نگورنو ڪاراباخ'(انگريزي: Nagorno-Karabakh) (ارتسخ) آذربائيجان يي ڏکڻ ڪوھ قاف ۾ ھڪ علائقي جو نالو آهي. لفظ نگورنو روسي ٻولي جو لفظ آهي جنهن جي معني آهي جابلو. لفظ ڪارا ترڪ ٻولي جو لفظ آهي جنھن جي معنيَ آهي ڪارو . لفظ باخ آذربائيجاني ٻولي ۾ باغ کي چوندا آهن. اھڙي طرح ان نالي جي معنيَ آھي جابلو ڪارو باغ. نگورنو ڪاراباخ ھن وقت آذربائيجان ۽ آرمينيا جي وچ ۾ سرحدي تڪرار وارو علائقو آهي. گڏيل قومن جي اداري مطابق اھو آذربائيجان جو حصو آهي. ھن وقت ان علائقي تي ارتسخ ريپبلڪ قائم آھي جنھن کي گڏيل قومن ۾ تسليم ناھي ڪيو ويو. گڏيل قومن ان علائقي مان آرمينيا جي فوج جي نيڪالي جو مطالبو ڪيو آهي[1].

آذربائيجان جي نگورنو ڪاراباخ جي ريجن ڳاڙھي رنگ سان ڏيکاريل

آرمينيا ۽ آذربائيجان وچ ۾ نگورنو ڪاراباخ تڪرار جو موضوع 1918ع ۾ بڻيو جڏھن ٻنھي ملڪن روسي ايمپائر کان آزادي جو اعلان ڪيو. اڃان ان تڪرار جي نبيرو ڪونہ ٿيو ھو تہ ٻئي رياستون ڪميونسٽ بالشويڪن جي تحريڪ ڪامياب ٿيڻ سان سوويت يونين ۾ شامل ٿي ويون. ميخائيل گورباچوف جي اقتدار ۾ اچڻ بعد نگورنو ڪاراباخ جي آرمينيائي رھاڪن جي نمائندن مسئلا سوويت ۽ بين الاقوامي قيادت آڏو مسئلا اٿارڻ شروع ڪيا تہ کين جبري طور تي آذربائيجاني بڻايو پيو وڃي. انھن آرمينيائي نسل جي ماڻھن علحدگي جي تحريڪ جو آغاز ڪيو. ان تحريڪ کي روڪڻ لاءِ نومبر 1991ع ۾ آذربائيجان جي پارليامينٽ ان خطي جو خوداختياري وارو درجو ختم ڪري ڇڏيو جنھن جي نتيجي ۾ ان علائقي ۾ آرمينيائي انتظاميه ريفرنڊم ڪرايو جنھن ۾ غالب اڪثريت علحدگي جي حق ۾ ووٽ وڌو. نگورنو ڪاراباخ جي رھندڙ آذري ماڻھن ان ريفرينڊم جو بائڪاٽ ڪيو. انھن واقعن جي نتيجي ۾ آرمينيا مان ٻہ لک آذري ماڻھن کي بي دخل ڪري نيڪالي ڏني وئي جنھن سان آذربائيجان ۾ نسلي فساد شروع ٿي ويا ۽ پوء جنگ ڇڙي وئي. ان جنگ ۾ 150000 ماڻھو مارجي ويا ۽ ڏھ لکن جي لڳ ڀڳ بي گھر ٿيا. آرمينيا نگورنو ڪاراباخ جي آرمينيائي آبادي جي مدد ڪئي. ھن وقت ان علائقي ۾ آرمينيا جي فوج موجود آهي.

نگورنو ڪاراباخ جو مسئلو

سنواريو

ملڪ جي آزادي سان نگورنو ڪاراباخ جي اڪثريت واري آرمينيائي آبادي آرمينيا جي پٺڀرائي سان نئين رياست ۾ گڏ ھلڻ کان انڪار ڪيو جنھن ڪري جنگ ڇڙي پئي[2] 1994ع ۾ جنگ جي خاتمي تي آرمينيائي آبادي نگورنو ڪاراباخ سميت آذربائيجان جي 14 کان 16 سيڪڙو ايراضي تي قابض ٿي وئي[3][4] ان جنگ دوران آرمينيائي اڪثريت وارن علائقن ۾ آرمينيا نسلي گروھ آذربائيجاني ماڻھن جا قتل عام پڻ ڪيا جن ۾ مالبيلي ۽ گشڪولر وارو قتل عام، گاراداگلي قتل عام ، اگدابن قتل عام ۽ کوجئلي وارو قتل عام شامل آهن.[5][6] 30000 کان وڌيڪَ ماڻھو ان جنگ ۾ مارجي ويا ۽ ڏھ لکن کان وڌيڪَ بي گھر ٿيا[7] گڏيل قومن جي سڪيورٽي ڪائونسل قرارداد نمبر 822، 853، 874 ۽ 884 ذريعي آرمينيائي فوج کان آذربائيجاني علائقا فورن خالي ڪرڻ جا مطالبا ڪيا[8] ڪيترائي روسي ۽ آرمينيائي 1990واري ڏھاڪي ۾ آذربائيجان ڇڏي ويا[9] 1970 جي آدمشماري مطابق آذربائيجان ۾ 5,10,000 روسي ۽ 4,84,000 آرمينيائي رھندڙ ھيا[10]

 
نگورنو ڪاراباخ ۾ علحدگي پسند فوجين جي صورتحال

خارجي ڳنڍڻا

سنواريو

سانچو:يورپ

  1. https://www.un.org/press/en/2008/ga10693.doc.htm
  2. "Bishkek Protocol | UN Peacemaker". United Nations. حاصل ڪيل 2019-08-23. 
  3. "Azerbaijan". World Factbook. CIA. وقت 10 June 2009 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 4 June 2009.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  4. De Waal, Thomas (2013). Black Garden: Armenia And Azerbaijan Through Peace and War. New York: New York University Press, p. 286. ISBN 978-0814719459, 0814719457.
  5. "Massacre by Armenians Being Reported". The New York Times. 3 March 1992. https://select.nytimes.com/gst/abstract.html?res=F10611FF3C5D0C708CDDAA0894DA494D81. Retrieved 9 September 2013. 
  6. Smolowe, Jill (16 March 1992). "Tragedy Massacre in Khojaly". Time. Archived from the original on 28 February 2005. https://web.archive.org/web/20050228104647/http://www.time.com/time/archive/preview/0,10987,975096,00.html. Retrieved 9 September 2013. 
  7. A Conflict That Can Be Resolved in Time: Nagorno-Karabakh آرڪائيو ڪيا ويا 2015-12-08 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. International Herald Tribune. 29 November 2003.
  8. "General Assembly adopts resolution reaffirming territorial integrity of Azerbaijan, demanding withdrawal of all Armenian forces". United Nations General Assembly. حاصل ڪيل 14 March 2008. 
  9. Southern Caucasus: Facing Integration Problems, Ethnic Russians Long For Better Life. EurasiaNet.org. 30 August 2003.
  10. "Azerbaijan Soviet Socialist Republic". The Great Soviet Encyclopedia (1979).