آذربائيجان سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ


آذربائيجان سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ(انگريزي: Azerbaijan Soviet Socialist Republic) يا سوويت آذربائيجان يونين آف سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ (USSR) يا سوويت يونين جي رياستن مان ھڪ رياست ھئي جيڪا 1922ع کان 1991ع تائين سوويت يونين جو حصو رھي. 28 اپريل 1920ع تي جڏهن آذربائيجان سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ قائم ٿي تہ اتي سوويت روس ان جي اقتدار سنڀالڻ لاء سوويت اڳواڻ آندا. پھريان ٻہ سال اھا بطور سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ جي ھڪ خودمختيار رياست ھئي پوء ان کي آرمينيا ۽ جارجيا سميت ٽرانسڪاڪيشن سوشلسٽ فيڊريٽو ريپبلڪ ۾ شامل ڪيو ويو جيڪا ولاديمير لينن جي رٿ مطابق جوڙي وئي هئي. ان وفاقي سوشلسٽ رياست ۾ آذربائيجان، آرمينيا ۽ جارجيا جي خوداختياري کي پڻ برقرار رکيو ويو ھو. ڊسمبر 1922 ۾ اھا نئين ٺھيل وفاقي رياست سوويت يونين جو حصو ٿي وئي. 1936ع ۾ اھا فيڊريٽو ريپبلڪ ٽوڙي ٽنھي رياستن جي سوشلسٽ ريپبلڪ واري حيثيت بحال ڪئي وئي.14 مارچ 1937ع ۾ آذربائيجان سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ جو آئين منظور ڪيو ويو. ھي رياست جو 1991 م خاتمو آندو ويو جڏھن 5 فيبروري 1991ع تي سوشلسٽ ريپبلڪ جي صدر جي 29 نومبر 1990 واري نئين رياست جي قيام جي اعلان جي آذربائيجان جي سپريم سوويت توثيق ڪئي[1]. ان باوجود آذربائيجان سويت يونين ۾ آڪٽوبر 1991ع تائين شامل رھيو. سوشلسٽ ريپبلڪ وارو آئين نئين ريپبلڪ ۾ 1995ع تائين جاري رھيو جنھن بعد ملڪ ۾ نئون آئين نافذ ڪيو ويو. 13 آڪٽوبر 1922ع تي سوويت يونين جي روسي، آذربائيجاني، آرمينيائي ۽ جارجيائي ريپبلڪن جو ترڪي سان قارص وارو معاھدو ٿيو جنھن تحت اڳوڻي خودمختيار نخجوان سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ کي آذربائيجان جي حدن منجھ خودمختيار حيثيت ۾ برقرار رکيو ويو.[2][3]

آذربائيجان سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ

1920–1922
1936–1991
Flag of Azerbaijan SSR
{{{coat_alt}}}
جھنڊو (1956–1991) نسبتي نشان
(1978–1991)
ترانو: (1944–1991)
قومي ترانو
Location of Azerbaijan SSR
حیثیت خودمختيار رياست (1920–1922)
ٽرانسڪاڪيشن سوشلسٽ فيڊريٽو سوويت ريپبلڪ
گادي جو هنڌ باڪو
مقامي آبادي آذربائيجاني
سووويت
حڪومت
مقننه سپريم سوويت

معيشت سنواريو

سوشلسٽ ريپبلڪ ۾ آذربائيجان جي اندر تيل جا نوان ذخيرا دريافت ڪيا ويا. 1929ع ۾ جارجيا کان پوءِ آذربائيجان سوشلسٽ ريپبلڪ سوويت يونين جي تيل پيدا ڪندڙ ٻين وڏي ريپبلڪ ھئي جيڪا جلد ئي 1931ع جي مارچ جي آخر تائين پھرين نمبر تي ٿي وئي. ان سال سويت يونين جو 60 سيڪڙو تيل آذربائيجان مان ھيو. رياست جي ٻئين پنج سالا منصوبي (1933–1937) جي آخر ۾ آذربائيجان سوويت يونين اندر سرمايي جي سيڙپ ۾ ٽيون نمبر وڏي ريپبلڪ بڻجي چڪو ھو. 22 جون 1941ع جرمني سوويت يونين تي حملو ڪري ان سان جنگ جي شروعات ڪئي تہ ان پھرين سال آذربائيجان 2350 لک ٽن تيل پيدا ڪيو جيڪو تيل جي صنعت جي سموري تاريخ جو ھڪ وڏو رڪارڊ ھيو[4] تيل جي صنعت وارن مزدورن رضاڪارانه طور موڪلون ختم ڪري روز 12 ڪلاڪ لاڳيتو ڪم ڪيو. جرمن فوج باڪو جي تيل جي ڪري اھميت ھجڻ ڪري ان طرف پيشقدمي ڪندي ڪوہ قاف جبلن واري علائقي ۾ پھتي، پر اسٽالن گراڊ واري جنگ ھارائڻ بعد جرمن فوج ڪوہ قاف مان پڻ پوئتي موٽڻ شروع ڪيو. 1942ع ۾ آذربائيجان سوويت يونين ۾ ٻيون نمبر وڏي چانھن پيدا ڪندڙ ريپبلڪ ٿي وئي. 1950 واري ڏھاڪي ۾ سمنڊ اندر تيل ڪڍڻ جي شروعات ٿي. 1960 واري ڏھاڪي ۾ سوويت معيشت ۾ آذربائيجان جي تيل جي صنعت جي بنيادي اھميت گھٽجندي وئي. جزوي بطور تي تيل جي پيداوار جي پيداوار کي سوويت يونين جي ٻين خطن ۾ منتقل ڪيو ويو ۽ ٻيو سبب زميني تيل جي دريافت ۾ ڪمي اچڻ ۽ سامونڊي تيل جي دريافت جو مھانگو ھجڻ ڪري ان کي غير اھم سمجھڻ ھيو. ان صورتحال ڪري تاجڪستان کان پوءِ سويت يونين جي سوشلسٽ ريپبلڪن ۾ آذربائيجان جي پيداوار ۽ پيداواري صلاحيت جي شرح سڀ کان گھٽ رھي. ان کان سواءِ آذربائيجاني ۽ آرمينيائي ماڻھن وچ ۾ نسلي ٽڪراء ۾ اضافو ٿيو جنھن سان تشدد وارا واقعا پڻ شروع ٿيا جن کي سختي سان ڪچليو ويو.

سوشلسٽ ريپبلڪ جو زوال سنواريو

ماسڪو جي حڪومت 1969ع ۾ حيدر علييف ڪميونسٽ پارٽي آذربائيجان جو فسٽ سيڪريٽري مقرر ڪيو جنھن معيشيت ۾ اصلاحون آڻي عارضي طور تي بھتري آندي ۽ تيل جي نعم البدل صنعت کي فروغ ڏياريو جن م ڪپھ سرفھرست ھئي. 1982ع ۾ حيدر علييف ماسڪو ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي پولٽ بيورو جو ميمبر مقرر ٿيو. ھن 1987ع ۾ ميخائيل گورباچوف جي پرسٽرائڪا واري پاليسي جي مخالفت ڪئي جنھن ڪري کيس جبري طور تي رٽائر ڪيو ويو. 1980 جي ڏھاڪي واري پوئين حصي ۾ گورباچوف جي دؤر ۾ ڪوھ قاف ۾ نگورنو ڪاراباخ واري مسئلي ڪر کنيو،. نسلي تصادم ڪميونسٽ پارٽي جي ڪمزورين کي وائکو ڪري ڇڏيو.گلاسنوسٽ يا اظھار جي آزادي جي پاليسي سان غيرجانبدار اشاعتون ۽ سياسي جماعتون وجود ۾ آيون. آذربائيجان ۾ پڻ پاپولر فرنٽ آف آذربائيجان جيڪا سوشلسٽ ريپبلڪ جي زوال واري وقت اقتدار سنڀالڻ لاءِ تيار ٿي وئي ۽ جلد ئي سوويت يونين کان آزادي جي شروعات ٿي جنھن جي اصل قيادت پاپولر فرنٽ ڪئي

 
1991 ۾ سوويت يونين جي ٽٽڻ کان اڳ آذربائيجان جو جھنڊو


سوويت يونين جي ٽٽڻ کان اڳ جيڪا بيچيني پيدا ٿي ان ۾ ريڊ آرمي آذربائيجان ۾ فوجي ڪاروائي سان آزادي جي مطالبن کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪا ڪاروائي 20 جنوري 1990ع تي ڪاري جنوري ۾ تبديل ٿي وئي جنھن ۾ 132 مظاھرو ڪندڙ ۽ باڪو جا ٻيا شھري مارجي ويا.

حوالا سنواريو

حوالا سنواريو

  1. "Decision of Supreme Soviet of Azerbaijan Republic (5 February 1991)" (PDF). Administrative Department of the President of Republic of Azerbaijan, Presidential Library (ٻولي ۾ Azerbaijani). صفحو. 46. حاصل ڪيل 13 June 2017. 
  2. "Treaty of Friendship between Turkey, the Azerbaijan Socialist Soviet Republic, the Socialist Soviet Republic of Armenia and the Socialist Soviet Republic of Georgia on one hand and Turkey on the other, concluded with the participation of the Russian Socialist Federative Soviet Republic, in Kars on October 13th 1921" (PDF). Azerbaijan.az. حاصل ڪيل 13 June 2017. 
  3. "Nakhchivan: From ancient times until today". Presidential Library of Azerbaijan. حاصل ڪيل 13 June 2017. 
  4. Zonn I., Kostianoy A., Kosarev A., glantz M. (2010). The Caspian Sea Encyclopedia. Springer. pp. 68. ISBN 978-3-642-11524-0.