صحبت پور ضلعو پاڪستان جي صوبي بلوچستان جو هڪ ضلعو آهي۔ اهو مئي، 2013ع ۾ جعفرآباد ضلعي جي ڪجهه حصن مان ٺاهيو ويو۔ [1] ضلعي جي آبادي 200,000 کان مٿي آهي۔

ضلعو صحبت پور
ضلع صحبت پور
ضلعو
Location of ضلعو صحبت پور
ملک  پاڪستان
صوبو  بلوچستان، پاڪستان
دویزن نصیر آباد
قایم تیو مئی، 2013ع
صدر مقام صحبت پور
حڪومت
 • قسم ضلعي انتظاميا
 • ڊپٽي ڪميشنر N/A
 • ضلعي پوليس آفيسر (ڊي ايس پي) N/A
پکيڙ
 • Total 802 ڪ.م2 (310 ميل2)
آبادي (2017ع)
 • Total 200,538

انتظامیہ

سنواريو
 
ضلعي صحبت پور جو افتتاح مئي، 2013ع ۾ نگران وزيراعظم مير هزار خان کوسو ڪيو۔

صحبت پور ضلعو هيٺين تعلقن تي مشتمل آهي:

• مانجھي پور

• حیردین

• فريد آباد

•صحبت پور

هن ضلعي جون سرحدون بلوچستان جي نصيرآباد، جعفرآباد ۽ ڊيرا بگٽي ضلعن ۽ سنڌ جي جيڪب آباد ۽ ڪشمور ضلعن سان ملن ٿيون۔ ضلعي ۾ اٺ پوليس اسٽيشنون آهن۔

سال 2017ع جي مردم شماري جي وقت ضلعي ۾ 30,114 گھر ۽ 200,426 جي آبادي هئي. صحبت پور ۾ جنس جو تناسب 946 عورتون في 1,000 مردن جی آھی ۽ خواندگي جي شرح 33.15 سيڪڙو (47.65 سيڪڙو مردن ۽ 18.07 سيڪڙو عورتن لاءِ)۔ 12,867 (6.42 سيڪڙو) باشندا شهري علائقن ۾ رهندا هئا۔ 78,795 (39.31 سيڪڙو) 10 سالن کان گهٽ عمر وارا هئا۔ اسلام 99.26 سيڪڙو سان غالب مذهب هو، جڏهن ته هندو آبادي جو 0.68 سيڪڙو هئی۔