غالب پارٽي وارو نظام
غالب پارٽي وارو نظام يا غالب جماعتي نظام (انگريزي: Dominant Party System) يا (انگريزي: One Party Dominant System ) ھڪ اھڙو سياسي نظام آھي جنھن ۾ مخالف پارٽين کي تہ اليڪشن ۾ بيھڻ ۽ پارليامينٽ ۾ اچڻ جي اجازت ھوندي آھي پر ھر ڀيري ھڪ ساڳي پارٽي اڪثريت سان اچي ويندي آهي[1]. ھن نظام جي سڃاڻپ تڏھن ٿيندي آھي جڏھن حڪمران جماعت پھريون مدو پورو ڪري چونڊن ب۾ ٻيھر غالب اڪثريت سان چونڊجي ايندي آهي ان ڪري اھا غالب پارٽي جو درجو حاصل ڪندي آهي ۽ نظام جي سڃاڻپ غالب جماعت واري نظام طور ٿيندي آهي[2]. 1950 کان 2017 تائين 130 کان وڌيڪَ ملڪن ۾ غالب پارٽي وارو نظام قائم ٿيندو رھيو آھي. اھو نظام جمھوريت ۽ آمريت ٻنھي طريقن واري حڪومتي نظام ۾ رھيو آھي[3] اھڙين جماعتن جا مثال گھڻا آھن جن ۾ روس جي جماعت يونائيٽيڊ رشيا , ترڪي جي جسٽس اينڊ ڊولپمينٽ پارٽي، سربيا ۾ سربين پروگريسو پارٽي[4][5] وينزويلا ۾ يونائيٽيڊ سوشلسٽ پارٽي، آذربائيجان ۾ نيو آذربائيجان پارٽي، جارجيا ۾ جارجين ڊريم، قزاقستان ۾ نور اوتان، تاجڪستان ۾ پيپلز ڊيموڪريٽڪ پارٽي آف تاجڪستان، ازبڪستان ۾ ازبڪستان لبرل ڊيموڪريٽڪ پارٽي، ھنگري ۾ فيدس، سنگاپور ۾ پيپلز ايڪشن پارٽي، انگلينڊ ۾ ڪنزرويٽو پارٽي، اسڪاٽلينڊ ۾ اسڪاٽش نيشنل پارٽي، ويلز ۾ ويلش ليبر، سائوٿ آفريڪا ۾ آفريڪن نيشنل ڪانگريس[6] جاپان ۾ لبرل ڊيموڪريٽڪ پارٽي[6] the ڪمبوڊيا ۾ ڪمبوڊين پيپلز پارٽي، بنگلاديش ۾ عوامي ليگ، انڊيا ۾ ڀارتيا جنتا پارٽي وغيره شامل آهن.
حوالا
سنواريو- ↑ Ostroverkhov, A.A. (2017). "In Searching for Theory of One-Party Dominance: World Experience of Studying Dominant-Party Systems (II)". The Journal of Political Theory, Political Philosophy and Sociology of Politics Politeia 87 (4): 133–149 (p. 136). doi: .
- ↑ Ostroverkhov, A.A. (2017). "In Searching for Theory of One-Party Dominance: World Experience of Studying Dominant-Party Systems (I)". The Journal of Political Theory, Political Philosophy and Sociology of Politics Politeia 86 (3): 136–153 (p. 148). doi: .
- ↑ Ostroverkhov, A.A. (2017). "In Searching for Theory of One-Party Dominance: World Experience of Studying Dominant-Party Systems (II)". The Journal of Political Theory, Political Philosophy and Sociology of Politics Politeia 87 (4): 133–149 (p. 137). doi: .
- ↑ Orlović, Slaviša (2015). "The Influence of Electoral System on Party Fragmentation in Serbian Parliament". Serbian Political Thought 7 (11): 91–106. doi: .
- ↑ Atlagić, Siniša; Vučićević, Dušan (2019). Thirty Years of Political Campaigning in Central and Eastern Europe. Palgrave Macmillan, Cham. doi: . ISBN 978-3-030-27693-5.
- ↑ 6.0 6.1 Suttner, R. (2006), "Party dominance 'theory': Of what value?", Politikon 33 (3), pp. 277-297