دڪي ضلعو
دڪي ضلعو (اردو:ضلع دوکی؛ پشتو: دوکي ولسوالۍ؛ بلوچي: دوکی دمگ) پاڪستان جي صوبي بلوچستان جو هڪ ضلعو آهي.[1] اهو سمنڊ جي سطح کان 1,092 ميٽر (3585 فوٽ) جي اوچائي تي واقع آهي.[2]
ضلعو دڪي ضلع دوکی دوکي ولسوالۍ دوکی دمگ | |
---|---|
ضلعو | |
![]() حیران حیدرزئي دڙو | |
![]() بلوچستان جي نقشي ۾ دڪي ضلعو هائي لائٽ ڪيل | |
ملڪ | ![]() |
صوبو | ![]() |
ڊویزن | لورالائي ڊويزن |
قائم ٿيو | 2016ع |
ضلعي صدر مقام | دڪي |
حڪومت | |
• قسم | ضلعي انتظاميه |
• ڊپٽي ڪمشنر | N/A |
• ضلعي پوليس آفيسر (ڊي ايس پي) | N/A |
پکيڙ | |
• ڪل | 4,233 ڪ.م2 (1,634 ميل2) |
آبادي (2023ع) | |
• ڪل | 205,044 |
ان کي يونين ڪائونسلن ۾ ورهايو ويو آهي، خاص ڪري ويالا دڪي، زنگل رباط، صدر، سول اسٽيشن، نصرآباد، ٺل-چوٽيالي، لوني ۽ نانا صاحب زيارت۔ ان جي مکيه آمدني زراعت ۽ قدرتي وسيلن مان اچي ٿي. قبائلي سماج هجڻ جي ڪري هن ۾ قبيلا آهن: ترين جن ۾ رئيساڻي، ڪاڪڙ، شادوزئي، لوني، زرڪون ۽ ناصر وغيره شامل آهن.
دڪي پاڪستان جي گهٽ ترقي يافته ضلعن مان هڪ آهي، جيڪو ترقي، صحت، تعليم، انفراسٽرڪچر ۽ ٻين ڪيترين ئي سهولتن ۾ پوئتي پيل آهي. هي واحد ضلعو آهي جتي سال 2018ع ۾ پوليو جا ٻه ڪيس رپورٽ ٿيا. دڪي کي سال 2016ع ۾ ضلعو بڻايو ويو ۽ ان جي تعلقن ۾ ٺل۔چوٽيالي، نانا صاحب زيارت ۽ لوني شامل آهن.
دڪي سال 2017ع تائين لورالائي ضلعي جو حصو هو۔ سال 2017ع ۾ دڪي کي الڳ ضلعو قرار ڏنو ويو. ڪل 19 يونين ڪائونسلون آهن. ضلعي حڪومت ۾ ڊپٽي ڪمشنر، اسسٽنٽ ڪمشنر، ڊي پي او، تحصيلدار شامل آھن. ان کان سواءِ بلدیاتي ادارن جي چونڊن کان پوءِ ضلعي ڪائونسل ۽ ميونسپل ڪميٽيءَ جو چيئرمين به ضلعي ۾ عوامي سهولتن جي فراهمي ۾ حصو وٺندو آهي.
حوالا
سنواريو- ↑ Tehsils & Unions in the District of Loralai - Government, Archived from the original on March 26, 2012, حاصل ڪيل February 10, 2024
- ↑ Location of Duki - Falling Rain Genomics