اواران ضلعو
آواران ضلعو (انگريزي: Awaran District ) پاڪستان جي صوبي بلوچستان جي ڏاکڻي حصي ۾ قلات ڊويزن جو ھڪ ضلعو جنھن جو صدر مقام آواران شھر آھي. ھن ضلعي جو قيام نومبر 1992ع ۾ ٿيو ھو ۽ ان کان اڳ ھي ضلعو خضدار ضلعي جي سب ڊويزن ھيو. آواران شھر جو پراڻو نالو ڪولوا ھيو. ھي ضلعو بلوچستان جو غريب ترين ضلعو سمجھيو ويندو آھي[3] ھن ضلعي جي ڏکڻ ۽ ڏکڻ اولھ ۾ گوادر ضلعو، اوڀر ۽ ڏکڻ ۾ لسٻيلو ضلعو، اولھ ۾ ڪيچ ۽ پنجگور ضلعو، اتر اوڀر م خضدار ضلعو ۽ اتر ۾ خاران ضلعو واقع آهن. ھن ضلعي جي ڪل پکيڙ 29,510 چورس ڪلوميٽر آهي[4]. ۽ 2017 جي آدمشماري مطابق ھن ضلعي جي آبادي 1,21,680 ھئي.
آواران ضلعو | |
---|---|
بلوچستان جو ضلعو | |
Awaran District | |
قلات ضلعو نقشي ۾ نمايان ڏيکاريل | |
پاڪستان ۽ بلوچستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 26°15′42″N 65°18′27″E / 26.26167°N 65.30750°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | بلوچستان |
ڊويزن | قلات ڊويزن |
قيام | 11 نومبر 1992[1] |
صدر مقام | آواران شھر |
حڪومت | |
• قومي اسيمبلي جو رڪن | ڄام ڪمال خان (تڪ: اين اي 270) |
• تحصيلون | 4 |
• تحصيلن جا نالا | |
پکيڙ | |
• ڪل | 29,510 ڪ.م2 (11,390 ميل2) |
آبادي (2017)[2] | |
• ڪل | 1,21,680 |
انتظامي ورهاست
سنواريو2012 ۾ ھي ضلعو ٻن تحصيلن ۽ ھڪ سب تحصيل ۾ ورھايل ھيو[5] جن م شامل آهن: آواران تحصيل، جھل جائو سب تحصيل ۽ ماشڪئي تحصيل. 2012 ۾ ضلعي ۾ ھيٺيون 8 [6] يونين ڪاؤنسلون واقع ھيون
- آواران تحصيل جون يونين ڪاؤنسلون
- آواران يونين ڪائونسل
- گشڪور يونين ڪائونسل
- تيرتيگي يونين ڪاؤنسل
- جھل جائو سب تحصيل جون يونين ڪاؤنسلون
- ڪيمپ جھائو يونين ڪائونسل
- ڪوراڪ يونين ڪاؤنسل
- ماشڪئي تحصيل جون يونين ڪاؤنسلون
2021 ۾ ھن ضلعي ۾ ٻہ تحصيلون ھيون جن ۾ آواران تحصيل ۽ ماشڪئي تحصيل شامل آھن. ان کان علاوه ٻہ سب تحصيلون پڻ واقع ھيون جن ۾ گشڪور سب تحصيل، جھل جائو سب تحصيل شامل آهن. ضلعي ۾ ھڪ سب ڊويزن آھي جنھن جو نالو آواران سب ڊويزن آھي جنھن م آواران تحصيل ۽ مٿيون ٻہ سب تحصيلون شامل آهن.
آبادي
سنواريوھن ضلعي جي آدمشماري ھيٺ ڏجي ٿي:
ھن ضلعي جي آبادي جو %98 کان مٿي مسلمان آھي[8] ۽ اقليتن م ذڪرين جو ھڪ گروه شامل آھي. ھن ضلعي جا مکيه قبيلا بزنجو، محمد حسني، ساجدي، سياپڙ، ميرواڻي، رکشاني، سليماني ۽ قمبراڻي شامل آهن. 1998 جي آدمشماري مطابق ھتان جي %99.72 ماڻھن جي ٻولي بلوچي آھي.
معيشت
سنواريوآواران ضلعي جي معيشيت زراعت تي مشتمل آهي. ھن کي کجين جو خيابان سڏيندا آهن. ھتان جي کجور جي سالياني پيداوار لڳ ڀڳ 15 ھزار ٽن آھي. ان کان سواءِ ھتي بصر جي پوک پڻ ڪثرت سان ٿئي ٿي جنھن جي سالياني پيداوار جو تخمينو 53 ھزار ٽن آھي. ڪڻڪ ۽ جَوَ مکيه ربيع وارا فصل آھن. خريف ۾ ھتي ميوا ۽ داليون پوکيون وينديون آهن.
تعليم
سنواريوپاڪستان ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن رينڪنگ 2017 مطابق الف اعلان واري رپورٽ م پاڪستان جي 155 ضلعن ۾ آواران ضلعي جو درجو 137 ھون ھيو.
حوالا
سنواريو- ↑ Awaran آرڪائيو ڪيا ويا 31 August 2011 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. UN profile. Retrieved 6 سيپٽمبر 2010.
- ↑ "DISTRICT WISE CENSUS RESULTS CENSUS 2017" (PDF). www.pbscensus.gov.pk. وقت 2017-08-29 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ Awaran District Balochistan Flood Assessment p. 6. July 2007 آرڪائيو ڪيا ويا 11 March 2012 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. PDI, Khuzdar. Retrieved 6 سيپٽمبر 2010.
- ↑ 4.0 4.1 [ https://www.pbs.gov.pk/content/district-glance-awaran] www.pbs.gov.pk/content/district-glance-awaran
- ↑ Awaran District آرڪائيو ڪيا ويا 1 June 2012 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. Government of Balochistan. Retrieved 24 July 2012
- ↑ Tehsils & Unions in the District of Awaran - Government of Pakistan
- ↑ 7.0 7.1 7.2 Awaran District آرڪائيو ڪيا ويا 12 September 2011[Date mismatch] حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. Population Census Organisation, Government of Pakistan. Retrieved 6 سيپٽمبر 2010.
- ↑ Awaran District Balochistan Flood Assessment p. 4. July 2007 آرڪائيو ڪيا ويا 11 March 2012 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. PDI, Khuzdar. Retrieved 6 سيپٽمبر 2010.