آتروپات(انگريزي: Atropates )(، يوناني:اٽروپيٽس) (Aτρoπάτης) [1] (370 ق م – 321 ق م کان پوءِ) فارس جو امير ھيو[2] جيڪو شھنشاھ دارا ٽئين ۽ سڪندراعظم ٻنھي جو خدمتگار رھيو ۽ بعد ۾ ھن پنھنجي نالي سان بادشاهت ۽ پنھنجو شاھي گھراڻو قائم ڪيو. دارا کيس آتروپ سڏيندو هو. رومي تاريخ نويس ڪوئنٽس ڪورٽيس کيس غلطي ۾ ارسيسس سڏيو ھو.

زندگي جو احوال سنواريو

اشميني ايمپائر جي خاتمي واري دور اچڻ وقت آتروپات ميديائي صوبي جو ساتراپ (گورنر) ھيو. آڪٽوبر 331 ق م ۾ دارا ٽيون ۽ سڪندراعظم وچ ۾ گئوگميلا واري فيصله ڪن جنگ لڳڻ وقت ھي دارا جي پاسي کان ميديائي صوبي واري فوجي جٿي جو ڪمانڊر ھيو.

 
323 ق م ۾ سڪندراعظم جي وفات بعد بابل جي ورھاڱي سان يوناني ميديائي ساتراپي (گورنري) آتروپات جي حصي ۾

جنگ ۾ شڪست بعد دارا ميديائي گادي واري شهر ھگمتانه (Ecbatana) ڀڄي ويو جتي آتروپات سندس ميزباني ڪئي. دارا نئين فوج گڏ ڪرڻ شروع ڪئي پر 330 ق م ۾ کيس ھگمتانه مان ڀڄڻ تي مجبور ڪيو ويو. دارا جي مرڻ کان مھينو پوء آتروپات بيڪٽريا جي ساتراپ (گورنر) ارد شير (Bessus) جي ذريعي سڪندراعظم وٽ پيش پيو[3] سڪندراعظم پھرين ميديائي صوبي جي ساتراپي لاء آڪسيڊيٽس جو چونڊ ڪئي ھئي پر ٻن سالن (328 ۽ 327) گذرڻ بعد ھن جو آڪسيڊيٽس جي وفاداري تان اعتبار ختم ٿي ويو ۽ آتروپات کي ان عھدي تي مقرر ڪيو[4]. سڪندراعظم 324 ق م ۾ آتروپات جي نياڻي جي شادي پنھنجي ويجھي اعتماد واري فوجي ڪمانڊر پرديڪاس سان ڪرائي ۽ شادي جو جشن دجله ندي لڳ واقع شھر شوش ۾ ٿيو[5]. ان وقت سڪندر اعظم اڃان اشميني ايمپائر جي گادي جي هنڌ پاسرگاد ۾ ڪرايل ھيو. ساڳي سال ان شادي کان پوءِ سڪندر اعظم ھگمتانه پنھنجي دوست ۽ فوجي نائب ھيفائستيون سان گڏجي گھمڻ آيو جيڪو اتي بيمار ٿي پيو ۽ آڪٽوبر 324 ق م ۾ وفات ڪري ويو[6]. سڪندراعظم پاڻ بہ 10 جون 323 ق م ۾ وفات ڪئي ھئي. آتروپات جو ڄاٽو پرديڪاس سڪندراعظم جي ويڳي ڀاءُ فلپ ٽيون جو ريجنٽ طور نامزد ٿيو. 323 ۾ بابل جي ورھاست دوران ميديائي صوبي کي بہ ٻن حصن ۾ ورھايو ويو. ڏکڻ اوڀر وارو وڏو حصو پرديڪاس جي جنرل پيثون کي مليو ۽ اتر اولھ وارو ننڍو حصو آتروپات کي مليو. آتروپات ڪجهه وقت بعد سڪندراعظم جي وارثن جي تابعداري ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ پنھنجي بادشاهت قائم ڪري ڇڏي. سندس ڄاٽي پرديڪاس کي پيثون 320 ق م ۾ قتل ڪري ڇڏيو.

حوالا سنواريو

  1. {Chaumont|1987|pp=17–18}
  2. Fredricksmeyer 2002, p. 92; Schippmann 1987, pp. 221–224; Roisman 2002, p. 187
  3. {Chaumont|1987|pp=17–18}
  4. {Roisman|2002|p=18}
  5. {Chaumont|1987|pp=17–18}
  6. Smith, William (وڪي نويس.), "Atropates", Dictionary of Greek and Roman Biography and Mythology, Boston, وقت 2011-06-05 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2020-10-27