خضدار ضلعو
خضدار ضلعو (اردو: ضلع خضدار؛ بلوچي: هزدارءِ دمگ) پاڪستان جي صوبي بلوچستان جي ڏاکڻي حصي ۾ قلات ڊويزن جو ھڪ ضلعو آھي. ضلعي جو صدر مقام خضدار شھر آھي.
خضدار ضلعو
ضلع خضدار هزدارءِ دمگ | ||||
---|---|---|---|---|
Khuzdar District | ||||
مٿيان: لاهوت لامڪان جي غارون هيٺيان: مولا چٽڪ چشمو | ||||
![]() خضدار ضلعو نقشي ۾ نمايان ڏيکاريل | ||||
جاگرافي بيهڪ: 27°46′49″N 66°48′22″E / 27.78028°N 66.80611°E | ||||
ملڪ | ![]() | |||
صوبو | بلوچستان | |||
ڊويزن | قلات ڊويزن | |||
صدر مقام | خضدار شھر | |||
Government | ||||
• Type | ضلعي انتظاميه | |||
• ڊپٽي ڪمشنر | N/A | |||
• ضلعي پوليس آفيسر | محمد ظفر علي | |||
• ضلعي ھيلٿ آفيسر | N/A | |||
Area | ||||
• ضلعو |
35,380 ڪ.م2 (13,660 ميل2) |
ھي ضلعو 1732 ميٽر جي اوچائي تي آهي. خضدار ضلعي جي اتر ۾ شھيد سڪندر آباد ضلعو، اولھه ۾ خاران ضلعو ۽ آواران ضلعو، اوڀر ۾ جھل مگسي ضلعو ۽ صوبي سنڌ جو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو ۽ دادو ضلعو ۽ ڏکڻ ۾ لسٻيلو ضلعو واقع آهن. ھن شھر ۾ ڪوئيٽا کان پوءِ بلوچستان جي ٻين وڏي فوجي ڇانوڻي آھي. ھتي خضدار شھر ٻاھران ھڪ يونيورسٽي پڻ واقع آهي جنھن جو نالو بلوچستان يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي خضدار آهي.[4] ان جي ڀرسان ايئرپورٽ پڻ واقع آهي.
تاريخ
سنواريوعربن جي دؤر ۾ خضدار توران جي رياست ۾ ھو ۽ خضدار ان جو گاديءَ جو هنڌ رھيو. بعد م خضدار قلات رياست جو حصو ٿي ويو. 1869 ۾ خان آف قلات ۽ جھالاوان وارن جي وچ م جنگ لڳي جيڪا خان آف قلات کٽي جنھن بعد مير خداداد خان خضدار م ھڪ قلعو تعمير ڪرايو. شھر کان ٻاھر ٿوري فاصلي تي عربن جي دؤر ۾ تعمير ٿيل قلعي جا آثار پڻ موجود آهن. خضدار پھرين قلات جي سب ڊويزن ھيو. ذولفقار علي ڀٽو جي حڪومت ۾ پھرين مارچ 1974ع تي ان کي ضلعي جو درجو ڏنو ويو.
انتظامي ورهاست
سنواريوخضدار ضلعي جا تعلقا هيٺ ڏنل آهن:
- خضدار تعلقو
- زھري تعلقو
- وڍ تعلقو
- آرينجي تعلقو
- ڪرخ تعلقو
- مولا تعلقو
- نال تعلقو
- اورناخ تعلقو
- سارونا تعلقو
- باغبانه تعلقو
- گريشڪ تعلقو
ھن ضلعي م ھيٺيون 34 يونين ڪاؤنسلون آهن:
# | يونين ڪاؤنسل | # | يونين ڪائونسل | # | يونين ڪاؤنسل |
---|---|---|---|---|---|
1 | سون چاڪو | 2 | باغبانا | 3 | بالينا کٽان |
4 | فيض آباد | 5 | فيروزآباد | 6 | گازگي |
7 | کنڊ | 8 | پارڪو | 9 | ساسول |
10 | توتاڪ | 11 | ذِيدِي | 12 | زيرينا کٽان |
13 | مُولا | 14 | آباد ڪرک | 15 | کارزان نال |
16 | درنائلي | 17 | گوني گريشا | 18 | ھزار گنجي |
19 | ڪِلي عالم خان | 20 | ڪوچو | 21 | نال |
22 | اورناچ | 23 | سر رائيج | 24 | ارينجي |
25 | بدري | 26 | لوپ | 27 | پيسي ڪپر |
28 | سرونا | 29 | شاھ نوراني | 30 | وڍ |
31 | وھير | 32 | نورگاما زھري | 33 | چشما |
34 | گھاٽ | - | - | - | - |
آبادي
سنواريوھتان جي 99 سيڪڙو آبادي مسلمانن جي آهي. ھتان جي ڪل آبادي 2017 جي آدمشماري مطابق 8,02,207 آھي. جڏهن ته 1998 جي آدمشماري مطابق آبادي 417000 ھئي. ضلعي جي آبادي ۾ وڏا قبيلا بزنجو، ماردوئي جتڪ، حسني، سياپد، نوشيرواني، موسياڻي، زھري، مينگل، زرڪزئي، احمدزئي، ريڪيزئي، ساسولي ۽ ڪرد آھن. 1981 جي آدمشماري مطابق ضلعي جي آبادي جو 82 سيڪڙو بروھي ٻولي ڳالھائيندڙ ماڻھن جو ۽ 13 سيڪڙو بلوچي ٻولي ڳالهائيندڙن جو ھو پر 1998ع جي آدمشماري م ھتان جي آبادي جي 96.7 سيڪڙو ماڻھن پاڻ کي بلوچي ٻولي ڳالهائيندڙن ۾ ظاھر ڪيو.
تعليم
سنواريوپاڪستان ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن رينڪنگ 2017 جي مطابق تعليم ۾ 141 ضلعن م خضدار ضلعو 122 نمبر تي ھيو. 2014 ۽ 2015 واري تعليمي سال م ھن ضلعي جي ڏھن ۽ ان کان مٿي واري عمر وارن م لکيل پڙهيل ماڻھن جي شرح 45 سيڪڙو ھئي ۽ انھن م وري عورتن جي شرح 26 سيڪڙو ھئي[5] ضلعي جي اسڪولن م 87 سيڪڙو اسڪول پرائمري تعليم وارا ھئا. .
حوالا
سنواريو- ↑ 1998 Census report1.
- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>
tag; no text was provided for refs named2023census
- ↑ "Literacy rate, enrolments, and out-of-school population by sex and rural/urban, CENSUS-2023, BALOCHISTAN" (PDF).
- ↑ Balochistan University of Engineering & Technology Khuzdar
- ↑ Pakistan Bureau of Statistics (2016). Pakistan Social and Living Standards Measurement Survey 2014-15. [online] Islamabad: Government of Pakistan, p.111. Available at: http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files//pslm/publications/PSLM_2014-15_National-Provincial-District_report.pdf [Accessed 6 Aug. 2018].