نادر شاھ
(فارسي ۾: نادرشاه خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
 

معلومات شخصيت
ڄم 22 آڪٽوبر 1688 [1][2]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
موت 19 جُونِ 1747 (59 سال)[3]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
ڌرم اسلام [4][5][4]،اثنا عشري [4][5][4]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو religion or worldview (P140) وڪي ڊيٽا تي
ٻارن جو تعداد
عملي زندگي
پيشو سياستدان ،گورنر ،بادشاھ   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي فارسي ٻولي   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
عسڪري خدمتون
عهدو جنرل آفيسر   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو military or police rank (P410) وڪي ڊيٽا تي
دستخط
 

سنڌ تي نادر شاهه ايراني (Naadir Shah Iraani) جي حملي، ظالم ۽ ڏاڍ جي بي انت بحر ۾ ھڪ ڏهڪائيندڙ ٻوڏ جي حيثيت اختيار ڪري ورتي، جنھن اوچتو سنڌ جي سرزمين کي، پنھنجي جولانيءَ جو نشانو بڻايو ۽ سڄي ملڪ جو انتظامي سرشتو ٽُڪر ٽُڪر ڪري وڌو. ھزارين ماڻھو گھر ٻار ۽ اجھا ڇڏي، دربدر خاڪ بسر رُلندا رھيا. سندن ميڙي چونڊي، سڀ ڦرجي ويئي. جتي نادر شاھ جو پير پھتو، آباديون ۽ فصل ويران ٿي ويا. ملڪ جي عام وسيلن کي سخت نقصان پھتو. ڪلھوڙن، ٻين پيڙھين جي حڪمرانيءَ ۾، آئي ويل جي ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ، جيڪي ڪجهه پاڇي ڪيو ھو، اھو سڀ نادر ميڙي سھيڙي پاڻ سان کڻي ويو. انھيءَ کانسواءِ، سالياني خراج جو، ڳاٽي ٽوڙ پٿر به، سنڌ ڳچيءَ ۾ ٻڌي ويو. ملڪي وحدت به قائم رھڻ نه ڏنائين ۽ ان کي ٽُڪرن ۾ ورھائي ڇڏيائين.[6]

نادر شاهه جي هند ۽ سنڌ تي ڪاهه

سنواريو

نادر شاه افغانستان ۽ ايران جوا بادشاه ڪن عجيب و غريب ۽ گونا گون سببن جي ڪري جيئن حافظ شيرازيءَ (Haafiz Sheeraazi) چيو آهي ته ”رموز مملکت خويش خسروان دانند“ (يعني بادشاه پنهنجي بادشاهيءَ جون رمزون پاڻ سمجهندا آهن) 1156ههھ مطابق 1739ع ۾ هندوستان جي مٿان آسماني آفت وانگر اچي ڪڙڪيو.

اي مؤلف! هاڻي جڏهن بادشاهه کي ”آسماني آفت“ سڏيو اٿئي ته بهتر آهي ته ان جي وضاحت به ڪر، ته پڙهندرن کي ڄاڻ پوي ته اهڙن سخت لفظن لکڻ جو ڪارڻ ڇا آهي؟ ها، پڙهندرن هيٺين احوال مان، ماده تاريخ مان ۽ (خود نادر شاهه جي) سجع مان ان جو سبب خوبخود سمجهي ويندا. سنڌ ۾ نادر شاهه جي اچڻ جو سال هن مصرع مان نڪري ٿو: ”ياد باد زماني ڪه قيامت است“ [7] ۽ سندس سجع تي به غور ڪيو:

نادرم درملک ايران، قادرم برهرد يار،

لافتيٰ الاعلي، لاسيف الا ذوالفقار. ترجمو: (ايران ۾ نادر جي نالي سان مشهور آهيان ۽ دنيا جي هر هڪ هڪ تي قادر اهيان. حضرت عليءَ کانسواءِ دنيا ۾ ڪو به پهلوان جوان ڪونهي ۽ ذوالفقار کانسواءِ ٻي ڪا به ترار ڪانهي).

(نادر شاه جي اچڻ سبب هندوستان ۽ [[سنڌ۾ ايڏو گوڙ ۽ شر، خود هراس، بد انتظامي پيدا ٿي، جو ڪنهن به بادشاه، اڳين توڻي پوين بادشاهن جي زماني ۾ نه ٿي هئي. سنڌ ۾ ته اڃا تائين اهو حال آهي جو ڪو به ماڻهو ڪنهن خوف هراس ۾ مبتلا ٿيندو آهي ته هن کي چوندا آهن ته ”ايڏو ڊڄين ڇو ٿو، نادر پٺيان پيو اٿئي ڇا؟“ (Aeddho d'ijjeen tho Naadir putthiyaan payo athaee chha) يا ڪنهن کي ڪو سخت حڪم ڏنو ويندو آهي ته ان کي نادري حڪم (Naadiri Hukum)، سڏيو ويندو آهي.

نادر شاهه ۽ محمد شاهه رنگيلو

سنواريو

قصو ڪوتاهه، نادر شاهه، پهريائين دهليءَ پهتو ۽ محمد شاهه بادشاهه سان ٿوري ويڙهه ڪري، هن جي مٿان عالب پيو، جو ڏاڍو عياش ۽ حڪومت جي ڪاروبار کان بي خبر هو. ان کانپوءِ پاڻ ۾ صلح ڪيائون. ڪن مؤرخن جي قول موجب جڏهن پاڻ ۾ مليا ته هڪ ٻئي سان پڳ مٽائي، ڀائپيءَ جو عهد ڪيائون. محمد شاهه پنهنجو تاج نادر شاهه کي ڏنو، جنهن جي قيمت لکها رپيا هئي ۽ جنهن ۾ ڏاڍا ئي قيمتي هيرا جواهر جڙيل هئا. نادر شاه پنهنجي ڪشميري شال محمد شاهه کي ڏني، جنهن جي قيمت شايد سؤ رپيا کن مس هوندي. نادر شاه هن ”ديني ڀائپي“ ۾ به حڪمت عملي ڏيکاري.

نادر شاهه جي ڊپ کان نور محمد ڪلهوڙو ڊڄي اچي عمرڪوٽ ۾ لِڪو

سنواريو

دهليءَ ۾ فتح ۽ ڪامرانيءَ کانپوءِ سنڌ ۾ آيو. لاڙڪاڻي ۾ منزل ڪيائين. سنڌ جو حڪمران ميان نور محمد ڪلهوڙو (Noor Muhammad Kalhorro) نادري دٻ جهلي نه سگهيو ۽ ڀڄي وڃي عمرڪوٽ ۾ لڪو. نادر شاهه پهريائين هن کي پنهنجي هٿ سان هيٺيون حڪم لکي موڪليو:

اي مور کمزور ساکن زمين شور چون گور، بلند بيني

بگزار و خودي و خود پسندي از خود دور دار.

بايد و شايد که قمري وار طوق اطاعت درگردن

انداخته، حاضر بشوي، ورنه به سُم سمند ميدان

آهن سکن پائمال خواهي شد. ترجمو: (اي ڪمزور ڪول ۽ اي ڪلراٺي زمين جا راهاڪو. جا قبر وانگر سوڙهي آهي، مٿي نهارڻ ۽ پاڻ کي ڪجهه ڀانئڻ ڇڏي ڏي. بهتر آهي ته قمريءَ وانگر فرمان برداريءَ جو طوق گردن ۾ وجهي حاضر ٿيءُ نه ته ميدان جنگ جي گهوڙي جي سنبن هيٺان، جي فولاد کي به ٽوڙي ڇڏيندا آهن، چيڀاٽجي ويندين.

جڏهن ميان نور محمد مٿئين حڪم سان حاضر نه ٿيو، تڏهن نادر شاهه اڪيلي سر رڳو هڪڙو سونهون ساڻ ڪري جنهن وٽ، هڪ تيز رفتار گهوڙي هو، پنهنجي ڏاڍي ئي تيز رفتار گهوڙي تي چڙهي، لاڙڪاڻي مان نڪتو ۽ عمرڪوٽ جو رستو ورتائين. چيو وڃي ٿو ته نادر شاه جو گهوڙو هڪ ڏينهن رات ۾ سؤ ڪوهه پنڌ ڪندو هو. نيٺ هڪ ڏينهن رات ۾ عمرڪوٽ جي ڀرسان پهچي ويا ۽ اتي نادر شاهه جو گهوڙو هڻڪيو به ۽ پيشاب به ڪيائين.

نادر شاهه سونهين کي چيو ته منهنجو گهوڙو سؤ ڪوهه پنڌ ڪري آيو آهي. سندس هڻڪار ۽ پيشاب ان جي علامت آهي. سونهين عرض ڪيو ته ٿورو ترسڻ گهرجي. جڏهن سج اُڀرندو ته قلعي جا ڪُنگرا ڏسڻ ۾ ايندا. مطلب ته سج اڀرڻ شرط عمرڪوٽ ۾ داخل ٿيا، ايتري ۾ نادر شاهه جو سوڀارو لشڪر به اچي پهتو. نادر شاهه ميان نور محمد کان هڪ ڪروڙ رپيا ڏن ورتو ۽ سندس ٻه فرزند ميان محمد مراد ياب خان ۽ علام شاه خان يرغمال طور پاڻ وٽ جهليائين.

ان کانپوءِ لارڪاڻي موٽيو ۽ ايران واپس وڃن وقت ميان نور محمد جي مٿان ساليانو ويهه لک رپيا شاهي نذرانو مقرر ڪيائين ۽ کيس ”شاهه قلي خان (شاهي غلام) جو خطاب ڏنائين. بکر (Bakkhar) جي قلعي جي اصلي صورت بدلائي، ٻئي نموني سان ٺهرائين ۽ ان ۾ هڪ نواب مقرر ڪيائين (هيءُ پنجون ڀيرو هو، جو بکر جي قلعي ۾ ڦير ڦار ڪرائي وئي) بکر جي قلعي ۽ سنڌو نديءَ جي اوڀر ۾ بکر واري علائقي کي سنڌ کان جدا ڪري ۽ ميان نور محمد جي قبضي مان ڪڍي، افعانستان ۽ ايران جي مملڪت سان سلهاڙي ۽ ڳنڍي ڪري ڇڏيائين. انهيءَ زماني کان وٺي انهيءَ پرڳڻتي کي ”موغلي“ سڏيو ويندو آهي ۽ شڪارپور شهر ۽ ان جي اوسي پاسي واري علائقي کي ۽ سبيءَ جي دائود پوٽن کي، باروزئي افغانن جي حوالي ڪري، ٻئي ورهيه افغانستان موٽي ويو ۽ وڃڻ وقت هيٺين سجع کي پنهنجي پهرئين ۽ اصلي سجع سان شامل ڪيائين:

سکه زد بر هند و سند و طبله زد بر روم و شام،

ثاني سلطان سکندر، شاه نادر زوالفڪرام. ترجمو: (نادر شاهه، جو سلطان سڪندر جو ٿاني ۽ عزت ۽ عظمت وارو بادشاه آهي، هند ۽ سنڌ ۾ پنهنجو سڪو هلايو ۽ روم ۽ شام ۾ ڏونڪو هلائين).

نادر شاه جڏهن موٽي ويو ته سنڌ جا رهاڪو چوڻ لڳو ته ”رسيده بود بلادي ولي بخير گذشت“ (يعني هڪ مصيبت اچي ڪڙڪي هئي پر خير سان ٽري وئي). اميد آهي ته هي احوال ڄاڻڻ کانپوءِ پڙهندڙ، راقم الحروف کي ”آسماني آفت“ جي فقري لکڻ تي ميار نه ڏيندا.

نيٺ اهڙين بي واجبي ڪار گذارين کانپوءِ جمادي الآخر 1120ههھ ۾ پنهنجي سالي ”علي“ افشار جي هٿان خراسان ۾ قتل ٿي ويو. اڪثر مؤرخن سندس قتل جو واقعو، ڪابل شهر ۾ لکيو آهي. پر تاريخ احمديءَ جي مؤلف سر جان مالڪم لکيو آهي ته ڪابل جي ڀرسان ”فتح آباد“ ۾ قتل ٿيو. انهيءَ زماني جي شاعرن سندس قتل جي تاريخ ڏاڍي چڱي چئي آهي ”رخت بست از تخت هستي شهر يار“ ۽ ”جن خراب شد“. ٻنهي مان ابجد جي حساب سان 1159 ۽ 1160ههھ جو سال نڪري ٿو، جو 1747 ۽ 1748ع جي مطابق ٿو ٿئي.[8]

نادر شاهه جي قتل کانپوءِ انهيءَ سال ”احمد خان ابدالي“ (Ahmed Shaah Abdaali) جنهن پاڻ کي پوءِ ”احمد شاه دراني“ سڏايو، افغانستان جي تخت تي ويٺو. مٿي لکيو ويو آهي ته نادر شاهه سنڌو نديءَ جي کاٻي ڪپ وارو (اوڀاريون) علائقو سنڌ کان الڳ ڪري ۽ بکر جي قلعي کي نئين نموني ٺهرائي، ان جي مٿان پنهنجي طرفان هڪ نواب مقرر ڪيو ۽ پاڻ افغانستان هليو ويو. تنهنڪري بهتر آهي ته جيئن مٿي هندوستان جي بادشاهن طرفان بکر ۽ ٺٽي لاءِ مقرر ڪيل حاڪمن ۽ نوابن جوا حوال بيان ڪيو ويو آهي، تيئن بکرجي علائقي لاءِ خراسان جي بادشاهن طرفان موڪليل نوابن جو تفصيلي احوال به لکيو وڃي.[9]

  1. Nadir Shah
  2. Brockhaus Enzyklopädie online ID: https://brockhaus.de/ecs/enzy/article/nadir — subject named as: Nadir
  3. SNAC ARK ID: https://snaccooperative.org/ark:/99166/w6cn7qp3 — subject named as: Nader Shah — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  4. 4.0 4.1 4.2 4.3 ISBN 978-1850437062
  5. 5.0 5.1 ISBN 978-0813029641
  6. تاريخ سنڌ- عھد ڪلھوڙا ج 2 ص 410، مولانا غلام رسول مھر
  7. هيءُ ناموزون مصرعه آهي ۽ نه صحيح ۽ فصيح نثر، بلڪه هڪ مهمل ۽ لغو فقرو آهي ۽ سندس عدد به 1152 نه بلڪه 1167 آهن. (مترجم)
  8. پهريون تاريخي مادو بالڪل غلط آهي. ان جا عدد 4261 آهن، نه 1120 (مترتجم).
  9. ڪتاب؛ لب تاريخ سنڌ تاليف: خان بهادر خداداد خان، مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ترجمو ڪندڙ: حافظ مير محمد اوحدي، ايڊيشن- 1989ع