لسٻيلو ضلعو
لسٻيلو ضلعو
| |
Lasbela District | |
ملڪ: | پاڪستان |
صوبو: | بلوچستان |
ضلعي گاديء جو ھنڌ: | اٿل |
ايراضي: | 12,574 چورس ڪلوميٽر |
تعلقا: | 9 |
آبادي: | 312917 |
ٻولي: | بلوچي، سنڌي |
لسٻيلو ضلعو پاڪستان جي صوبي بلوچستان جو ھڪ ضلعو آھي۔
تفصيل
سنواريوتاريخ
سنواريواندازو ۽ خيال اهو ئي آهي ته راجا ڏاهر (Raja Ddhahir) جي آخري دور ۾ هڪ سنڌي قبيلو ڪانٺيو (ۡKaanthhiyo) ڪن سببن يا ڪارڻن جي ڪري لسٻيلي سنڌ مان لڏي ڪڇ ڏي هليو ويو. هن قبيلي اوڀر ڪڇ ۾ سن 725ع کان پوءِ 740ع ڌاري پنهنجي حڪومت قائم ڪئي ۽ ڪنٺ ڪوٺ کي تختگاهه ٺاهيو. هي قبيلو پوءِ هتان لڏي ۽ پوءِ وڃي ڪاٺياواڙ کي وسايو. ياد رهي ته ڪاٺيا قبيلو اڄ به سنڌ ۾ آباد آهي.
لس ٻيلو ( Lasbbelo /Lasbela) صدين کان سنڌ جو حصو رهيو آهي. سنڌ جي سمن جي راڄ ۾ اچڻ کان پوءِ لس جي قبيلن سُک جو ساهه کنيو ۽ سياسي طور کين اُسرڻ جو وجهه ملي ويو. 1024–1351ع سومرن ۽ پوءِ سمن جي دور ۾ لس ٻيلو سنڌ جو مُک ڀاڱو هيو. سنڌ جا سما گهڻي انگ ۾ وڃي لس ٻيلي ۾ رهيا. ان زماني ۾ لس ٻيلي ۾ رونجها قبيلي جي حڪمراني هئي. رونجهن جو لاڳاپو سنڌ جي سماٽ قبيلن سان آهي. ڪاڪي ڀيرو مل جي تحقيق پٽاندڙ رونجها (Ronjha) ڄام انڙ (Jam Unarr) جي ڪٽنب منجهان هئا. انهن مان هڪ حاڪم سٻڙ ياسخي ڄام سپڙ جي نالي سان ٿي گذريو آهي. رونجهن 13 هين صدي جي وچ ڌاري پنهنجو راڄ قائم ڪيو ۽ اهو راڄ يا حڪومت سترهين صديءَ جي اخر ۾ پڄاڻيءَ تي پهتي. رونجهن کان پوءِ گونگها حڪومت ۾ آيا. ان کان پوءِ سمن جي برفت قبيلي هتي حڪومت ڪئي.
ان کان پوءِ سمن جي برفت قبيلي هتي راڄ ڪيو. مَلڪ پاهڙ خان برفت (Malak Paahurr Khan Burfut) سان تڪرار ۽ ڏڦيڙ ٿيڻ تي ميان يار محمد ڪلهوڙي ۽ پاهڙ خان ۾ 1117ھ / 1705ع ۾ ويڙهه ٿي، جنهن ۾ پاهڙ خان برفت هارايو ۽ وري ڪلهوڙن حاڪمن سان کنئونس نه ڪيائين.
ان کانپوءِ وري ڪوريجا (Koreja) قبيلي سن 1742ع ڌاري پنهنجو راڄ (حڪومت) قائم ڪئي. ڪوريجا حاڪمن ڄام جو لقب اختيار ڪيو. هن خاندان جو آخري والي 1956ع تائين پنهنجو حڪم هلائيندو رهيو. ون يونٽ ٺهڻ وقت لس ٻيلو ڪراچي سان سلهاڙيل هو.
پاڪستان جي مرڪزي حڪومت 1964ع ۾ سنڌ جا گهڻائي علائقا سنڌ مان ڪڍي جهڙوڪ جهٽ پٽ، نصيرآباد، تعلقو اوستو، جعفرآباد، جهل مگسي، ڊيرا الهيار، مراد جمالي وغيره بلوچستان ۾ شامل ڪري ڇڏيا. لسٻيلو پڻ ون يونٽ قائم ٿيڻ کان پهرين سنڌ جي شهر ڪراچي جو حصو هئو. پوءِ جڏهن ون يونٽ ختم ڪيو ويو تڏهن لسٻيلي کي واپس سنڌ جي شهر ڪراچيءَ ۾ شامل ڪرڻ جي بدران بلوچستان ۾ شامل ڪري ڇڏيو ويو هئو. [1]
لسي ٻيلي ۾ سنڌي ٻولي
سنواريولس ٻيلي ۾ سنڌي ٻولي لاسي (Laasi) لهجي ۾ موجود آهي. لس ٻيلي ڏاڍا سٺا سنڌي شاعر پيدا ڪيا آهن. لس ٻيلي جي شيخ ابراهيم ۽ ڪبير شاهه جي سنڌي مشهور آهي. سنڌي ٻوليءَ مشهور ڳائڻو استاد جمن پڻ لس ٻيلي جو هيو. لس ٻيلي جي سنڌي شاعري ٻيلاين جا ٻول (Bbylaayun jaa Bbol) پڻ ڊاڪٽر نبي بخش ڇپرائي هئي.
سردار چاڪر ڊومڪي
سنواريو1987ع ۾ بلوچستان اسيمبليءَ ۾ سردار چاڪر ڊومڪيءَ (Sardar Chaakur Domki) هڪ رٿ تي ويچارن جي ڏي وٺ ڪندي ٻڌايو هئو ته بلوچستان ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ ڪل آباديءَ جو چوٿون حصو آهن. هن بلوچستان سرڪار تي زور ڀريو هئو ته ڪوئٽا ريڊيو ۽ ٽي وي تان سنڌي پروگرام هلايا وڃن. ان وقت جي وڏي وزير ڄام غلام قادر، ان رٿ جي حمايت ڪئي هئي ۽ چيو هئو ته اهو ان معامري تي وفاقي سرڪار سان ڳالهائيندو. [2] [3] [4]
حوالا
سنواريو- ↑ بلوچستان - وڪيپيڊيا
- ↑ Sindh Express News Story, وقت 2021-09-19 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-11-26
- ↑ روزآني سنڌ ايڪسپريس، نومبر 25، 2016
- ↑ ڪتاب؛ سمن جي سلطنت، ليکڪ؛ محمد سومار
[[1]]