بين الاقوامي تنظيم ترڪ ثقافت

عالمگير سڀيتا تنظيم (سَڀا)
(ترڪسوئي کان چوريل)


ترڪسوئي (انگريزي: Turksoy ) يا ترڪ ثقافت جي بين الاقوامي تنظيم(انگريزي: International Organization of Turkic Culture) ترڪ نسل وارن ماڻھن يا ترڪ ٻولي ڳالھائيندڙن جي ھڪ بين الاقوامي تنظيم جو نالو آهي. ھن تنظيم جو صدر مقام استنبول، ترڪي ۾ آھي. ھن تنظيم جو جنرل سيڪريٽري 2020 ۾ دوئيسن ڪئسينوف آهي جيڪو قزاقستان جو اڳوڻو وزير ثقافت ھيو.

ترڪ ثقافت جي بين الاقوامي تنظيم

ترڪسوئي
ترڪسوئي جا خودمختيار رڪن (مئرون رنگ سان ڏيکاريل) ۽ ٻيا ( ڳاڙھي رنگ سان ڏيکاريل)
ترڪسوئي جا خودمختيار رڪن (مئرون رنگ سان ڏيکاريل) ۽ ٻيا ( ڳاڙھي رنگ سان ڏيکاريل)
صدر مقام ترڪي انقرہ ترڪي
سرڪاري ٻوليون ترڪ (سرڪاري ٻولي)
روسي, انگريزي (ڪم واريون ٻوليون)
رُڪنَ[1]
  • 6 خودمختيار ملڪ 4 غير خودمختيار ملڪ ۽ مبصر رياستون
حڪومت
• جنرل سيڪريٽري
دوئيسن ڪئسينوف
قیام 1993

ھن تنظيم جي ٺاھڻ جو خيال 1992ع ۾ باڪو ۽ استنبول ۾ آذربائيجان، قزاقستان، ڪرغزستان، ازبڪستان ترڪي ۽ ترڪمانستان جي ثقافت وارن وزيرن جي ٿيل اجلاسن ۾ آيو جڏھن انھن وزيرن ھڪ گڏيل ثقافتي جوڙجڪ ۾ سھڪار ڪرڻ جو اعلان ڪيو ھو. بعد ۾ 12 جولاء 1993ع ۾ الماتي ۾ ھڪ معاھدي ذريعي ترڪسوئي قائم ڪئي وئي. 1996ع ۾ يونيسڪو ۽ ترڪسوئي وچ ۾ سرڪاري سھڪار قائم ٿيو جنھن ۾ اھو طئي ڪيو ويو تہ اھي ٻئي ادارا باھمي صلاح مشورا ۽ ھڪٻئي جي پروگرامن ۾ نمائندگي ڪندا[2]. 3 نومبر 2009 تي ترڪ ڪائونسل جي رڪن ملڪن فيصلو ڪيو تہ ترڪسوئي کي ترڪ ڪائونسل ۾ ضم ڪيو ويندو.

موجوده

سنواريو

2016ع ۾ ترڪسوئي جا 6 ھيٺيان رڪن ملڪ ۽ 3 غير خودمختيار مبصر ھئا.[1]

رڪن ملڪ ٻولي ياداشت
  آذربائيجان آذربائيجاني
  قازقستان قزاق
  ڪرغزستان ڪرغز
  ترڪي ترڪ
  ترڪمانستان ترڪمان
  ازبڪستان ازبڪ
مبصر رڪن ٻولي ياداشت
  بشڪورتوستان بشڪير روسي وفاق ۾ شامل رياست
  تاتارستان تاتار روسي وفاق ۾ شامل رياست
  گاگئوزيا گاگئوز مالدوا جي خوداختيار ريجن
  اتر قبرص ترڪ رڳو ترڪي پاران تسليم ڪيل ڊي فيڪٽو آزاد رياست

ماضي وارا باقي رڪن

سنواريو

پنج روسي وفاق ۾ شامل رياستون 2015 جي آخر ۾ ترڪ فوج پاران روسي جھاز کي ڪيرائڻ جي ردعمل ۾ احتجاج ڪندي ترڪسوئي ڇڏي ويون.[3][4][5]

مبصر رياست ٻولي ياداشت
  التئي ريپبلڪ التئي روسي وفاق ۾ شامل رياست
  کاڪيشيا کاڪيس روسي وفاق ۾ شامل رياست
  ياقوتيا ساکا روسي وفاق ۾ شامل رياست
  ٽووا ٽووائي روسي وفاق ۾ شامل رياست
 
ترڪسوئي جو صدر مقام، انقرہ
  1. 1.0 1.1 Türksoy Official Web Site. "Homepage > Türksoy > Member States". وقت 2012-12-22 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2009-12-04.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  2. UNESCO Web Site. "Relations with the Joint Administration of the Turkic Culture and Arts (TÜRKSOY), and Draft Agreement between that Organization and UNESCO" (PDF). وقت 2016-03-03 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2009-12-04.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  3. "Якутия поддерживает политику России по отношению к Турции | NVK Online". nvk-online.ru. وقت 2016-02-02 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2016-01-30.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  4. "Якутия прервет связи с ТюрКСОЙ: "Партнеров в тюркском мире достаточно" - ИА REGNUM". ИА REGNUM. وقت 2016-02-03 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2016-01-30.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  5. "Власти тюркских регионов выбирают между Россией и Турцией". وقت 2017-04-08 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2017-04-02.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)