آرمينيا:(انگريزي: Armenia ) (Listeni/ɑrˈmniə/;[17]، جنھن جو سرڪاري نالو ريپبلڪ آف آرمينيا آھي، يوريشيا جي علائقي ڏکڻ ڪوھ قاف جو ملڪ آھي جيڪو اولھ ايشيا ۾ واقع آهي.[18][19] ان جو سرحدون اولھ ۾ ترڪي سان، اتر ۾ جارجيا سان، اوڀر ۾ ڊي فيڪٽو نگورنو ڪاراباخ جي آذربائيجاني علائقي ۾ نام نھاد ريپبلڪ آف ارتسخ ۽ ڏکڻ ۾ ايران ۽ آذربائيجاني ايڪسڪليو نخجوان سان ملن ٿيون.[20] اھو ھڪ وحداني، ڪثيرالجماعت، ڊيموڪريٽڪ قومي رياست آھي جيڪا ھڪ قديم ثقافتي ورثو رکي ٿي.اتر اوڀر ايشيا جي ڪوچڪ ۽ ڏکڻ اولهه ٽرانس ڪاڪيشيا جو هڪ تاريخي علائقو آهي، جيڪو ترڪيءَ جي اتر اوڀر ۾ واقع آهي، جنهن جي پکيڙ لڳ ڀڳ ساڍا يارهن هزار چورس ميلن تي پکڙيل آهي، آرمينيا ڪنهن وقت روس جي رياست به رهيو آهي[21]. هن جي آبادي چاليهه لکن کان مٿي آهي[21]. آرمينيا جو گهڻو حصو پهاڙي آهي[21]. چيو وڃي ٿو ته طوفان نوح کانپوءِ حضرت نوح جو ٻيڙو اچي هتي لٿو[21]. هتان جي آبهوا پاڪستان جي آبهوا سان هڪجهڙائي رکي ٿي[21]. هتان جا رهواسي مشرقي قوم جي نسل مان آهن، جيڪي انڊو يورپين ماڻهن سان گڏجي ويا آهن[21]. هتان جي مقامي زبان فارسي سان ملندڙ جلندڙ آهي[21].

ريپبلڪ آف آرمينيا

Flag of آرمينيا
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نِسبتي نشان
ترانو: "اسان جو اباڻو وطن"
Location of آرمينيا
گادي جو هنڌيريوان
سڀ کان وڏو شهريريوان
دفتري ٻوليونآرمينيائي [1]
نسلي گروھ (2011)
مذهبعيسائيت (آرمينيائي حواري ڪليسا)[4]
مقامي آباديآرمينيائي يا آرمينيئن
حڪومتوحداني پارلياماني ريپبلڪ
• صدر
آرمين سرڪسيئن
(9 اپريل 2018 کان)
نڪول پاشينيان
(8 مئي 2018 کان)
آرارات ميرزويان(14 جنوري 2019 کان)
مقننه نيشنل اسيمبلي
بنياد ۽ آزادي
• بنياد پيو
2492 ق م
1500–1290 ق م
14 ھين صدي- 1190ق م
860–590 و م
6 ھين صدي ق م
•  عظيم آرمينيائي بادشاھت
جنھن ۾ آرمينيا متحد ٿيو
آرتاشيسي گھراڻي ھيٺ [8]
190 ق م [9]
52–428
885–1045
1198–1375

28 مئي 1918
• سويت يونين کان آزادي ورتائين .
23 آگسٽ 1990b
21 سيپٽمبر 1991c
26 ڊسمبر 1991d
پکيڙ
• جملي
29٬743 km2 (11٬484 sq mi) (138th)
• پاڻي (%)
4.71[10]
آبادي
• 2016 اندازو
2,924,816[11]
• 2011 مردم شماري
کم 3,018,854[12][13] (134th)
•  گھاٽائي
101.5 /km2 (262.9 /sq mi) (99th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد )2017 لڳ ڀڳ
• ڪل
$27.212 billion[14]
• في سيڪڙو
$9,098[14]
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ )2017 لڳ ڀڳ
• ڪل
$11.037 ارب ڊالر[14]
• في سيڪڙو
$3,690[14]
جِينِي (2013)31.5[15]
وچولو
ايڇ ڊي آء (2015)Increase2.svg 0.743[16]
اعلیٰ · 84th
ڪرنسيآرمينيائي ڊرام (֏) (AMD)
معياري وقتAMT (متناسق عالمی وقت+4)
ڊرائيونگ جو پاسوساڄو پاسو
ڊائلنگ ڪوڊ+374
سرپرست سَینٽسينٽ گريگوري
انٽرنيٽ ڊومين.am .հայ
  1. آزادي جو اعلان
  2. آرمئنيائي ريفرنڊم ذريعي آزادي جو اعلان
  3. آزادي سوويت يونين جي ٽٽڻ سان دنيا ۾ وڏي پيماني تي تسليم ڪئي وئي ۽ 5 جولاء 1995 تي نئون آئين لاڳو ڪيو ويو.

مڪانيت: 40°N 45°E / 40°N 45°E / 40; 45

تاريخسنواريو

آرمينيائي حڪومت ستين صدي ق . م ۾ قائم ٿي[21]. اوراتو آرمينيا جي مٿاھين پٽ وارو علائقو آهي جتي 680 ق م بادشاهت قائم ٿي جيڪا 590ق م تائين رھي ۽ ان جو گاديءَ جو هنڌ سگونيا شھر ۾ ھو. ان بعد اھو علائقو آرمينيا جي ساتراپي (دؤر:570 ق م کان 201 ق م ) نالي قائم ٿيل بادشاهت جي حڪومت ھيٺ رھيو جنھن جو گاديءَ جو هنڌ اربوني ھو جيڪو موجوده يريوان لڳ واقع ھو ۽ آرمينيا جو باقي حصو ساڳي وقت ميديائي گھراڻي جي حڪمراني (678 ق م کان 549 ق م) ۾ رھيو جنھن جو گاديءَ جو هنڌ ھگمتانه شھر ھيو جيڪو اولھ ايران ۾ واقع ھيو. 505 ق.م سائرس اعظم ان کي ايراني سلطنت ۾ شامل ڪيو[21]. ساتراپي جي زوال بعد آرمينيا جي بادشاھت (دؤر:331 ق م کان 428ع) قائم ٿي. جڏهن سڪندر اعظم 330 ق.م ايران فتح ڪيو ته سلوڪسي (Selevcid)، سلطنت جو حصو بنجي ويو. (سلوڪس سڪندراعظم جو هڪ جرنيل هو). سڪندراعظم جي وفات کانپوءِ سندس جرنيلن ان جي حڪومت پاڻ ۾ ورهائي ڇڏي. سلوڪس جي حصي ۾ شام ۽ اوڀرندي حصي وارا علائقا آيا. هتي سلوڪس خاندان 312 ق. م کان 364 ق. م تائين حڪومت ڪئي[21]. آرمينيا جي بادشاهت شروع ۾ اروندي گھراڻي (دور: 600 ق م کان 200ق م) پوء

 
آرمينيا 150 ق م ۾

آرتاشسي گھراڻي (190 ق م کان 12ع) پوء ارشڪاني گھراڻي (دؤر: 12ع کان 428ع) حڪومت ڪئي. ٻي صدي ق.م ۾ روم ۽ سلوڪسي حڪومتن ۾ جنگ لڳي. ان عرصي دوران آرمينيا آزاد ملڪ بنجي ويو[21]. آرمينيا 94 ق.م کان 56 ق. م تائين مشرق قريب جي سڀني حڪومتن کان طاقتور حڪومت هئي[21].ان کي دنيا جي سڀ کان قديم عيسائي مملڪت چيو ويندو هو[21].

 
ايچميڊزين ڪيٿيڊرل آرمينيا جو مڌر چرچ 303ع ۾ قائم ٿيل جنھن کي دنيا جي قديم ترين چرچ ۾ شمار ڪيو ويندو آهي[22][23][24]

ڇاڪاڻ ته 300ع ۾ هتان جي بادشاهه ترمي دانس عيسائيت کي سرڪاري مذهب قرار ڏنو هو[21] پھرين صدي عيسويءَ ۾ آرمينيا دنيا جو پھريون ملڪ ھيو جنھن رياستي سطح تي عيسائيت جو مذھب اختيار ڪيو[25][26][27][28] پنجين صدي عيسويءَ ۾ آرمينيائي بادشاهت بازنطيني ايمپائر ۽ساساني ايمپائر ۾ ورھائجي وئي. نائين صدي عيسويءَ ۾ آرمينيا ۾ وري آرمينيائي بادشاهت باگراتوني گھراڻي قائم ڪئي جيڪا بازنطيني ايمپائر سان جنگن ڪري زوال پذير ٿي وئي اٺين صدي عيسويءَ ۾ هي ملڪ عربن جي قبضي هيٺ اچي ويو[21]. يارهين صدي عيسويءَ ۾ سلجوقين ان تي قبضو ڪيو[21]. 1045 ع ۾ آرمينيا ترڪن جي سيلجوڪ ايمپائربجي قبضي ۾ اچي ويو. ھڪ آرمينيائي پرنسپلٽي جيڪا پوء سليسيائي بادشاهت ۾ تبديل ٿي وئي يارھين ۽ چوڏھين صدين وچ ۾ ميڊيٽرينئن سمنڊ تي قائم ٿي. سورھين ۽ اوڻويھين صدين وچ ۾ روايتي آرمينيائي وطن اوڀر آرمينيا ۽ اولھ آرمينيا تي مشتمل ھيو جيڪي خلافت عثمانيه ۽ فارسي ايمپائر جي قبضي ۾ ھيا ۽ انھن تي واري واري سان انھن ايمپائرن ٻن صدين کان وڌيڪ عرصي تائين حڪومت ڪئي. اوڻويھين صديءَ ۾ اوڀر آرمينيا تي روسي ايمپائر قبضو ڪيو جڏھن ته اولھ آرمينيا خلافت عثمانيه جي قبضي هيٺ هو. آرمينيا سورهين صديءَ ۾ ترڪ سلطنت عثمانيه جو حصو بڻجي ويو[21]. آرمينيا جي ڪجهه حصي تي روس ۽ ايران جو به قبضو رهيو[21].

 
آرمينيا جو نقشو

پھرين جنگ عظيم ۾ عثماني خلافت ھڪ منصوبي تحت پندرهن لک آرمينيائي ماڻھن کي ماري انھن جي نسل ڪشي ڪئي. پهرين جنگ عظيم ۾ ترڪيءَ کي شڪست ملي، 1917ع ۾ روس ۾ سوشلسٽ انقلاب کانپوِ 1918ع ۾ آرمينين پنهنجي آزاد حڪومت قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر 1920ع ۾ ترڪيءَ ۽ روس جي حڪومتن ٻيهر ان تي قبضو ڪري ورتو[21]] </ref>. 1918 ۾ روسي انقلاب اچڻ سان روسي ايمپائر جو خاتمو ٿيو جنھن جي نتيجي ۾ سڀني روسي قبضي وارن ملڪن آزادي جا اعلان ڪري ڌار ٿي ويا جن ۾ آرمينيائي ريپبلڪ پڻ شامل ھئي. 1920ع ۾ آرمينيا جي ريپبلڪ ٽرانسڪاڪيشن سوشلسٽ فيڊريٽو ريپبلڪ ۾ شامل ڪيو ويو، ۽ 1922ع ۾ اھا ريپبلڪ سوويت يونين بجي باني رڪن ٿي. 1936ع ۾ ٽرانسڪاڪيشن سوشلسٽ فيڊريٽو سوويت ريپبلڪ کي ٽوڙي آذربائيجان سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ، جارجيا سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ سان گڏوگڏ آرمينيائي سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ قائم ڪيون ويون جيڪي سوويت يونين جون رڪن ٿيون. آرمينين سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ 1991ع ۾ ٽٽي وئي ۽ ھاڻوڪي آرمينيائي ريپبلڪ قائم ٿي.

جاگرافيسنواريو

آرمينيا چوڌاري زمين سان گھيريل ملڪ آھي جيڪو ٽرانس قفقاز (ڏکڻ ڪوھ قاف) واري خطي ۾ ڏکڻ ڪوھ قاف واري جبلن سميت ڪيسپئن سمنڊ ۽ ڪاري سمنڊ جي وچ واري ھيٺاھين ميدانن ۾ واقع آھي. آرمينيا جا اتر اوڀر وارا مٿانھان ميدان اولھ ايشيا ۾ واقع آھن[29][30]. اھي مٿانھان ميدان اولھ ۾ ترڪي ۽ اتر ۾ جارجيا، اوڀر ۾ آذربائيجان ۽ ڊي فيڪٽو خودمختيار ارتسخ ريپبلڪ ۽ ڏکڻ ۾ ايران ۽ نخجوان جي اينڪليو جي سرحدن سان وڃي لڳن ٿا[31]

ٽوپو گرافيسنواريو

 
آرمينيا جا جبل ۽ ٻرندڙ جبل

آرمينيا جي پکيڙ 29٬743 ڪلوميٽرزچورس (11٬484 sq mi) آھي. آرمينيا جي زمين گھڻي ڀاڱي جابلو آھي جتان تيز نديون وھن ٿيون ۽ ان تي ڪجھ ٻيلا پڻ آھن. سطح سمنڊ کان اتان جي زمين 390 ميٽر (1٬280 ft) کان 4٬090 ميٽر (13٬419 فٽ) تائين بلند آھي ۽ سمنڊ جي سطح کان مٿي 39 ميٽرن کان گھٽ ڪوبه علائقو ڪانھي[32] بلندي جي لحاظ کان ھي ملڪ دنيا جي ڏھن بلند ترين ملڪن ۾ شامل آهي. ان جا جابلو علائقا بلندي ۾ سوئيٽزرلينڊ ۽ نيپال کان بہ وڌيڪ بلند آھي[33]. ڪوھ آرارات تاريخي طور تي آرمينيا جو حصو رھيو آھي پر ھن وقت ترڪي ۾ شامل آھي، ھن علائقي جي بلندي ترين چوٽي آھي. اھو جبل آرمينيا مان پڻ نظر ايندو آهي. اھو جبل آرمينيا جو سڃاڻپ سمجھيو ويندو آھي ڇوتہ آرمينيا جي سرڪاري نسبتي نشان ۾ اھو جبل شامل آھي[34][35][36]

موسمسنواريو

 
ڪوپن گيئگر آبھوا جي درجابندي وارو آرمينيا جو نقشو[37]

آرمينيا جي آبھوا اونھاري ۾ گرم ، خشڪ ۽ سج واري ھوندي آھي جيڪا جون کان سيپٽمبر جي وچ تائين ھلندي آهي. گرمي پد 22 ۽ 36 °C (72 ۽ 97 °F) جي وچ ۾ ڦرندو رهندو آهي. ان ھوندي بہ گھم تيز گرمي جي اثر کي زائل ڪندي آهي. شام واريون وڻندڙ ٿڌيون ھوائون جبلن ھيٺ گھلنديون آھن. ھتي بھار گھٽ ۽ سرء وڌيڪ ٿيندو آهي. ھتي جو سيارو تمام ٿڌو ۽ برف گھڻي پوندي آهي. سردي ۾ گرمي پد −10 ۽ −5 °C (14 ۽ 23 °F) تائين ھوندو آھي. سياري ۾ ھتي برف تي اسڪيئنگ راند کيڏي ويندي آهي. سيوان ڍنڊ آرمينيا جي مٿاھين حصي تي واقع آهي ۽ اھا دنيا جي اندر سامونڊي سطح کان بلند ترين ٻيون نمبر وڏي ڍنڍ آھي.

حڪومتي ۽ سياسي نظامسنواريو

 
يريوان ۾ واقع آرمينيا جي نيشنل اسيمبلي

آرمينيا ۾ پارلياماني جمھوريت قائم آھي. ان کان اڳ اپريل 2018 تائين ملڪ جي آئين تحت نيم صدارتي نظام رائج ھيو. موجوده آئين مطابق صدر رياست جو سربراھ ۽ وزيراعظم حڪومتي سربراھ آھي. قانونسازي جا اختيار نيشنل اسيمبلي وٽ آهي جنھن کي ازگين زوگوف چوندا آهن جيڪا ھڪ ايواني پارليامينٽ آھي.

 
يو ايس سيڪريٽري مائيڪ پومپيو آرمينيائي صدر آرمين سرڪسيئن سان گڏ

آرمينيا 2 مارچ 1992 تي گڏيل قومن جو رڪن ٿيو.

انتظامي ورهاستسنواريو

 
ڪوٽائيڪ صوبي ۾ گيگار خانقاہ

آرمينيا ۾ ڏھ صوبا آھن. ھن ملڪ ۾ صوبي کي مارز ۽ صوبن کي مارزر چوندا آهن. صوبي جي گورنر کي ماررزپيٽ چوندا آهن[38] يريوان ملڪ جي گادي جو هنڌ آهي جنھن ۾ 12 ضلعا آهن.

صوبو گاديءَ جو هنڌ پکيڙ
چورس
ڪ م
آبادي †
آراگاتسوتن صوبو اشتاراڪ 2,756 132,925
آرارات صوبو آرتاشات 2,090 260,367
آرماوير صوبو آرماوير 1,242 265,770
گگارڪونيڪ صوبو گاوار 5,349 235,075
ڪوتايڪ صوبو ھرازدان 2,086 254,397
لوري صوبو وانادزور 3,799 235,537
شيراڪ صوبو گيومري 2,680 251,941
سيونيڪ صوبو ڪاپان 4,506 141,771
تاووش صوبو ايجوان 2,704 128,609
وايوتس جور صوبو يغگنادزور 2,308 52,324
يريوان صوبو يريوان شھر 223 1,060,138

† 2011 جي آدمشماري
وسيلا: صوبن جي پکيڙ ۽ آبادي[39]

معيشيتسنواريو

آرمينيا ھڪ ترقي پذير ملڪ آھي. 2018 جي انساني ترقي جي اشاريي مطابق ھن ملڪ جي شرح مطابق شمار 81 نمبر تي ھيو[40] ھن ملڪ جي معيشت جو سڀ کان وڏو ذريعو سمنڊ پار آرمينيائي ماڻھن جي سيڙپڪاري آھي[41]. آزادي کان اڳ ھن رياست جي معيشت م ڪيميائي صنعت، اليڪٽرانڪس، مشينري، کاڌي ٺاھڻ واري صنعت، مصنوعي رٻڙ، ڪپڙي جي صنعت تي مشتمل ھئي[42]. سوويت يونين واري دؤر ۾ زرعي ترقي ۾ ھي رياست پوئتي رھي. آزادي کان پوءِ ھتي زراعت کي فروغ ڏنو ويو[43] [44].

 
يريوان آرمينيا جو معاشي ۽ ثقافتي مرڪز آھي

آرمينيا جي کاڻن مان سون، شيھو، جست ۽ ٽامو نڪري ٿو. ھن ملڪ جي توانائي جون ضرورتون روس پوريون ڪري ٿو. تيل، گيس ۽ ائٽمي توانائي وارن ريئيڪٽرن جو تيل سمورو روس مان درآمد ڪيو وڃي ٿو. توانائي جو سڀ کان وڏو سرچشمو ھائڊرو اليڪٽرڪ آھي. ملڪ ۾ تيل گيس ۽ ڪوئلي جا ننڍا ذخيره آھن پر اُنھن جي نيڪالي جي صلاحيت ناڪافي آهي. ھن ملڪ جي ماحولياتي صفائي لاء ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ ۽ ٻين زھريلن عنصرن جي نيڪال واري بايوو ڪئپيسٽي تائين پھچ ڏاڍي گھٽ آھي. عالمي ڀيٽ ۾ ھن ملڪ جي شرح ,2019 ۾ 0.8 ھيڪٽر تائين مس ھئي [45]

تعليمسنواريو


وچولي دؤر م گلادزور يونيورسٽي ۽ تاتيف يونيورسٽي آرمينيا جي تعليم ۾ ھڪ اھم ڪردار ادا ڪيو. سوويت دؤر ۾ 1960 تائين ھتان جي ماڻھن جي تعليمي شرح %100 ھئي[46]. 1988 ۽ 1989 واري تعليمي سال دوران ھر 10000 پري سيڪنڊري شاگردن مان صرف 301 شاگرد. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري تعليم حاصل ڪئي جيڪا سوويت دؤر واري تعليمي شرح کان گھٽ ھئي[46]. 1990-91 واري تعليمي سال ۾ 1,307 پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن ۾ 608,800 شاگرد داخلا ھئا.

نگارخانوسنواريو


حوالاسنواريو

  1. "Constitution of Armenia, Article 20". president.am. 
  2. اساترين،گارنيڪ ۽ اراڪلووا. The Ethnic Minorities in Armenia. Part of the OSCE. Archived copy at WebCite (16 April 2010).
  3. Ministry of Culture of Armenia "The ethnic minorities in Armenia. Brief information". As per the most recent census in 2011. "National minority".
  4. "National Assembly of the Republic of Armenia - Official Web Site - parliament.am". www.parliament.am. 
  5. لينگ، ڊيوڊ مارشل. Armenia: Cradle of Civilization. London: Allen and Unwin, 1970, p. 114. ISBN 0-04-956007-7.
  6. Redgate, Anna Elizabeth. The Armenians. Cornwall: Blackwell, 1998, pp. 16–19, 23, 25, 26 (map), 30–32, 38, 43 ISBN 0-631-22037-2.
  7. Redgate, A. E. (2000). The Armenians (Reprint ed.). Oxford: Blackwell. p. 5. ISBN 0-631-22037-2. https://books.google.com/books?id=e3nef10a3UcC&dq. "However, the most easily identifiable ancestors of the later Armenian nation are the Urartians." 
  8. de Laet, Sigfried J.; Herrmann, Joachim, eds (1996). History of Humanity: From the seventh century century A.D. (1st ed.). London: Routledge. p. 128. ISBN 978-92-3-102812-0. "The ruler of the part known as Greater Armenia, Artaxias (Artashes), the founder of a new dynasty, managed to unite the country..." 
  9. Encyclopedia Americana: Ankara to Azusa. Scholastic Library Publishing. 2005. p. 393. "It was named for Artaxias, a general of Antiochus the Great, who founded the kingdom of Armenia about 190 B.C." 
  10. "The World Fact Book – Armenia". Central Intelligence Agency. وقت 19 July 2010 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 17 July 2010. 
  11. "World Population Prospects: The 2017 Revision". ESA.UN.org (custom data acquired via website). United Nations Department of Economic and Social Affairs, Population Division. حاصل ڪيل 10 September 2017. 
  12. "Statistical Service of Armenia" (PDF). Armstat. حاصل ڪيل 20 February 2014. 
  13. "Armenia Population". countrymeters.info. http://countrymeters.info/en/Armenia. 
  14. 14.0 14.1 14.2 14.3 "Report for Selected Countries and Subjects". World Economic Outlook Database, October 2017. Washington, D.C.: International Monetary Fund. حاصل ڪيل 17 January 2018. 
  15. "Gini index". World Bank. حاصل ڪيل 12 May 2016. 
  16. "Human Development Report 2016" (PDF). United Nations. حاصل ڪيل 28 September 2017. 
  17. "Armenia." Dictionary.com Unabridged. 2015.
  18. Central Intelligence Agency (2014). The CIA World Factbook 2015. Skyhorse Publishing. p. 5241. ISBN 978-1-62914-903-5. https://books.google.com/books?id=xutfBgAAQBAJ&pg=PT5241. 
  19. The UN classification of world regions places Armenia in Western Asia; the CIA World Factbook "Armenia". The World Factbook. CIA. وقت 10 October 2010 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2 September 2010.  "Armenia". National Geographic. , "Armenia". Encyclopædia Britannica. , (Italian ۾) Calendario Atlante De Agostini (111 ed.). Novara: Istituto Geografico De Agostini. 2015. p. sub voce. ISBN 9788851124908.  and Oxford Reference Online {{cite web|url=http://www.oxfordreference.com/view/10.1093/acref/9780199546091.001.0001/acref-9780199546091-e-652 |title=Oxford Reference |publisher=Oxford Reference Online |accessdate=20 October 2012|doi=10.1093/acref/9780199546091.001.0001/acref-9780199546091-e-652 |doi-broken-date=2017-09-23
  20. The Oxford Encyclopedia of Economic History. Oxford University Press. 2003. p. 156. ISBN 978-0-19-510507-0. 
  21. 21.00 21.01 21.02 21.03 21.04 21.05 21.06 21.07 21.08 21.09 21.10 21.11 21.12 21.13 21.14 21.15 21.16 21.17 21.18 [http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=آرمينيا
  22. Stokes, Jamie, ed (2008). Encyclopedia of the Peoples of Africa and the Middle East. New York: Infobase Publishing. p. 65. ISBN 978-1-4381-2676-0. "Etchmiatzin is located in the west of modern Armenia, close to the border with Turkey, and its fourth-century cathedral is generally regarded as the oldest in the world." 
  23. Bauer-Manndorff, Elisabeth (1981). Armenia: Past and Present. Lucerne: Reich Verlag. OCLC 8063377. "Etchmiadzin, with the world's oldest cathedral and the seat of the Catholicos, draws tourists from all over the world." 
  24. Utudjian, Édouard (1968). Armenian Architecture: 4th to 17th Century. Paris: Editions A. Morancé. p. 7. OCLC 464421. "...the oldest cathedral in Christendom, that of Etchmiadzin, founded in the 4th century." 
  25. (Garsoïan, Nina (1997). R.G. Hovannisian. ed. Armenian People from Ancient to Modern Times. 1. Palgrave Macmillan. p. 81. )
  26. Stringer, Martin D. (2005). A Sociological History of Christian Worship. Cambridge: Cambridge University Press. p. 92. ISBN 978-0-521-81955-8. https://archive.org/details/sociologicalhist00stri. 
  27. Smaller nations that have claimed a prior official adoption of Christianity include Osroene, the Silures, and San Marino. See Timeline of official adoptions of Christianity.
  28. Grousset, René (1947). Histoire de l'Arménie (1984 ed.). Payot. p. 122. . Estimated dates vary from 284 to 314. Garsoïan (op.cit. p. 82), following the research of Ananian, favours the latter.
  29. Central Intelligence Agency (2014). The CIA World Factbook 2015. Skyhorse Publishing. p. 5241. ISBN 978-1-62914-903-5. https://books.google.com/books?id=xutfBgAAQBAJ&pg=PT5241. 
  30. The UN classification of world regions آرڪائيو ڪيا ويا 25 June 2002 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. places Armenia in Western Asia; the CIA World Factbook "Armenia". The World Factbook. CIA. وقت 10 October 2010 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2 September 2010.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد) "Armenia". National Geographic. وقت 8 August 2007 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 16 April 2009.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد), "Armenia". Encyclopædia Britannica. وقت 1 April 2009 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 16 April 2009.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد), (Italian ۾) Calendario Atlante De Agostini (111 ed.). Novara: Istituto Geografico De Agostini. 2015. p. sub voce. ISBN 9788851124908.  and Oxford Reference Online Oxford Reference. Oxford Reference Online. 2004. doi:10.1093/acref/9780199546091.001.0001. ISBN 9780199546091. https://archive.org/details/worldencyclopedi00oxfo.  also place Armenia in Asia.
  31. The Oxford Encyclopedia of Economic History. Oxford University Press. 2003. p. 156. ISBN 978-0-19-510507-0. https://archive.org/details/oxfordencycloped0000unse/page/156. 
  32. "Geographic Characteristic of The Republic of Armenia" (PDF). Marzes of the Republic of Armenia in Figures, 2002–2006. National Statistical Service of the Republic of Armenia. وقت 25 March 2009 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 22 July 2009.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  33. "Percentage of Mountain Area per Country (map)". وقت 9 January 2019 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  34. Natasha May Azarian (2007). The Seeds of Memory: Narrative Renditions of the Armenian Genocide Across Generations. p. 96. ISBN 978-0-549-53005-3. https://books.google.com/books?id=QJDLYMq7ZuAC&pg=PA96. Retrieved 28 April 2013. "Mount Ararat is considered the 'heart' of historical Armenia as it is Armenian folklore which considers the majestic mountain to be the place where Noah's Arc landed. Armenian businesses, households, and schools almost ubiquitously have at ..." 
  35. Rouben Paul Adalian (13 May 2010). Historical Dictionary of Armenia. Scarecrow Press. p. 85. ISBN 978-0-8108-7450-3. https://books.google.com/books?id=QS-vSjHObOYC&pg=PA85. Retrieved 28 April 2013. "Although the mythology associated with the pagan worship of the mountain is now lost to popular belief, Mount Ararat has played a very ..." 
  36. James Minahan (1998). Miniature empires: a historical dictionary of the newly independent states. Greenwood Publishing Group. pp. 2–3. ISBN 978-0-313-30610-5. https://books.google.com/books?id=RSxt-JB-PDkC&pg=PA2. Retrieved 28 April 2013. "Mount Ararat, the legendary landing place of Noah's Ark, is located in what is now modern Turkey. Situated near the border, the peak is visible from nearly every area of Armenia. Historically, the mountain has been the Armenian people's most ..." 
  37. Beck, Hylke E.; Zimmermann, Niklaus E.; McVicar, Tim R.; Vergopolan, Noemi; Berg, Alexis; Wood, Eric F. (30 October 2018). "Present and future Köppen-Geiger climate classification maps at 1-km resolution". Scientific Data 5: 180214. doi:10.1038/sdata.2018.214. PMID 30375988. PMC 6207062. Bibcode2018NatSD...580214B. https://www.research-collection.ethz.ch/bitstream/20.500.11850/302311/2/sdata2018214.pdf. Retrieved 6 September 2019. 
  38. "Regional Administration Bodies". The Government of the Republic of Armenia. وقت 11 February 2012 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 11 September 2008.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  39. "Armstat:Provinces, area and population" (PDF). وقت 10 October 2017 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 26 January 2014.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  40. "Human Development Report" (PDF). United Nations Development Programme (UNDP). وقت 16 July 2020 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 27 July 2020.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  41. Demourian, Avet (19 October 2007). "Armenian Eyes, Ears on US Genocide Vote". The Washington Post. https://www.washingtonpost.com/wp-dyn/content/article/2007/10/19/AR2007101901471.html. Retrieved 7 July 2009. 
  42. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named CIA
  43. Z. Lerman and A. Mirzakhanian, Private Agriculture in Armenia, Lexington Books, Lanham, MD, 2001.
  44. Statistical Yearbook 2007 آرڪائيو ڪيا ويا 3 October 2008 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., Armenia National Statistical Service, Yerevan
  45. "Country Trends". Global Footprint Network. وقت 8 August 2017 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 24 June 2020.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  46. 46.0 46.1 Curtis, Glenn E. and Ronald G. Suny. "Education". Armenia: A Country Study آرڪائيو ڪيا ويا 12 September 2009 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. Library of Congress Federal Research Division (March 1994). This article incorporates text from this source, which is in the public domain.