باغباني

ٻوٽا پوکڻ ۽ وڏو ڪرڻ جو عمل

باغباني (Horticulture) مان مراد ميون، ڀاڄين ۽ گلن واري ٻوٽن کي وڌائڻ جي سائنس ۽ فن آهي.[1] باغباني عام طور تي ننڍي ۽ وڌيڪ ڪنٽرول ٿيل پيماني تي ٻوٽن جي پوک جي وڌيڪ پيشه ور ۽ ٽيڪنيڪل پهلوئن سان جڙيل آهي. باغباني جا مختلف ڀاڱا آهن ڇو ته ٻوٽا مختلف مقصدن لاءِ پوکيا ويندا آهن. انهن ڀاڱن ۾، پروپيگيشن، آربريڪلچر، زمين جي جوڙجڪ، فلوري ڪلچر ۽ ٽرف جي سار سنڀال، شامل آهن، پر انهن تائين محدود نه آهن. انهن مان هر هڪ لاء، مختلف پيشو، پهلو، اوزار استعمال ٿيل ۽ لاڳاپيل چئلينج آهن؛ هر هڪ کي انتهائي خاص صلاحيتن ۽ باغباني جي ڄاڻ جي ضرورت آهي.

باغباني جو هڪ منظر

هيءُ فن نھايت پراڻو آهي. تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو تہ مختلف ميون ۽ ٻوٽن جو ذڪر هزارين سال اڳ ۾ بہ هو. اڄ کان تقريباً چار هزار سال اڳ ڏاڙهون، بادام وغيره پوکبا هئا.

سڪندراعظم جي حملي وقت سنڌ ۾ انب ۽ ڪيلن جا ٻوٽا ملن ٿا. موجوده دور ۾ هيءُ فن صنعت جي حيثيت سان رائج ٿي چڪو آهي.[1]

ضروري ڳالھيون

سنواريو

هاڻي باغ معاشي ضرورت جي خيال سان لڳايو وڃي ٿو. باغ لاءِ هيٺيون ڳالهيون ضروري آهن.[1]:

  1. باغ جي لاءِ موزون آبھوا ۽ زمين موجود هجي.
  2. باغ مارڪيٽ جي ويجهو هجي.
  3. شھر يا مارڪيٽ گهڻو پري هجي تہ باغ پڪي ۽ سٺي روڊ تي هجي.
  4. باغ واريءَ زمين ۾ زير زمين پاڻيءَ جي ليول گهڻي هيٺ هجي.
  5. باغ جي پيچ لاءِ پاڻي گهڻي انداز ۾ موجود هجي.
  6. تجارتي پيماني تي باغ لڳائڻ لاءِ مزور آسانيءَ سان ملي سگهن.

سنڌ ۾ ميويدار علائقا

سنواريو

سنڌ جي ميداني علائقي ۾ حيدرآباد، ميرپورخاص، ڪوٽڙي بئراج ۽ نوابشاھ جا ضلعا آبھوا جي لحاظ کان ميويدار علائقا آهن، هونئن سڄيءَ سنڌ ۾ انب ۽ ڪيلا پوکي سگهجن ٿا.[1]