ژوب (انگريزي: Zhob ) يا فورٽ سينڊيمان يا اپوزئي پاڪستان جي صوبي بلوچستان جي ضلعي ژوب جو شھر۽ ضلعي صدر مقام جيڪو ژوب ندي جي ڪناري تي واقع آھي [2] ھن شھر جو اصل نالو اپوزئي آھي جيڪو ھن جي پاسي ۾ واقع ھڪ ڳوٺ تان پيو. برٽش ڪالوني واري دؤر ۾ ھن شھر جو نالو فورٽ سينڊيمان رکيو ويو. 30 جولاءِ 1976 ۾ ملڪ جي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو ھن شھر جو نالو تبديل ڪري ژوب رکيو [3]

ژوب
Zhob

فورٽ سينڊيمان
Fort Sandeman
شھر
شھر جو ھڪ منظر
شھر جو ھڪ منظر
ژوب Zhob is located in Balochistan, Pakistan
ژوب Zhob
ژوب
Zhob
ژوب Zhob is located in Pakistan
ژوب Zhob
ژوب
Zhob
جاگرافي بيهڪ: 31°20′30″N 69°26′55″E / 31.34167°N 69.44861°E / 31.34167; 69.44861مڪانيت: 31°20′30″N 69°26′55″E / 31.34167°N 69.44861°E / 31.34167; 69.44861
ملڪ  پاڪستان
صوبو بلوچستان
ضلعو ژوب ضلعو
پکيڙ
 • ڪل 20,297 ڪ.م2 (7,837 ميل2)
بلندي 1,426 ميل (4,678 ft)
آبادي (1998)[1]
 • ڪل 22,987

تاريخ سنواريو

مشھور چيني سياح شيان زينگ(انگريزي: Xuanzang) ھن علائقي جو جڏهن 629 عيسويءَ ۾ سفر ڪيو تہ ھتي پشتون ماڻھن کي آباد ڏٺائين. ھن سياح ھتان ھڪ بھادر سردار شمس الدين جو پڻ ذڪر ڪيو.[4] نادر شاھ دراني (1736-47 AD) ۽ احمد شاھ ابدالي (1747-73 AD) جي دؤر ۾ ژوب دراني ۽ بارڪزئي حڪمراني ۾ رھيو جنھن بعد برطانوي قبضي هيٺ آيو.ارڙھين صديءَ جي وچولي دور ۾ آحمد شاھ جوگيزئي قبيلي جي باني جوگي کي سند ڏئي ژوب جو حاڪم تسليم ڪيو

 
ژوب جو نظارو

1884 واري ژوب وادي جي مھم تائين ھي علائقو انگريزن لاءِ اڻ ڄاتل ھيو. جلد ئي 1889 تائين ژوب ۽ گومل وارو جابلو لنگھ برطانوي قبضي هيٺ اچي ويو[5] ڊسمبر 1889 تي ھن شھر، جنھن جو ان وقت نالو اپوزئي ھيو، تي انگريزن قبضو ڪري سر رابرٽ گرووز سينڊيمان جي نالي تي ھن شھر جو نئون نالو فورٽ سينڊيمان رکيو.1890 ۾ ھن شھر کي ضلعي جو درجو ڏنو ويو. 1901 جي مردم شماري مطابق ھتان جي آدمشماري 3552 ھئي. ھتي مليٽري گيريزن قائم ڪئي وئي جنھن ۾ مقامي گھوڙي سوار ريجمينٽ ۽ مقامي پيادن جي ريجمينٽ شامل ھيون.1894 ۾ ھن شھر کي سلائيزا وادي کان پاڻي جي رسد ڏني وئي جنھن سان پيئڻ جي پاڻي سان گڏوگڏ ھتي ميويدار وڻن جو پوک ۾ اضافو ٿيو.برطانوي راڄ دوران شھر کان ٻاھر اتر طرف واقع ھڪ عمارت ۾ پوليٽيڪل ايجنٽ رھندو ھيو . اھا عمارت قلعو سڏجندي ھئي. ان ئي دور ۾ ھتي ريلوي جو نظام پڻ نصب ٿيو ۽ ھن شھر جي ريلوي اسٽيشن جي ويجھو واري ريلوي اسٽيشن ڀڪر ريلوي اسٽيشن ھئي جيڪا ھن شھر کان 122 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع ھئي. مقامي سطح تي فنڊ جو اضافو ٿيو 1903-1904 واري مالياتي سال ۾ ھن شھر جي آمدني 18000 ۽ خرچ 17000 روپيا ھيو. [6] جن وقت ھن شھر ۾ پاڪستان آرمي جي ڪينٽونمينٽ موجود آهي ۽ ڪيترائي افغاني ۽ پشتون قبيلا آباد آهن جن ۾ يوسفزئي، تارڪزئي ۽ محسود قبيلا شامل آهن.

حوالا سنواريو

  1. http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/[مئل ڳنڍڻو]/tables/POPULATION%20SIZE%20AND%20GROWTH%20OF%20MAJOR%20CITIES.pdf
  2. Tehsils & Unions in the District of Zhob - Government of Pakistan
  3. Zhob Background - Balochistan Police Website آرڪائيو ڪيا ويا 4 March 2010 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  4. Dawn News, .htm The cradle of Pathan culture[مئل ڳنڍڻو]
  5.   One or more of the preceding sentences incorporates text from a publication now in the public domainLua خرابي: expandTemplate: template "cite EB1911" does not exist.
  6. Fort Sandeman - Imperial Gazetteer of India, v. 12, p. 103.