بنيادي رُڪنن منجهان آخري رُڪن آهي. قرآن شريف ۾ الله تعاليٰ جو ارشاد آهي: ”ماڻهن تي الله تعاليٰ جو هي حق آهي ته جيڪو اُن جي گهر تائين پهچڻ جي قوت رکندو هجي ته ان جو حج ڪري. (سورة: 3. آيت: 97) الله تعاليٰ، ڪعبة الله شريف کي حج لاءِ گڏ ٿيڻ جو مرڪز قرار ڏنو. هي خدا تعاليٰ جو پهريون گهر آهي، جيڪو انسانن (مسلمانن) لاءِ قبلو مقرر ڪيو ويو. قرآن جي حوالي سان اُن جي جاءِ مڪو شريف آهي. الله تعاليٰ جو فرمان آهي: ”ياد ڪريو اهو وقت (اي محبوب)! جڏهن اسان (حضرت) ابراهيم (عليھ السلام) لاءِ گهر (ڪعبي) جي جاءِ تجويز ڪئي... ۽ ماڻهن کي حج جي لاءِ عام اجازت ڏيئي ڇڏيو جو اهي اوهان هر پري کان پري هنڌان پيادا۽ اُٺن تي سوار ٿي اچن. (سورة: 22، آيت: 27)

 
ڪعبي جو پر نور منظر.

حج جي حقيقت

سنواريو

حج جي حقيقت اها آهي ته جتي خدا تعاليٰ جي رحمتن ۽ برڪتن جو بي انتها نزول ٿئي ٿو. ان هنڌ تي ٻانهن جي خاص حاضري ٿئي. جيئن حضرت ابراهيم عليھ السلام، الله تعاليٰ جي حڪم جي تعميل ڪندي لبيڪ چئي اتي حاضر ٿيو ۽ سندس حڪم موجب عمل ڪندي پنهنجي پياري پُٽ، حضرت اسماعيل عليھ السلام جي قرباني ڏني. قيامت تائين مسلمانن جي هت اچي وڏي ادب، احترام ۽ نياز نوڙت سان حاضري ڏيڻ جو مقصد، ان عظيم الشان قربانيءَ جي روح کي زندهه ڪرڻ آهي. پڻ جيڪي عمل پاڻ قربانيءَ دوران ڪيائون سي سڀ اسان کي حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن، الله تعاليٰ جي حڪم سان عملي طور ڪري ڏيکاريا ۽ انهن کي قيامت تائين جي مسلمانن لاءِ سُنتِ ابراهيمي طور نافذ ڪري ڇڏيو. جيئن ٻانهو انهن تي وڏي پيار، پاٻوهه ۽ نياز نوڙت سان عمل ڪري الله تعاليٰ جي رضا حاصل ڪري دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي ماڻي سگهي. حج جي حقيقت ۽ فلسفي، مسائل ۽ احڪام متعلق بيانن سان ڪتاب ڀريا پيا آهن. هت فقط حج جي بنيادي ڳالهين جو مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو.

حج جا فراض

سنواريو
  • (1) احرام ٻڌڻ
  • (2) وقوفِ عرفات يعني 9 ذوالحج تي زوال کانپوءِ ڪا به گهڙي عرفات ۾ گذارڻ
  • (3) طواف زيارت ڪرڻ.

حج جا واجبات

سنواريو
  • (1) ميقات (جن هنڌن تان احرام ٻڌي حج يا عمري لاءِ اڳتي وڃجي) وٽ احرام ٻڌڻ
  • (2) صفا ۽ مروه پهاڙن جي وچ ۾ سعي ڪرڻ (ڊوڙڻ)
  • (3) شروعات صفا کان ۽ انتها يا اختتام مروه تي ڪرڻ
  • (4) سعي دوران (سواءِ ڪن مجبوريءَ يا عذر جي) پيادل هلڻ
  • (5) وقوف عرفات دوران سج لهڻ تائين لڳاتار اتي رهڻ (جيئن ٿورو حصو رات جو به شامل ٿي وڃي)
  • (6) ڏهه ذوالحج جي رات مزدلفه ۾ گذارڻ، (7) ڏهه ذوالحج جي فجر نماز کان پوءِ ڪجهه دير مزدلفه ۾ گذارڻ
  • (8) نَوَ ذوالحج واري مغرب نماز کي دير ڪري عشاء نماز سان ملائي مزدلفه ۾ پڙهڻ
  • (9) جمرن (شيطانن) کي ٽن ڏينهن تائين ڀتريون هڻڻ
  • (10) رمي ڪرڻ (شيطان کي پيٿريون هڻڻ) ۽ مٿي جا وار ڪترائڻ يا ڪوڙائڻ ۾ ترتيب جو لحاظ رکڻ يعني اول رمي ڪرڻ پوءِ قرباني ڪرڻ، ان کان پوءِ مٿو ڪوڙائڻ
  • (11) هر ڏينهن جي رمي ان مقرر ڏينهن تي ڪرڻ
  • (12) احرام مان نڪرڻ جي نيت سان مٿي جا وار ڪوڙائڻ يا ڪترائڻ
  • (13) جمرن کي قربانيءَ کان اڳ ۾ پٿريون هڻڻ
  • (14) قربانيءَ وارن ڏينهن ۾ مٿو ڪوڙائڻ
  • (15) مٿو حرم جي حدن اندر ڪوڙائڻ
  • (16) قرباني وارن ڏينهن (يعني ڏهين، يارهين ۽ ٻارهين) تي زيارت جي طواف جا گهٽ ۾ گهٽ چار چڪر لڳائڻ
  • (17) باقي ٽي چڪر طواف جا ادا ڪرڻ
  • (18) حطيم کان ٻاهر طواف ڪرڻ
  • (19) طـواف وقـت جـسـم جـو حـقيـقـي ۽ حڪـمـي نجـاستن کان پاڪ هجڻ
  • (20) طواف جي شروعات، حجر اَسود کان ڪرڻ
  • (21) طواف دوران اوگهڙ ڍڪڻ
  • (22) اوگهڙ ڍڪڻ واري ڪپڙي جو پاڪ هجڻ
  • (23) طاقت هجي ته پيادل طواف ڪرڻ
  • (24) ساڄي کان کاٻي طرف طواف ڪرڻ
  • (25) حج قِران ۽ تمتع لاءِ قرباني ڪرڻ*
  • (26) حج قران ۽ تمتع ۾ مٿي ڪوڙائڻ کان اڳ ۾ قرباني ڪرڻ
  • (27) حج قِران ۽ تمتع جي قرباني حرم جي حدن اندر ڪرڻ
  • (28) مڪي شريف جي حدن کان ٻاهران ايندڙ حاجين کي واپس ٿيڻ کان اڳ ۾ طواف وداع ڪرڻ
  • (29) احرام دوران منع ٿيل ڪمن کان بچڻ.

انهن سڀني عملن مان ڪو به رهيو ته حج ٿي ويندو پر ان تي دم لازم ايندو يعني ڏنڊ طور هڪ ٻڪري يا رڍ ذبح ڪرڻي پوندي.

حج ڪرڻ جا ٽي طريقا آهن

سنواريو
  • (1) حج افراد: يعني حج جي نيت ڪري احرام ٻڌڻ.
  • (2) حج قِران: حج ۽ عمرو ٻنهي جي نيت ڪري احرام ٻڌڻ ۽ ٻنهيءَ جي مڪمل ادا ڪرڻ تائين احرام ۾ رهڻ.
  • (3) حج تمتع: حج جي ڏينهن ۾ حج ۽ عمرو ٻئي ادا ڪرڻ. اول عمري جي نيت ڪري احرام ٻڌڻ، عمرو ادا ڪري احرام لاهڻ ۽ پوءِ اٺين تاريخ حج جي نيت ڪري ٻيهر احرام پائڻ. پاڻ ڪريمصه جن امت لاءِ حج تمتع کي ئي پسند فرمايو. پاڪستان ۽ هندوستان جا حاجي گهڻو ڪري تمتع حج ئي ادا ڪندا آهن.

تصويرون

سنواريو

عبادتون

سنواريو
  • اٺين ذوالحج تي صبح جو پاڪ صاف ٿي احرام پائي مٿو اگهاڙو ڪري حج جي نيت ڪرڻ کان پوءِ بلند آواز سان تلبيه: لَبَّيْكَ ااَللّٰهُمَّ لَبَّيْكَ، لَبَّيْكَ لَا شَرِيْكَ لَكَ لَبَّيْكَ، اِنَّ الْحَمْدَ وَالنَّعْمَةَ، لَكَ وَالْمُلْك لَا شَرِيْڪَ لَكَ °. پڙهڻ شروع ڪجي ۽ بهتر آهي ته ڪوشش ڪري حرم شريف ۾ پهچي طواف ڪري ٻه رڪعتون نفل نماز ادا ڪري حج جي نيت حرم شريف ۾ ئي ڪري منيٰ ڏانهن روانو ٿجي ۽ واٽ تي تلبيه، ذڪر ۽ درود شريف پڙهندو وڃجي. منيٰ ۾ پهچي اهو ڏينهن ۽ رات اتي گذارجي ۽ اتي جا احڪام بجا آڻجن.
  • نائين ذوالحج تي فجر جي نماز منيٰ ۾ ادا ڪري سج جي روشني ٿيڻ کان پوءِ ميدان عرفات ڏانهن روانو ٿجي، رستي ۾ تلبيه، ذڪر اذڪار استغفار درود شريف ۽ دعائون پڙهجن. ميدان عرفات پهچڻ وقت الله تعاليٰ جي حمد بجا آڻجي ۽ وقوف عرفه جا احڪام بجا آڻجن ۽ اتي ظهر ۽ عصر جون نمازون ملائي عصر جي نماز وقت امام جي پٺيان پڙهجن. جيڪي زوال کان پوءِ مسجد نمره ۾ امام صاحب خطبي ڏيڻ کان پوءِ پڙهائيندو آهي. جيڪڏهن ڪو مسجد ۾ پهچي نه سگهي ته اهو پنهنجي خيمي ۾ به پڙهي سگهي ٿو.

سج لهڻ سان ميدان عرفات مان مزدلف ڏانهن روانو ٿجي. مزدلفه پهچڻ کان پوءِ مغرب۽ عشاءَ جون ٻئي نمازون هڪ آذان ۽ هڪ تڪبير سان عشاء جي وقت ادا ڪجن ۽ سڄي رات عبادت ۽ استغفار ۾ گذارجي. صبح جي نماز اول وقت ۾ ادا ڪري ڪجهہ دير ترسي سج اڀرڻ کان ٿورو اڳ ۾ منيٰ ڏانهن روانو ٿجي. مزدلفه کان روانو ٿيڻ کان اڳ ۾ شيطان کي هڻڻ لاءِ ست ننڍيون پٿريون اتان ئي کڻجن.

  • اهو 10 ذوالحج جو ڏينهن هوندو. (جنهن ڏينهن ٻين ملڪن ۾ مسلمان عيد نماز ادا ڪن ٿا. مڪي ۾ موجود حج ادا ڪندڙ کي ٻين احڪامن ادا ڪرڻ سبب عيد نماز ادا ڪرڻ جي معافي مليل هوندي آهي) ان ڏينهن منيٰ ۾ پهچي ٿورو ٿڪ ڀڃي، جمره عقبھ (وڏي شيطان) کي پٿريون هڻجن ۽ پوءِ قربان گاهه تي وڃي قرباني ڪجي ۽ پوءِ مٿو ڪوڙائجي. ان موقعي تي عورتون چوٽين مان فقط آڱر برابر وار ڪترائينديون. ان کان پوءِ احرام کوليو ويندو ۽ عام لباس پاتو ويندو. ان کان پوءِ طواف زيارت ڪبو ۽ صفا ۽ مروه جي وچ ۾ سعي ڪبي. سعي کان پوءِ حج جا فرضي احڪام پورا ٿي ويندا.
  • 11 ذوالحج تي هڪ دفعو وري جمرن کي پٿريون هڻبيون. (برڪات الحرمين). حج جي ادائگي کان پوءِ مديني شريف وڃي حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي روضي اطهر ۾ حرم نبيءَ جي زيارت کان شرف ياب ٿيڻو پوندو آهي ۽ اتي گهٽ ۾ گهٽ چاليهه فرض نمازون پڙهڻيون پونديون آهن.[2]

احصار جي لغوي معنيَ آهي روڪڻ يا جھلڻ. اصطلاح ۾ ان مان مراد آھي تہ ڪو ماڻھو حج يا عمري جي نيت ڪري ۽ پوء کيس حج يا عمري ڪرڻ کان روڪيو وڃي. اھڙي ماڻھوءَ کي اصطلاح ۾ محصر پڻ چوندا آهن.[3]

  1. اسلامي-لا، قرآن ۽ حديث جي روشنيءَ ۾ مولانا فضل احمد غزنوي؛ رسالو:مھراڻ؛ ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ؛ 1962ع
  2. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012
  3. ڪتاب: آسان فقه، از: مولانا محمد يوسف اصلاحي، مترجم: محمد عاشق ڌامراھا، مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور، جنوري 2002ع، ص 299