سلجھائپ صفحن جي لاءِ معاونت نظر ھيٺ مضمون the city in southwest Pakistan تي آهي. the nearby town in southeast Iran جي لاءِ Bandar Gavater ڏسو.

گوادار (Gwadar) پاڪستان جي صوبي بلوچستان جي ڏکڻ اولهه ساحل تي هڪ بندرگاهه شهر آهي. شهر عربي سمنڊ جي ساحل تي اومان جي سامهون آهي ۽ هن جي آبادي 90,000 کان وڌيڪ آهي. هي شهر عمان جي سامهون عربي سمنڊ جي ڪناري تي واقع آهي ۽ 2017 جي مردم شماري جي مطابق، 90,000 کان مٿي جي آبادي آهي. اهو 1783ع کان 1958ع تائين اومان جو غير ملڪي قبضو هو. اهو تربت کان اٽڪل 120 ڪلوميٽر (75 ميل) ڏکڻ اولهه طرف آهي. ايران جي سيستان ۽ بلوچستان صوبي ۾ چابهار جو سسٽر بندرگاهه شهر گوادر کان 170 ڪلوميٽر (110 ميل) اولهه ۾ آهي. 2 اپريل 2021 تي، ان کي بلوچستان جي سياري جي راڄڌاني قرار ڏنو ويو.

گوادر
Gwadar
گوادر
From top, left to right:
Gwadar coastline, Blue Lagoon at Gwadar, Gwadar Fishing Basin, Gwadar Sangar Flagpole, Gwadar Port, Gwadar Bay
سانچو:Ifnoerror then show
گوادر Gwadar is located in Balochistan, Pakistan
گوادر Gwadar
گوادر
Gwadar
گوادر Gwadar is located in Pakistan
گوادر Gwadar
گوادر
Gwadar
جاگرافي بيهڪ: 25°07′35″N 62°19′21″E / 25.12639°N 62.32250°E / 25.12639; 62.32250
ملڪ  پاڪستان
صوبو  بلوچستان، پاڪستان
ضلعو گوادر ضلعو
تعلقو گوادر
Government
 • Type ميونسپل ڪارپوريشن
 • Body گوادر ڊيولپمينٽ اٿارٽي
 • ميئر محمد شريف مياداد
 • ڊپٽي ڪمشنر حمود الرحمان (BPS-18 PAS)
 • District Police Officer Zuhaib Mohsin (BPS-18 PSP)

مکيه صنعت هڪ مڇي پروسيسنگ ڪارخانو آهي. گوادر 1797ع ۾ مسقط ۽ عمان جي سلطنت جو حصو بڻجي ويو ۽ 1958ع تائين اهو شهر ۽ ڀرپاسي وارو علائقو عمان کان پاڪستان ۾ تبديل ٿي ويو.

گوادر ڪارگل جنگ کان پوءِ ڌيان ۾ آيو جڏهن پاڪستان کي فوجي بحري بندرگاهه جي ضرورت محسوس ٿي ۽ ڪراچي-گوادر روڊ (ڪوسٽل هاءِ وي) دفاعي مقصدن لاءِ ٺاهيو ويو. ان جي اڪثر تاريخ ۾، گوادر هڪ ننڍي کان وچولي درجي جي آبادي هئي، جنهن جي معيشت گهڻو ڪري هنرمند مڇي مارڻ تي ٻڌل هئي. ان جي جڳهه جي اسٽريٽجڪ قدر کي پهريون ڀيرو 1954 ۾ تسليم ڪيو ويو جڏهن ان کي پاڪستان جي درخواست تي گڏيل قومن جي جيولوجيڪل سروي پاران هڪ گہرے پاڻي واري بندرگاهه لاءِ مناسب ماڳ طور سڃاتو ويو جڏهن ته علائقو اڃا تائين عماني راڄ هيٺ هو. 2001 تائين، علائقي جي هڪ وڏي گہرے پاڻي واري بندرگاهه هجڻ جي صلاحيت مسلسل پاڪستاني حڪومتن جي دور ۾ استعمال نه ڪئي وئي، جڏهن گوادر پورٽ جي پهرين مرحلي تي 2007 ۾ تعمير شروع ڪئي وئي. پهرين مرحلي تي 248 ملين ڊالر خرچ آيو. بندرگاهه شروعاتي طور تي مختلف سببن جي ڪري تعمير کان پوءِ استعمال نه ڪيو ويو، جن ۾ سيڙپڪاري جي کوٽ، سيڪيورٽي خدشن، ۽ پاڪستان جي حڪومت طرفان زمين جي منتقلي ۾ ناڪامي شامل آهن جيئن بندرگاهه آپريٽر، پورٽ آف سنگاپور اٿارٽي کي واعدو ڪيو ويو هو.

اپريل 2015 ۾، پاڪستان ۽ چين 46 بلين ڊالرن جي چين-پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پي اي سي) کي ترقي ڏيڻ جي ارادي جو اعلان ڪيو، جيڪو بدلي ۾ چين جي امڪاني ون بيلٽ ون روڊ جو حصو بڻجي ٿو. گوادر کي CPEC ۾ وڏي اهميت ڏني وئي آهي، ۽ ان کي ون بيلٽ، ون روڊ ۽ ميري ٽائيم سلڪ روڊ منصوبي جي وچ ۾ ڳنڍيل هجڻ جو پڻ تصور ڪيو ويو آهي. CPEC جي حصي طور شهر ۾ 1.153 بلين ڊالر جي انفراسٽرڪچر منصوبن تي سيڙپڪاري ڪئي ويندي، جنهن جو مقصد اتر پاڪستان ۽ اولهه چين کي گہرے پاڻي واري بندرگاهه سان ڳنڍڻ آهي. شهر پڻ هڪ سچل مائع قدرتي گئس جي سهولت جو ماڳ هوندو جيڪو 2.5 بلين ڊالر جي وڏي گوادر-نوابشاهه حصي جي حصي طور تعمير ڪيو ويندو ايران-پاڪستان گئس پائيپ لائين منصوبي جي. ايران تي آمريڪا جي پابندين تي خدشن جي باوجود، پاڪستان 2024 تائين ايراني سرحد کان گوادر تائين هڪ پائيپ لائين وڇائي رهيو آهي. اهو جزوي طور تي معاهدي جي ڏنڊن کان بچڻ لاءِ ۽ جزوي طور تي گوادر ڪول پاور پلانٽ تي وڌيڪ انحصار کان بچڻ لاءِ آهي جنهن لاءِ درآمد ٿيل ڪوئلي جي ضرورت آهي. گوادر شهر ۾ CPEC جي تحت سڌي طرح سيڙپڪاري کان علاوه، چائنا اوورسيز پورٽ هولڊنگ ڪمپني جون 2016 ۾ 2 بلين ڊالرن جي گوادر اسپيشل اڪنامڪ زون جي تعمير شروع ڪئي، جنهن کي چين جي اسپيشل اڪنامڪ زونز جي طرز تي ٺاهيو پيو وڃي. سيپٽمبر 2016 ۾، گوادر ڊولپمينٽ اٿارٽي پراڻي ٽائون گوادر جي قبضي ۽ آبادڪاري جي تياري لاءِ ٽينڊرز جي درخواست شايع ڪئي. سيپٽمبر 2016 ۾، گوادر ڊولپمينٽ اٿارٽي پراڻي ٽائون گوادر جي قبضي ۽ آبادڪاري جي تياري لاءِ ٽينڊرز جي درخواست شايع ڪئي.

گوادر جي لفظي معنا آھي گوا يعني ھوا + در يعني دروازو. گوادر معني ھوا جو در يا ھوا جو شھر.

تاريخي طور گوادر گچڪيء ۽ بليدي قبيلن جو پَرڳڻو رھيو آھي. گوادر تي ڪڏھن بليدين تہ ڪڏھن گچڪين جي صاحبي رھي آھي.

سن 1749ع ۾ جڏھن نوري نصير خان قلات جو مُهندار ٿيو ته ھن گوادر تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئى. ان وقت گوادر تي گچڪين جي صاحبي هلندي ھئی. گچڪين خان آف قلات جي خلاف ڇتي ويڙهاند ۽ مزاحمت ڪئی. نوري نصير خان جڏھن ڏٺو تہ اھو گچڪي قبيلي جي سهڪار کان سواءِ گوادر تي پنھنجو قبضو برقرار رکي نٿو سگھي تہ ھن قبيلي جي مکيه سردار سان معاھدو ڪيو. ان معاھدي تحت گوادر جو انتظامي ڪنٽرول گچڪي قبيلي جي حوالي ڪيو ويو ۽ گوادر مان ٿيندڙ آمدنيء تي بہ اُتان جي ماڻهن جو حق تسليم ڪيو ويو رڳو گوادر مان ٿيندڙ آمدنيء جو 50 سيڪڙو خان آف قلات کي ٽيڪس طور ڏيڻو ڪيو ويو. اھڙي ريت گوادار قلات رياست سان لاڳاپجي ويو.

اقتصادي طور تي گوادر ڪڏهن اھم هنڌ نہ رھيو آھي بس رڳو مهاڻن جو ڳوٺڙو هئو، جيڪي مهاڻا گوادر جي سامونڊي ڪناري تي مڇيء جو شڪار ڪري پنهنجو گذران ڪندا ھيا. گوادر جي بطور بندر گاھ اهميت ان وقت سامهون آئي، جڏهن پورچوگيزن گوادر بندر تي هلان ۽ ڪاھ ڪئي. 15 صدي عيسوي م پورچوگيز ٻيڙا ڪاهي بحر هند ۾ آيا هيا. انهن بحري ٻيڙن جو سرواڻي واسڪو ڊي گاما ڪري رهيو هو. واسڪو ڊي گاما هندستان جي سامونڊي پٽيء تي موجود جتي ٻين بندرن تي ڪاهون ڪيون، اتي گوادر بندر تي به ڪاھ ڪئي هئي.

گوادر جا قبيلا ڏاڍي بي جگريء سان پورچوگيزن سان وڙهيا هيا. ان جنگ ۾ پورچوگيزن کي هارَ آئي. پنهن جي شڪست جو بدلو وٺڻ لاء پورچوگيزن ويندي ويندي گوادر شهر ۾ لٽ مار ڪئي ۽ گوادر بندر کي باھ ڏئي ڇڏي.

پورچوگيزن گوادر ۾ ته هارَ کاڌي پر بحر هند مان نه ويا. هنن هندستان جي سامونڊي پٽيء تي قبضو ڪري، هندستان ۾ حڪومت قائم ڪئي. واسڪو ڊي گاما پورچوگيزن جو پهريون نمائندو هو، جنهن کي هندستان جو وائسراء مقرر ڪيو ويو۔

هندستان کان پوءِ پورچوگيزن وچ اوڀر جي عرب ملڪن ۽ آفريڪا جو رخ ڪيو. اومان کان وٺي اوڀر آفريڪا تائين پوري ساحلي پٽيء تي قبضو ڪري پورچوگيزن پنهن جون بيٺڪون قائم ڪيون. هنن اومان جو ايترو گهيرو تنگ ڪيو جو مجبورن اومان جي سلطانن کي پنهن جي بحري فوج ٺاهڻي پئي. اڳتي هلي اومان جي بحري فوج ايتري مظبوط ٿي وئي جو هنن اومان کان وٺي اوڀر آفريڪا تائين پوري ساحلي پٽيء مان پورچوگيزن کي ڊوڙائي ڪڍيو. پورچوگيزن کي ڊوڙائي ڪڍڻ کانپوءِ اومان وچ اوڀر جي وڏي فوجي طاقت ٿي اُڀرو. نه رڳو فوجي طاقت ٿي ويو پر اوڀر آفريڪا جا اهي علائقا جيڪي پورچوگيزن جي صاحبي هيٺ اچي ويا هيا. پورچوگيزن جي وڃڻ کان پوءِ اهي علائقا اومان جي حاڪميت هيٺ اچي ويا ۽ اومان هڪ عام سلطنت مان وڏي شهنشاهيت ۾ تبديل ٿي ويو.

آفريڪا ۾ صوماليا، موزمبيق، تنزانيا ۽ ڪينيا سلطنت اومان جون اهم بيٺڪيتون هيون. انهن بيٺڪيتن مان سون، عاج ۽ آفريڪي غلام حاصل ڪيا ويندا هيا. آفريڪي غلامن جو واپار اومان جي معيشيت جو اهم ٿنڀ هئي. انڪري سن 1775ع ڌاري اومان جي سلطان احمد بن سعد، قلات جي خان نوري نصير خان کان گوادر جو بندر ٺيڪي تي گهريو هو.

جڏهن اومان جي سلطان گوادر جو بندر ٺيڪي تي گهريو، ان وقت اومان فوجي لحاظ کان وچ اوڀر جي مکيه سگھ هيو. ظاهر آ ته قلات جي ننڍڙي رياست جي حا ڪم نصير خان جي اها مجال نه هئي جو هو وچ اوڀر جي هڪ سگھاري طاقت کي انڪار ڪري سگهي. انڪري گوادر جو بندر ٺيڪي تي اومان جي حوالي ڪيو ويو.

سن 1775 ۾ گوادر جو بندر اومان جي حوالي ٿيڻ کان پوء هي بندر آفريڪي غلامن جي تجارت جو سڀ کان وڏو مرڪز بڻجي ويو هو. اومان جي سلطانن بلوچن کي به اوماني فوج ۾ ڀرتي ڪرڻ شروع ڪيو. اڳتي هلي بلوچ اوماني فوج ۾ هڪ مکيه قوت بڻجي ويا.

ان لحاظ کان جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته آفريڪي غلامن جي ڪاروبار ۾ بلوچ به حصيدار هيا. پر گوادر بندر تان رڳو آفريڪي غلامن جو ڪاروبار نه ٿيندو هو، پر غلامن سان گڏ اوني ڪپڙي، عاج جي سامان ۽ مصالحن جو ڪاروبار به ٿيندو هو.

واسڪو ڊي گاما سامونڊي ڌاڙيل هو، پورچوگيز سپاهين جا ٻيڙا ڀري ننڍي کنڊ ۾ ڦرلٽ ڪرڻ ۽ بندر گاهن تي قبضا ڪرڻ آيو هو. پر واسڪو ڊي گاما جي اچڻ يورپ ۽ ايشيا جي وچ ۾ واپار جا سامونڊي رستا کولي ڇڏيا. اومان جي سلطانن جڏهن گوادر جو بندر ٺيڪي تي ورتو ته گوادر بندر وچ اوڀر کان يورپ ۽ سينٽرل ايشيا تائين واپار جو مرڪز ٿي ويو. [2] [3] [4] [5] [[1]]

گوادار (Gwadar) کي ڪلاچ وادي ۽ دشت وادي به چيو ۽ سڏيو ويندو آهي. گوادر مڪران جي تاريخ ۾ ڏاڍو اهم رهيو آهي. اهو علائقو صدين تائين ايران (Iran) جو حصو پڻ رهيو آهي. خان آف قلات، مير نصير خان 1783ع ۾ گوادر کي عماني (مسقطي) شهزاديَ شيخ سعيد کي تحفي ۾ ڏئي ڇڏيو هو. 1955ع ۾ مڪران کي ضلعي جو درجو ڏنو ويو هو. 1858ع ۾، پاڪستان جي وفاقي حڪومت 10 ملين ڊالرن ۾ عمان حڪومت کان گوادار خريد ڪيو هئو. 1971ع ۾، جڏهن وٽ يونٽ (One Unit) کي ٽوڙيو ويو ته قلات، گوادر ۽ لسٻيلو جيڪو پهريائين سنڌ جي ڪراچي ڊويزن جو حصو هو، ان کي ڪراچي ڊويزن کان الڳ ڪري بلوچستان صوبو ٺاهيو ويو هو. ان کان پهرين گوادر وفاقي حڪومت جي ملڪيت هو ۽ لسٻيلو سنڌ جو حصو هئو. [6]

جاگرافي

سنواريو

آباديات

سنواريو

انتظاميه

سنواريو

اسٽريٽجڪ اهميت

سنواريو

ٻڀينر شهر

سنواريو

پڻ ڏسو

سنواريو

Gwadar (Script error: The function "langx" does not exist., ur) is a port city on the southwestern coast of the Pakistani province of Balochistan. The city is located on the shores of the Arabian Sea, opposite Oman and has a population of over 90,000, according to the 2017 census. It was an overseas possession of Oman from 1783 to 1958.[7] It is about 120 km (75 mi) southwest of Turbat. The sister port city of Chabahar in Iran's Sistan and Baluchestan province is about 170 km (110 mi) to the west of Gwadar. On 2 April 2021, it was declared the winter capital of Balochistan.[8]

The main industrial concern is a fish-processing factory. Gwadar became part of the sultanate of Muscat and Oman in 1797, and it was not until 1958 that the town and adjoining hinterland were exchanged from Oman to Pakistan.

Gwadar came in the focus of attention after the Kargil War when Pakistan felt the need of having a military naval port and the Karachi-Gwadar Road (Coastal Highway) was built for defence purposes.[9] For most of its history, Gwadar was a small to medium-sized settlement with an economy largely based on artisanal fishing. The strategic value of its location was first recognized in 1954 when it was identified as a suitable site for a deep-water port by the United States Geological Survey at the request of Pakistan while the territory was still under Omani rule.[10] Until 2001, the area's potential to be a major deep-water port remained untapped under successive Pakistani governments, when construction on the first phase of Gwadar Port was initiated in 2007.[11] The first phase cost $248 million.[12] The port initially remained underutilized after construction for a variety of reasons, including lack of investment, security concerns, and the Government of Pakistan's failure to transfer land as promised to the port operator, Port of Singapore Authority.[13]

In April 2015, Pakistan and China announced their intention to develop the $46 billion China–Pakistan Economic Corridor (CPEC),[14] which in turn forms part of China's ambitious One Belt, One Road.[15] Gwadar features heavily in CPEC, and is also envisaged to be the link between the One Belt, One Road and Maritime Silk Road project.[16] $1.153 billion worth of infrastructure projects will be invested into the city as part of CPEC,[17] with the aim of linking northern Pakistan and western China to the deep-water seaport.[18] The city will also be the site of a floating liquefied natural gas facility that will be built as part of the larger $2.5 billion Gwadar–Nawabshah segment of the Iran–Pakistan gas pipeline project.[19] Despite concerns over the United States sanctions on Iran, Pakistan is going ahead constructing a pipeline from the Iranian border to Gwadar as of 2024. This is partly to avoid contractual penalties and partly to avoid over-reliance on the Gwadar Coal–Power Plant which requires imported coal.[20] In addition to investments directly under the aegis of CPEC in the Gwadar city, the China Overseas Port Holding Company in June 2016 began construction on the $2 billion Gwadar Special Economic Zone,[21] which is being modelled on the lines of the special economic zones of China.[22] In September 2016, the Gwadar Development Authority published a request for tenders for the preparation of expropriation and resettlement of Old Town Gwadar.[23]

ٻاهريان ڳنڍڻا

سنواريو
  1. "POPULATION AND HOUSEHOLD DETAIL FROM BLOCK TO DISTRICT LEVEL" (PDF). GWADAR_BLOCKWISE.pdf. Pakistan Bureau of Statistics. حاصل ڪيل 4 May 2020. 
  2. گوادر ۽ سيپيڪ، مرتب؛ لقمان نواز
  3. Political economy of Balochistan - Page 87، Siddiq Baluch
  4. Oriental influences in Swahili: a study in language and culture contacts، Abdulaziz Lodhi
  5. Slaving Zones: Cultural Identities, Ideologies, and Institutions، page 220
  6. گوادار | Indus Asia Online Blog, وقت 2021-01-26 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-05-14 
  7. Serim. "Gwadar: the Sultan's Possession". qdl.qa. حاصل ڪيل 26 December 2019. 
  8. "Gwadar becomes capital of South Balochistan". Pakistan Today. حاصل ڪيل 12 September 2021. 
  9. Shahzada Irfan Ahmed (3 Sep 2017). "CPEC is not a game-changer, it's game over" (Interview: Kaiser Bengali). The News on Sunday (The News International). https://www.thenews.com.pk/tns/detail/563925-cpec-game-changer-game. 
  10. "Gwadar port: 'history-making milestones'". Dawn. حاصل ڪيل 2022-11-14. 
  11. Mathias, Hartpence (15 July 2011). The Economic Dimension of Sino-Pakistan Relations: An Overview.. pp. 581–589. 
  12. Walsh, Declan (31 January 2013). "Chinese Company Will Run Strategic Pakistani Port". The New York Times. https://www.nytimes.com/2013/02/01/world/asia/chinese-firm-will-run-strategic-pakistani-port-at-gwadar.html. "China paid for 75 percent of the $248 million construction costs," 
  13. "China set to run Gwadar port as Singapore quits". Asia Times. 5 September 2012. http://www.atimes.com/atimes/China_Business/NI05Cb01.html. 
  14. Aneja, Atul (18 April 2015). "Xi comes calling to Pakistan, bearing gifts worth $46 billion". The Hindu. http://www.thehindu.com/news/international/xi-jinping-visit-to-pakistan-preview/article7114980.ece. 
  15. Hussain, Tom (19 April 2015). "China's Xi in Pakistan to cement huge infrastructure projects, submarine sales". McClatchy News (Islamabad: mcclatchydc). 
  16. Saran, Shyam (10 September 2015). "What China's One Belt and One Road Strategy Means for India, Asia and the World". The Wire (India). http://thewire.in/2015/10/09/what-chinas-one-belt-and-one-road-strategy-means-for-india-asia-and-the-world-12532/. 
  17. See list of projects: List of projects $230million for Gwadar Airport, $114m desalination plant, $35m for special economic zone infrastructure, $360m for coal plant, $140m for Eastbay Expressway, $100m for hospital, $130m for breakwaters, $27m for dredging. Sum of figures = $1.153 billion
  18. "Industrial potential: Deep sea port in Gwadar would turn things around". The Express Tribune. 17 March 2016. http://tribune.com.pk/story/1067204/industrial-potential-deep-sea-port-in-gwadar-would-turn-things-around/. 
  19. "China to build $2.5 billion worth LNG terminal, gas pipeline in Pakistan". Deccan Chronicle. 10 January 2016. https://www.deccanchronicle.com/151001/world-neighbours/article/china-build-25-billion-worth-lng-terminal-gas-pipeline-pakistan. 
  20. The Diplomat:2023/06:Pakistan and Iran seal energy deal to power Gwadar
  21. "Construction of industrial free zone in Gwadar begins". The Express Tribune. 2016-06-20. https://tribune.com.pk/story/1126021/gwadar-development-industrial-free-zone-construction-begins/. ""Gwadar Port Authority (GPA), Chairman Dostain Khan Jamaldini said that the construction of Gwadar Free Zone is underway at a cost of US$2 billion."" 
  22. Li, Yan. "Groundwork laid for China-Pakistan FTZ". ECNS. حاصل ڪيل 6 December 2015. 
  23. "Short term consultancy required for study and preparation of PC1 document for expropriation and resettlement of Old Town Gwadar". Gwadar Development Authority. http://www.gda.gov.pk/pages/consultancy-of-old-town. [مئل ڳنڍڻو]