آغداش(انگريزي: Agdash ) آذربائيجان جي صوبي آران معاشي ريجن جو ھڪ ضلعو آهي جيڪا ملڪ جي وچولي حصي ۾ واقع آهي. ھن ضلعي ۾ آغداش شھر ، ليڪي شھر سميت 72 ڳوٺ پڻ واقع آھن. ھن ضلعي جي ڏکڻ-اولھ واري سرحد تي طوريان ندي ۽ ڪورا ندي آھن ٿيون. اپر شيروان ڪئنال پڻ ھتان گذري ٿو. ھن ضلعي ۾ ڪورا ندي جي ڪپ تي توگي وارا ٻيلا واقع آھن. ضلعي جو صدر مقام آغداش شھر سورھين صدي ۾ قائم ٿيو ھو جيڪو شاھراھ ريشم تي واقع ھيو. ھن ضلعي جي زمين لڳ ڀڳ سموري ميداني علائقي تي مشتمل آهي صرف اترئين حصي ۾ بوزداغ نالي جبلن جي قطار واقع آهي جن ۾ سڀ کان اوچو جبل 700 ميٽر بلند آھي.

آغداش ريئن
آغداش ضلعو
آذربائيجان جي نقشي ۾ آغداش ضلعو نمايان ڏيکاريل
آذربائيجان جي نقشي ۾ آغداش ضلعو نمايان ڏيکاريل
ملڪ آذربائيجان
صدر مقام آغداش شھر
پکيڙ
 • ڪل 1,050 ڪ.م2 (410 ميل2)
آبادي (2009 جي آدمشماري)
 • ڪل 98,600


حوالا سنواريو

  1. "Şəhərlərarası telefon kodları". Aztelekom MMC. Aztelekom İB. حاصل ڪيل 19 August 2015.  Lua error in ماڊيول:Lang/utilities at line 79: attempt to call local 'name_from_tag' (a nil value).