سونمياڻي:(انگريزي: Sonmayani ) پاڪستاني بلوچستان جي ضلعي لسٻيلي ۾ واقع آھي. اھا بلوچستان جي ضلعي لسٻيلي جي ھڪ پراڻي بندرگاھ رھي آھي جيڪا انگريزن جي آمد کان اڳ خطي جي مصروف بندرگاھ ھئي جتان پاڻي جا ٻيڙا ۽ جھاز ھندوستان، عربستان، فارس ۽ آفريڪا ويندا هئا. ھي ننڍڙو شھر ڪراچي کان 45 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آھي. 1805 ۾ پورچوگيزن جي بحري قزاقن ھن بندرگاھ کي ڦري لٽي پوء باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو. گل جنيد نالي ھڪ ڪلمتي ھوت سردار، جيڪو جھاز راني جو ماھر ھيو ان بحري قزاقن سان ڪافي مقابلا ڪيا. برطانوي تسلط کان پوء ڪراچي جي بندر جي اھميت وڌي وئي جيڪو روڊ ۽ ريلوي نظام وسيلي ٻين پري جي شھرن سان ڳنڍجي ويو ۽ ڪراچي جي عروج سان ھن بندرگاھ جو زوال آيو. ھڪ سبب اھو بہ ھيو تہ وڏا جھاز ڪناري جي اونھائي نہ ھجڻ ڪري اچي نہ پئي سگھيا[1].

تاريخ سنواريو

ھينري پاٽينجر جو 1810ع ۾ سفر سنواريو

سونمياڻيءَ جو ڳوٺ پورالي نديءَ جي ڏاکڻي ڪپ تي هڪ نهايت سيبائتي جاءِ تي ٺهيل آهي، ان ۾ هن وقت اٽڪل اڍائي سؤ گهر آهن، ان کي ڪا پناھ ڪانہ آهي. ٻيلي واري طرف ڳوٺ جي ويجهو واريءَ جون وڏيون ڀِٽون آهن. نديءَ جي منهن ۾ لَٽ آهي، تنهنڪري اتي جي وِير نہ هوندي آهي. تہ پاڻي ڇهن فوٽن کان زياده نہ هوندو آهي، پر ڳوٺ جي ويجهو جتي ٻيڙيون بيهنديون آهن، اتي ڇھ-ست فوٽ پاڻي هوندو آهي. ماڻهن جو گذران اڪثر مڇي مارڻ تي هوندو آهي. سواءِ چند هندن جي ٻيا ماڻهو غريب آهن. تازو پاڻي وير جي سَنڌي کان ٻاهر واريءَ ۾ هڪ-ٻن فوٽن تي ملندو آهي. پاڻي هڪدم جيئن ڪٺو ٿيندو آهي، تيئن ڪڍبو آهي، نہ تہ جلد کارو ٿي پوندو آهي، ساڳي کڏ وري ڪم نہ ايندي آهي، جيستائين اها پوري وري ٻي نہ کوٽي وڃي. سونمياڻيءَ ۾ سکر ماڻهن جا گهر ڪاٺ جي بنڊن جا ٺهيل هوندا آهن، جي ڪچين سرن سان ڀربا آهن. غريبن جون جهوپڙيون ٻٻر جي ٽارن جون هونديون آهن، ۽ مٿان مٽي لنبيل هوندي اٿن. ڇتيون ڪچيون هونديون آهن (چؤنرو).[2] ھينري پاٽينجر پنھنجي سفرنامي جي ڊائريءَ ۾ لکيو آهي تہ" ڳوٺ ۽ ان جي ماڻهن جي حالت نهايت اُبتر هئي، پر تعجب هو تہ اتي چڱو چوکو واپار هو. واپار سمورو هندن جي هٿ ۾ آهي، هو نھايت محنتي قوم آهن. هڪڙي هندوءَ ٻڌايو تہ 1808ع جي پڇاڙيءَ تائين هن کان چئوڻو واپار هوندو هو، جڏهن جواسمي عربن ڌاڙيلن سونمياڻي ڦري ساڙي ڇڏي، ان کان پوءِ شهر اڃا سنئون ڪونه ٿيو آهي.[2]

حوالا سنواريو

  1. پاکستان کی سیر گاہیں شیخ نوید اسلم
  2. 2.0 2.1 ڪتاب: سنڌ ۽ بلوچستان جو سير سفر؛ ليکڪ: ھينري پاٽينجر؛ ايڊيشن: 1993ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو