قلعہ سيف الله(انگريزي: Qilla Saifullah) پاڪستان جي صوبي بلوچستان جو ھڪ شھر ۽ ساڳي نالي سان ھڪ شھر جو صدر مقام آهي. ھي شھر ننڍڙن مٽيءَ جي ڪچن گھرن تي مشتمل آهي. شھر جي بيھڪ 2768 فٽن جي الٽيٽيوڊ تي آهي. ھتان جي موسم سياري ۾ سخت ٿڌي ۽ اونھاري ۾ سخت گرم ھوندي آھي. ھتي جي زمين ۾ ڏاڍي زرخيزي آهي ۽ ميوا جام ٿين ٿا جن ۾ صوف ۽ زردالو عام آھن. ڀاڄين ۾ ٽماٽو، مرچ ۽ گجر ڪثرت سان ٿينديون آهن. ھي شھر چوپائي مال جي پيدوار جو پڻ مرڪز آهي.

تاريخ سنواريو

ڪاڪڙ سنزرخيل قبيلي جي ھڪ پاڙي ميردادزئي (خدادادزئي) جي ھڪ سردار سيف الله ھتي ھڪ قلعو تعمير ڪرايو ھو جنھن ڪري ھن شھر جو اھو نالو پئجي ويو. چوڻ ۾ اچي ٿو تہ سيف الله ھڪ مشھور مذھبي عالم زرھ نڪا (فيض الله آخونزادہ) جو پڙ پوٽو ھيو. برٽش انڊيا ژوب ڊويزن کي فتح ڪرڻ لاءِ بارت خيل لشڪر موڪليو ھيو. جنگ دؤران 7 جولائي 1884 ۾ شاھجھان جوگيزئي جي استعمال ۾ سيف الله وارو قلعو ڊھي پيو. جنگ ۾ ڪافي جاني نقصان ٿيو. سڀ سردار برٽش فوج آڏو پيش ٿيا۽ سمجھوتو ڪيائون باقي شاھجھان جوگيزئي افغانستان ڀڄي ويو جتان پنھنجون باغيانہ سرگرميون جاري رکيون [1]

حوالا سنواريو

مڪانيت: 30°42′N 68°22′E / 30.700°N 68.367°E / 30.700; 68.367