باڪو اسٽيٽ يونيورسٽي

باڪو، آذربائيجان ۾ موجود يونيورسٽي

باڪو اسٽيٽ يونيورسٽي ( بي ايس يو )؛ ( آذربائيجاني: Bakı Dövlət Universiteti (BDU) انگريزي ٻولي: Baku State University) باڪو، آذربائيجان ۾ هڪ عوامي يونيورسٽي آهي. آذربائيجان ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ جي پارليامينٽ طرفان 1919 ۾ قائم ٿيندڙ هن يونيورسٽي جي شروعات 1094 ۾ تعليم شعبي سان گڏوگڏ تاريخ ۽ فلسفو، فزڪس، رياضي، قانون ۽ ميڊيسن جون فيڪلٽين سان ٿي. [1] بي ايس يو جو پهريون ريڪٽر وي۔آءِ رازومووسڪي هيو، جيڪو ڪازان يونيورسٽي ۾ وڍڪُٽ (ڇيرڦاڙ، سرجري) جو هڪ اڳوڻو پروفيسر هُيو. 1930 ۾، حڪومت طرفان اعليٰ تعليم جي نئين سر تنظيم مطابق يونيورسٽي کي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، ۽ يونيورسٽي کي سپريم پيڊاگوجيڪل انسٽي ٽيوٽ سان تبديل ڪيو ويو. تنهن کانپوءِ، 1934 ۾ هيءَ يونيورسٽي ٻيهر بحال ٿي، ۽ ٻئي عالمي جنگ جي ڏُکين سالن ۾ فيڪلٽي ميمبرن جي گهٽتائي کي مُنهن ڏنائين. سال 1959 ۾ پنهنجي 40 هين ورسي (سالگرهہ) تائين، يونيورسٽي ۾ اڳ کان ئي 13 فيڪلٽيون موجود هيون. آذربائيجان ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ آذربائيجان اسٽيٽ اڪنامڪ يونيورسٽي ٻنهين ئي بي ايس يو ۾ اصل لاڳاپيل فيڪلٽين جي اسپانسرشپ ڪنديون رهيون.

باڪو اسٽيٽ يونيورسٽي
قسم پبلڪ
سرگرم 1919
ريڪٽر ايلچين بابائيو Elchin Babayev
تدريسي عملو
1300
پتو باڪو، آذربائيجان
ڪيمپس شهري (اربن)
ويب سائيٽ www.bsu.edu.az
سال 1923ع ۾ باڪو اسٽيٽ يونيورسٽي جي ميڊيڪل فيڪلٽي جا شاگردَ

باڪو اسٽيٽ يونيورسٽي (بي ايس يو) منجهان پڙهي نڪتل ماڻهن ۾ آذربائيجان جا ٻه اڳوڻا صدر ابوالفاز ايلچيبي ۽ حيدر عليئيف پڻ شامل هيا.اڳيون ذڪر ڪيل صدر عربي ٻولي ۽ ادب جي فيڪلٽي کان پڙهيل هيو، جڏهن تہ پويون ذڪر ڪيل صدر، جنهن 30 سال کان وڌيڪ وقت تائين آذربائيجان جي سياست تي غلبو حاصل ڪيو، سو فيڪلٽي آف هسٽري منجهان پڙهيل هيو. نوبل انعام ماڻيندڙ ماهر طبيعيات ليو لنڊو بي ايس يو ۾ 1922 ۽ 1924 جي وچ۾ تعليم پِرائي هُئي.

بي ايس يو، آذربائيجان جمهوريا جي اڪيلي يونيورسٽي آهي جيڪا بين الاقوامي درجابندي جي تنظيمن طرفان درجابند ڪئي وڃِي ٿي، جيئن اڪيڊمڪ پرفارمنس سان يونيورسٽي جي درجا بندي ۽ ان وقت تعليمي ڪارڪردگي جي ذريعي يونيورسٽي جي درجابندي ۾ 1872هين نمبر تي آهي. [2]

تاريخ سنواريو

 
1919 ۾ باڪو اسٽيٽ يونيورسٽي جو نشان.

بي ايس يو پهرئين سيپٽمبر 1919 تي آذربائيجان ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ جي پارليامينٽ جي فيصلي سان قائم ڪئي وئي. يونيورسٽي 4 فيڪلٽيز (هسٽري اينڊ فلولوجي، فزڪس ۽ رياضي، قانون، ۽ طب يا ميڊيسن) جي حصن ۾ قائم ڪئي وئي هئي. يونيورسٽي جو پهريون ريڪٽر مشهور سرجن VI Razumovsky هيو.سال 1920-40 جي معروف پروفيسرز ۾ آذربائيجان جو ليکڪ عبدالرحيم بيڪ حقورديئف، اورينٽلسٽ پروفيسر پي.ڪي. جوزي، پروفيسر اي.او. ماڪوويلسڪي، پروفيسر اي.او.مشيل ۽ ٻيا اسڪالرز شامل هيا.ان زماني دوران يونيورسٽي جي انتظاميا باڪو ۾ تعليمي ماهر اين.واءِ.مار، وي.وي. بارٽولڊ، ايسٽرن سائنس اڪيڊمي جو فواد بيڪ ڪپرولوزادي کي دعوت ڏني.

تنظيم سازي سان لاڳاپيل ڪائونسل آف دي پيپلز ڪاميسار آن ري آرگنائيزيشن (Council of the People's Commissar on reorganization) جي فيصلي مطابق 1930 ۾ هن يونيورسٽي کي ختم ڪيو ويو. هائي پيڊاگوجيڪل انسٽيِٽيوٽ ٺاهيو ويو هو. ڇڙو 1934 ۾ ئي رياستي يونيورسٽيءَ پنهنجيون سرگرميون ٻيهر شروع ڪيون ۽ تُرت ئي جمهوريا آذربائيجان جي سائنسي تعليمي مرڪز بڻجي وئي. يونيورسٽي ۾ استادن جي وڏي کوٽ (گهٽتائي) هجڻ کانپوءِ بہ ڪيترا ئي استادَ ٻئي مهاڀاري لڙائي (ٻئي عالمي جنگ) ۾ ويا هيا، ان هوندي به يونيورسٽي پنهنجي پهرئين پوزيشن برقرار رکڻ ۾ سوڀاري (ڪامياب) رهي. 1945 ۾ استادن آذربائيجان اڪيڊمي آف سائنس جي قيام ۾ اڳتي وڌي حصو ورتو. ايئن آذربائيجان ميڊيڪل يونيورسٽي، معيشت جي آذربائيجان يونيورسٽي، آذربائيجان رياستي تدريسي يونيورسٽي ۽ ٻين — — ملڪ جي يونيورسٽين ۾ گهڻين کي باڪو اسٽيٽ يونيورسٽي جي بنياد تي قائم ڪيو ويو هيو.

1969 کانپوءِ وارن سالن کي علم ۽ سائنس جي شعبي ۾ ترقي جي سال طور سمجي سگهجي ٿو. هڪ ڪُشادي تاريخي دور کي سانڍيندي، انهن سالن ۾ جديد خاصيتن، شعبن بابت فيڪلٽيون ٺاهيون ويون ۽ 30 کن سائنسي تحقيقي ليبارٽريز کي شروع ڪيو ويو. ان جي نتيجي ۾، مستقبل جي ترقي جي هڪ مضبوط پَڪ ڪرائي وئي هئي. حيدر عليئيف جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ يونيورسٽيءَ وڌيڪ اڳيان ترقي ڪرڻ شروع ڪئي. جدید خصوصیات ، محکموں اور سائنسی ليبارٽرين يونيورسٽي ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. تاريخي پس منظر سميت، باڪو اسٽيٽ يونيورسٽي سدائين کان آذربائيجان جي هڪ اهم سائنسي ۽ تعليمي مرڪز رهي آهي. مشهور سائنسدانن، دانشورن، سياستدانن ۽ آذربائيجان جي نامياري سياستدان، حيدر عليئيف پڻ باڪو اسٽيٽ يونيورسٽي منجهان گريجوئيشن ڪئي. [3] في الحال ،   ] باڪو اسٽيٽ يونيورسٽي ۾ 16 شعبا جن ۾ 55 بيچلر ۽ 153 ماسٽر ڊگريون ڪرايون وڃن ٿيون.

باڪو اسٽيٽ يونيورسٽي جي 100 هين ورسي (سالگرهہ) نہ رُڳو آذربائيجان ۾، پر ويانا، آسٽريا (سيپٽمبر 2019) ۾ ۽ پيرس (جون 2019) ۾ يونيسڪو جي صدر دفتر ۾ ملهائي وئي. [4] [5] بي ايس يو جي 100هين ورسي (سالگرهہ) جي مانَ (اعزاز) ۾ خصوصي ميڊل-باڪو اسٽيٽ يونيورسٽي جي " 100 هين جوبلي (1919-2019) " نومبر 2019 ۾ صدارتي فرمان جي ذريعي جاري ڪئي وئي هئي، ۽ 113 ماڻهن کي اهو تمغو ڏنو ويو هيو. [6] [7]

بين الاقوامي لاڳاپا سنواريو

وقت سان گڏوگڏ، يونيورسٽيءَ پنهنجا بين الاقوامي لاڳاپا (تعلقات، رليشنز) بڻائيندي رهي. فلحال بي ايس يو مختلف تنظيمن ۽ ادارن ۾ يوريشيا جي يونيورسٽين جي ايسوسيئيشن جي حيثيت سان رڪنيت رکي ٿي، جيڪا اَڳُوڻي سوويت يونين جي ڪيترين ئي يونيورسٽين کي ٻَڌيءَ (ايڪو) ۾ ڳنڍي ٿي. 2002-2004 جي وچ۾، بي ايس يو ڪارو سمنڊ رياستن جي يونيورسٽين جي تنظيم جي اڳواڻي ڪئي. اڳتي، هن يونيورسٽي ماسڪو اسٽيٽ يونيورسٽي، مڊل ايسٽ ٽيڪنيل يونيورسٽي، نائس-صوفيا اينٽي پوول يونيورسٽي، انڊيانا يونيورسٽي، ڪيف نيشنل يونيورسٽي، ويانا يونيورسٽي ۽ ٻِين اعليٰ يونيورسٽين سان سائنسي ٽ ٽيڪنيڪي تعاون، شاگردن استادن جي مٽاسٽا پروگرامن جي ٺاهن (معاهدن) تي دستخط ڪيا آهن.[3]

انهن گڏيل تعاونَ جي نتيجي ۾، يونيورسٽي گڏيل سائنسي ڪانفرنسون، ورڪشاپس سميت درسي ڪتابن جي ڇپائي جو پڻ بندوبست ڪندي رهي ٿي.[3]

ڀاڱيدار يونيورسٽيون سنواريو

  • انڊيانا يونيورسٽي
  • مينيسوٽا ڊولٿ يونيورسٽي
  • ماسڪو اسٽيٽ يونيورسٽي
  • ماسڪو اسٽيٽ بين الاقوامي لاڳاپا انسٽيٽيوٽ
  • سينٽ پيٽرز برگ اسٽيٽ يونيورسٽي
  • ڪازان اسٽيٽ يونيورسٽي
  • روسي اڪيڊمي آف سائنسز
  • نامياتي ۽ طبيعيات ڪيمسٽري سائنسي مرڪز
  • نووسيبيرسڪ اسٽيٽ يونيورسٽي
  • يوفا اسٽيٽ يونيورسٽي
  • چيليابنسڪ اسٽيٽ يونيورسٽي
  • آسٽرکن اسٽيٽ يونيورسٽي
  • تبليسي اسٽيٽ يونيورسٽي
  • بيلاروس اسٽيٽ يونيورسٽي
  • ازبڪ نيشنل يونيورسٽي
  • اٽيرائو اسٽيٽ يونيورسٽي
  • سوشل سائنس انسٽيٽيوٽ جو نالو حيدر عليئيف جي نالي تي رکيو ويو
  • ڪييو نيشنل يونيورسٽي
  • ڊونيٽسڪ نيشنل يونيورسٽي
  • نيپروپيتروسڪ نيشنل يونيورسٽي
  • لويو نيشنل يونيورسٽي
  • مفت برلن يونيورسٽي
  • بون يونيورسٽي
  • ويانا يونيورسٽي
  • اڇا صوفيا-اينٽي پوليس يونيورسٽي
  • گرينوبل يونيورسٽي
  • روٽرڊيم ايراسمس يونيورسٽي
  • اپسالا يونيورسٽي
  • جينوا يونيورسٽي
  • وارسا يونيورسٽي
  • ڪونسٽانسا اوويڊيئس يونيورسٽي
  • بخارسٽ يونيورسٽي
  • پلائيشٽي آئل اينڊ گيس يونيورسٽي
  • ليزر، پلازما ۽ تابڪاري طبيعيات لاءِ بخارسٽ نيشنل يونيورسٽي
  • ڪاپو ڊسٽريئن ايٿنز نيشنل يونيورسٽي
  • بلينڊ يونيورسٽي
  • انقرا يونيورسٽي
  • استنبول يونيورسٽي
  • آرٽاڊو ٽيڪنيڪل يونيورسٽي
  • ڪريڪڪالا يونيورسٽي
  • ڪاڪيشين ڪارس يونيورسٽي
  • چنقالا يونيورسٽي
  • جامعہ تهران
  • تبريز يونيورسٽي
  • قرقان يونيورسٽي
  • گيلان يونيورسٽي
  • مازندران يونيورسٽي
  • ثناء يونيورسٽي
  • قاهرا يونيورسٽي
  • الازهر يونيورسٽي[8]

اڪيڊمڪ ڪائونسل سنواريو

باڪو اسٽيٽ يونيورسٽي جي اڪيڊمڪ ڪائونسل جو مقصد تعليم، ان جي معيار، يونيورسٽي جي نمائندگي سان گڏوگڏ بين الاقوامي لاڳاپا ٺاهڻ ۾ پڻ حصو وجهڻ آهي. ڪائونسل بنيادي طورتي هيٺ درج ٿيل معاملن تي ڌيان ڏيندي آهي.

  • مختلف پاسن کان يونيورسٽي جي ترقيءَ تي ڌيان ڏيڻ
  • ضابطا ۽ يونيورسٽي فائونڊيشن ويهہ سان لاڳاپيل تجويزن کي ترتيب ڏيڻ
  • ضابطا ۽ هدايتن جي ثابتي (تصديق)
  • شاگردن جي قبوليت لاءِ منصوبي جي تعريف
  • بي ايس يو جي هر سال بجيٽ ٺاهڻ
  • تعليمي منصوبن جي پڪ ڪرڻ (تصديق)
  • عنوان ذميواري- ڪم (اسائمنٽ)
  • پروفيسر صلاحڪارن جي الاٽمنٽ

فيڪلٽيون ۽ انسٽي ٽيوٽَ سنواريو

فيڪلٽيون سنواريو

 
3 سيپٽمبر، 2010 تي باڪو اسٽيٽ يونيورسٽي طرفان اعزازي ڊاڪٽريٽ دمتري ميدويديف کي ڏيڻ جي تقريب
  1. لاڳو رياضي ۽ اقتصادي سائبرنيٽڪس
  2. طبيعيات (فزڪس)
  3. ميڪانڪس ۽ رياضي
  4. ڪيميا (ڪيميسٽري)
  5. حياتيات (بائيولاجي)
  6. ماحوليات ۽ مٽي سائنس (انوائرنمينٽ اينڊ سائل سائنس)
  7. ارضيات (جيالاجي)
  8. جاگرافي
  9. اتهاس (تاريخ، هسٽري)
  10. فلولوجي
  11. دينيات (اٿڪس)
  12. بين الاقوامي لاڳاپا ۽ معاشيات (انٽرنيشنل ليشنز ائنڊ اڪنامڪس)
  13. صحافت (جرنلزم)
  14. قانون
  15. اورينٽل اسٽڊيز
  16. سماجي علم ۽ نفسيات (سوشيالاجي ائنڊ سائڪلاجي)
  17. لائبريرين جي معلومات.

تحقيقي ادارا سنواريو

  1. سائنسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ آف اپلائيڊ ميٿاميٽڪس
  2. نظرياتي طبيعيات جي مسئلن جو ادارو

ڀاڱيدار يونيورسٽيون سنواريو


لاڳاپا (الحاق) سنواريو

باڪو اسٽيٽ يونيورسٽي، قفقاز يونيورسٽي ايسوسيئيشن جي هڪ رڪن (ميمبر) آهي.[9]

اَڳُوڻَا شاگردَ (اليومناءِ) سنواريو

وڌيڪ ڄاڻ لاءِ ڏسو:

  • ابوالفاز ايلچيبي - آذربائيجان جو ٻيون صدر
  • حيدر عليئيف - آذربائيجان جو ٽِيُون صدر
  • ليو لينڊو - نظرياتي ماهر طبيعيات (فزڪس)
  • ميکائيل جباروف - اڄڪلهہ اقتصاديات وزير - جمهوريا آذربائيجان
  • انار بگروف ۔ وڪيل
  • انٽيگم عليئيف ۔ انساني حقن جو محافظ
  • علي عمروف - جمهوريا آذربائيجان جو پراسيڪيوٽيٽر جنرل
  • اسلان اسلانوف - آذربائيجان اسٽيٽ ٽيلي گراف ايجنسي جو ڊائريڪٽر جنرل
  • Eldaniz Mammadov جي - لائبريري سائنس، ڪتابيات سائنس ۽ bibliology (ڪتاب سائنس) جي ميدان ۾ آذربائيجان سائنسدان [10]
  • ووگر اسلانوف - ليکڪ ۽ صحافي
  • رئوف ميرگاديروف - صحافي
  • عارف يونس ۔ اتهاسڪار (تاريخدان)
  • محرم گسميلي ۔ ادبيات جو ماهر ۽ لوڪ داستان نگار
  • ايلڪ رازيزادي - تاريخ ۽ سياسي سائنس (پوليٽيڪل سائنس) جو آذري آمريڪي پروفيسر

پڻ ڏسو سنواريو

حوالا سنواريو

  1. "History of Baku State University" (ٻولي ۾ Russian). حاصل ڪيل 2015-07-18. 
  2. "2014-2015 RANKING BY COUNTRY". حاصل ڪيل 2015-07-18. 
  3. 3.0 3.1 3.2 "Baku State University, History". 
  4. "Centenary of Baku State University celebrated in Vienna". Baku State University. حاصل ڪيل 2019-12-10. 
  5. "100th anniversary of Baku State University celebrated at UNESCO headquarters in Paris". Baku State University. حاصل ڪيل 2019-12-10. 
  6. "Establishment of the anniversary medal of the Republic of Azerbaijan "100 years of the Baku State University (1919-2019)"". Official website of the President of Azerbaijan (ٻولي ۾ Azerbaijani). حاصل ڪيل 2019-12-10. 
  7. "Ilham Aliyev attended a ceremony marking the 100th anniversary of Baku State University". Official website of the President of Azerbaijan (ٻولي ۾ Azerbaijani). حاصل ڪيل 2019-12-10. 
  8. "Baku State University, International Relations". حاصل ڪيل May 25, 2017. 
  9. "Tüm Üyeler" (ٻولي ۾ Turkish). حاصل ڪيل 2015-07-18. 
  10. "Eldaniz E. Mammadov. Lecturers. Department of the "Library science" of Baku State University". 

ٻاهِريان ڳنڍڻا سنواريو

مڪانيت: 40°22′24″N 49°48′40″E / 40.37333°N 49.81111°E / 40.37333; 49.81111