شھيد سڪندر آباد ضلعو
شھيد سڪندر آباد ضلعو (Shaheed Sikanderabad District) پاڪستان جي صوبي بلوچستان جي قلات ڊويزن جو ھڪ ضلعو آهي جنھن جو صدر مقام سوراب شھر آھي. سال 2023ع جي آدمشماري جي مطابق ضلعي جي آبادي 279,038 آهي.
شھيد سڪندر آباد ضلعو | |
---|---|
ضلعو | |
Shaheed Sikanderabad District | |
پاڪستان ۽ بلوچستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 28°29′18″N 66°17′23″E / 28.48833°N 66.28972°E | |
ملڪ | ![]() |
صوبو | بلوچستان |
ڊويزن | قلات ڊويزن |
صدر مقام | سوراب |
قيام | پھرين آگسٽ 2017 |
پکيڙ | |
• ڪل | 762 ڪ.م2 (294 ميل2) |
آبادي (2023ع) | |
• ڪل | 279,038 [1] |
ھي ضلعو پھرين قلات ضلعي جو سوراب تعلقو ھيو جيڪو پھرين آگسٽ 2017ع تي قلات ضلعي کان الڳ ڪري شھيد سڪندر آباد جي نالي سان نئون ضلعو بڻايو ويو.[2] ھن وقت ھن ضلعي ۾ چار تعلقا؛ سوراب تعلقو، دشت گوران تعلقو، گدڙ تعلقو ۽ شھيد مهر آباد زھري تعلقو آھن.
تعلقا
سنواريو# | Tehsil | Area (km²)[3] | Population (2023) | Density (ppl/km²)
(2023) |
Literacy rate
(2023) | |
---|---|---|---|---|---|---|
1 | دشت گوران تعلقو | 215 | 27,503 | 127.92 | Surab | |
2 | گدڙ تعلقو | 205 | 89,631 | 437.22 | ||
3 | شهيد مهر آباد زھري تعلقو | 109 | 66,435 | 609.50 | ||
4 | سوراب تعلقو | 233 | 95,469 | 409.74 |
عدالتي نظام
سنواريو2017 م قلات ضلعي کي ٽوڙي ان مان شھيد سڪندر آباد ضلعو قائم ڪيو ويو پر اڃان ٻنھي روينيو ضلعن جي ضلعي عدالتي ڊويزن ساڳي قلات ضلعي واري آھي. ٻنھي روينيو ضلعن جي وڏي عدالت قلات شھر ۾ واقع ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج جي ڪورٽ آھي. ان کان سواءِ ھتي ھڪ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج، ھڪ جڊيشل مئجسٽريٽ، ھڪ فيملي جج ۽ ھڪ مجلس شورا ۽ ھڪ قاضي جون عدالتون پڻ قلات شھر ۾ ويھن ٿيون. قلات جي تحصيل منگوڇر ۾ ۽ منگوڇر تحصيل جي شھر خالق آباد م ھڪ جوڊيشل مئجسٽريٽ، شھيد سڪندر آباد ضلعي جي سوراب تحصيل م پڻ ھڪ جڊيشل مئجسٽريٽ ۽ ھڪ قاضي جي عدالت ويھي ٿي[4].
حوالا
سنواريو- ↑ - https://www.citypopulation.de/php/pakistan-distr-admin.php?adm2id=82405
- ↑ "DISTRICT WISE CENSUS RESULTS CENSUS 2017" (PDF). www.pbscensus.gov.pk. وقت 2017-08-29 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ "TABLE 1 : AREA, POPULATION BY SEX, SEX RATIO, POPULATION DENSITY, URBAN POPULATION, HOUSEHOLD SIZE AND ANNUAL GROWTH RATE, CENSUS-2023, BALOCHISTAN" (PDF).
- ↑ [1] bhc.gov.pk/district-judiciary/kalat/introduction