خيزي ضلعو يا خيزي ريئن (انگريزي: Khizi Rayon ) آذربائيجان جي صوبي ابشرون معاشي ريجن ۾ واقع ھڪ ضلعو جنھن جو صدر مقام خيزي شھر آھي. ھن ضلعي جو قيام 24 اپريل 1990ع تي آذربائيجان جي سپريم سوويت عمل ۾ آندو ھو. ھي ضلعو مشھور نظارن سان سرشار آهي[1]. ھن ضلعي. جي اوڀر واري پاسي ڪينڊي ڪين جبلن واريون قطارون واقع آھن[2] خزي شھر کان ڏھ ڪلوميٽر اولھ طرف ساون جنگلن سان ڍڪيل جبل واقع آھن جنھن علائقي کي التياگھيڪ نيشنل پارڪ قرار ڏنو ويو آهي جتي اوڀر ڪوھ قافي ٻڪريون، ڦاڙھي جھڙي ٻڪرين جق جو گھر آھي[3]. ضلعي جي ڪل پکيڙ 1,850 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ 2007 جي جنوري ۾ ھن ضلعي جي ڪل آبادي 14,300 ھئي. آبادي جي گھاٽائي جو تناسب پکيڙ جي ڀيٽ ۾ ھڪ چورس ڪلوميٽر ۾ 2 ماڻھو آھي. ھن ضلعي جون حدون اتر ۾ سيازن ريئن ۽ قبا ريئن سان، اوڀر ۾ شماخي ريئن، ڏکڻ ۾ قوبوستان ريئن، ڏکڻ-اوڀر ۾ ابشرون سان ملن ٿيون. خزي شھر ھن ضلعي جي وچ ۾ واقع آهي. ھن ضلعي جي مشھور جبلن جا نالا دوبرار (2205 ميٽر)، ڪيمچي (1026 ميٽر)، شاراڪو (958 ميٽر بيبائيم (935 ميٽر)، شيھنداگ (801 ميٽر)، وڏو سياڪو (786 ميٽر). ھن ضلعي جي ندين جا نالا اٽاڪي ندي، تگچي ندي، ڪيربان ندي، ڪانڊا ندي آھي[4]. ضلعي جي تاريخي ماڳن ۾ صفوي گھراڻي جي شيخ حيدر (جنم: 1459ع) جو مقبرو مشھور آھي.

خيزي ضلعو
خيزي ريئن
ضلعو
خيزي جي اوڀر ۾ واقع ڪينڊي ڪين جبلَ
خيزي جي اوڀر ۾ واقع ڪينڊي ڪين جبلَ
آذربائيجان جي نقشي ۾ خيزي ضلعو نمايان ڏيکاريل
آذربائيجان جي نقشي ۾ خيزي ضلعو نمايان ڏيکاريل
ملڪ آذربائيجان
گاديءَ جو هنڌ خيزي شھر
پکيڙ
 • ڪل 1,850 ڪ.م2 (710 ميل2)
آبادي (1999)
 • ڪل 13,080
شيخ حيدر جو مقبرو

حوالا سنواريو

  1. "Gateway.az". وقت 2008-11-14 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2009-01-16.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  2. "Xizi (Khizi / Chyzy)". 
  3. Azerb.com, وقت 2021-01-18 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2020-10-27 
  4. GoMap. "Хызы, Азербайджан". gomap.az. حاصل ڪيل 2018-09-29.