مک مينيو کوليو

باڪو

آذربائيجان جو تخت گاهه ( گاديءَ جو هنڌ )

باڪو (انگريزي: Baku،آذري: Bakı) آذربائيجان جو شهر آهي. هي 40.395278 درجو اُتر، 49.882222 درجو اوڀر پاسي واقع آهي. ان جي پکيڙ 2,130 چورس ڪلوميٽر ( 822.4 چورس ميل ) آهي. آبادي 2008ع ۾ 19 لک 70 هزار هئي. سامونڊي مٿاڇرو کان بلندي ڪاٽُو 28 ميٽر (-92 فٽ) آهي يعني هي وچٿري سامونڊي مٿاڇرو کان به هيٺئين مٿاڇرو تي واقع آهي. هاڻوڪو ناظم جو نالو حاجي بالا ابوطالبوف آهي. آباديءَ جي لحاظ کان هي هڪ وڏو شهر آهي. هي آذربائيجان جو گادي جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شهر آهي. هي ڪيسپيئن سمونڊر جي ڪناري واقع آهي. باڪو تيل جي دولت سان مالا مال علائقي ۾ واقع هجڻ سبب تيل جي صنعتن جو مرڪز آهي. شهر 11 ضلعن ۽ 48 قصبن (ننڍن شهرن) ۾ ورهايل اهي. باڪو جي وچ ۾ آڳاٽو شهر واقع آهي، جنهن جي چئوگرد فصيل آهي. ڊسمبر سال 2000 ۾ گڏيل قومون جي ذيلي اداري يونيسڪو انکي عالمي ثقافتي ورثو قرار ڏنو. شطرنج جي عالمي شهرت يافتہ رانديگر گيري ڪيسپاروف جو تعلق انهيءَ شهر سان آهي.

باڪو
Bakı
آذربائيجان جو راڄڌاني شهر
ميٽروپوليٽن علائقو
Montage of Baku 2019.jpg
Coat of arms of باڪو
Coat of arms
عرفيت: City of Winds
(آذربائيجاني: Küləklər şəhəri)
باڪو is located in Baku, Azerbaijan
باڪو
باڪو
آزربائيجان ۾ باڪو جو هنڌ
باڪو is located in Azerbaijan
باڪو
باڪو
باڪو (Azerbaijan)
باڪو is located in Europe
باڪو
باڪو
باڪو (Europe)
باڪو is located in Asia
باڪو
باڪو
باڪو (Asia)
مڪانيت: 40°23′43″N 49°52′56″E / 40.39528°N 49.88222°E / 40.39528; 49.88222مڪانيت: 40°23′43″N 49°52′56″E / 40.39528°N 49.88222°E / 40.39528; 49.88222
ملڪ Flag of Azerbaijan.svg آذربائيجان
حڪومت
 • Mayor Eldar Azizov
ايراضي[1]
 • آذربائيجان جو راڄڌاني شهر
ميٽروپوليٽن علائقو
2,140 ڪلوميٽراسڪوائر (830 اسڪوائر ميل)
اوچائي −28 ميل (−92 ft)
آبادي (2015 (estimate))[3]
 • آذربائيجان جو راڄڌاني شهر
ميٽروپوليٽن علائقو
2,262,600
 • گھاٽائي 1,057/km2 (2,740/sq mi)
 • شهري 2,795,000[2]
 • ميٽرو 4,670,740
مقامي آبادي

Bakuvian[4]

آذربائيجاني: Bakılı
ٽائيم زون AZT (UTC+4)
پوسٽل ڪوڊ AZ1000
فون ڪوڊ +994 12
Vehicle registration 10–90-99 AZ
ويبسائيٽ www.baku-ih.gov.az
سرڪاري نالو Walled City of Baku with the شروان شاهان محل ۽ ميڊن ٽاور
قسم ثقافتي
معيار iv
عهدو 2000 (24th session)
حوالا نمبر. 958
خطري ۾ 2003–2009
State Party آذربائيجان
ريجن يورپ ۽ ايشيا

تاريخ

باڪو جو نالو فارسي لفظ بادڪوبہ (هوئن جو ماريل) سان مشتق آهي ۽ ان جو محل وقوع جي لحاظ سان گهڻو موزوں آهي. وچون دور جا اتهاسڪار (مورخ) انکي باڪويہ، بلاڪوہ ۽ باڪہ پڻ لکن ٿا. تاريخ ۾ ان جو ذڪر ٽئين صدي هجري کانپوءِ برابر اچي ٿو. باڪو عرصي تائين شاهان شيروان جي ماتحت رهيو. سال 1550 ۾ صفوي Safavid dynasty سلطان Tahmasp I جو ان تي قبضو ٿي ويو. سال 1583 کان سال 1660 هي شهر عثماني ترڪن جي ماتحت رهيو. سال 1806 ۾ روسين ان کي ايرانين کان کسيو هيو.

جزيرو نما آبشار کان پهريون ڀيرو مشينن وسيلي سال 1842 ۾ تيل ڪڍيو ويو. 1877 ۾ هتي ريلوي لائن وڇائي، 1907 ۾ باڪو کان باطوم (ڪارو سمنڊ) تائين تيل جي پائپ لائن مڪمل ٿي وئي ۽ معدني تيل برآمد ٿيڻ لڳو. روسي انقلاب کانپوءِ 31 جولاءِ سال 1918 کان 28 اپريل سال 1920 تائين باڪو آزاد مملڪت آذربائيجان جو گاديءَ جو هنڌ رهيو، وري ريڊ آرمي ان تي قبضو ڪري ورتو. سال ڊسمبر 1991 ۾ سقوط روس کانپوءِ باڪو آزاد جمهوريہ آذربائيجان جو صدر مقام بڻجي ويو. باڪو جي ويجهو پارسين (مجوسين) جو باه جو مندر (آتش ڪدہ) اڄ پڻ قائم آهي. مجوسي مذهب جو باني زرتشت جو تعلق آذربائيجان سان ئي هيو.

لاڳاپيل مضمون


نگار خانو

آذربائيجان جي راڄڌاني شهر، باڪو جي سڀني نظارن کي ڏيکاريندڙ تصوير (پينوراما)

حوالا

  1. "Administrative, density and territorial units and land size by economic regions of Azerbaijan Republic for January 1. 2007". وقت 24 November 2007 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 17 July 2009.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  2. Demographia: World Urban Areas آرڪائيو ڪيا ويا 5 August 2011 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. – Demographia, 2016
  3. "CIA World Factbook". وقت 7 January 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 6 January 2018.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  4. Thomas de Waal (2010). The Caucasus: An Introduction. Oxford University Press. p. 16. ISBN 0-19-975043-2. 
  5. "Sub-national HDI – Area Database – Global Data Lab". hdi.globaldatalab.org. وقت 23 September 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 13 September 2018.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)

External links