ديھ گاجي کھاوڙ(انگريزي: Deh Gaji Khuhawar) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي وارھ تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا گاجي کھاوڙ تپي ۾ واقع آهي.

گاجي کھاوڙ (وارھ)
ديھ گاجي کھاوڙ
ديھ
Deh Gaji Khuhawar
گاجي کھاوڙ (وارھ) is located in سنڌ
گاجي کھاوڙ (وارھ)
گاجي کھاوڙ (وارھ)
گاجي کھاوڙ (وارھ) is located in Pakistan
گاجي کھاوڙ (وارھ)
گاجي کھاوڙ (وارھ)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°21′45″N 67°48′31″E / 27.36250°N 67.80861°E / 27.36250; 67.80861مڪانيت: 27°21′45″N 67°48′31″E / 27.36250°N 67.80861°E / 27.36250; 67.80861
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو وارھ تعلقو
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 20,587

تاريخ سنواريو

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود برٽش انڊيا واري تائين واري دؤر جي ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ رڳو ٽي ڳوٺ گاجي کھاوڙ، سلطان جتوئي ۽ دوست محمد جتوئي واقع ھيا. ھاڻي گاجي کھاوڙ شھر ۾ تبديل ٿي چُڪو آهي ۽ جتوئين جا مٿيان ٻئي ڳوٺ جوناڻي واري روڊ جي ٻنھي پاسن کان ڪجهه فاصلي تي قائم آھن. ھڪ نئون ڳوٺ ڇٽل ڀنڀل پڻ قائم ٿي چڪو آهي.

جاگرافي سنواريو

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ بشارت کھاوڙ ۽ ديھ ڳڙھي ماڪورو، ديھ ، اوڀر ۾ نصيرآباد تعلقي جي ديھ جلباڻي، اولھ ۾ ديھ جوڳي ۽ ڏکڻ ۾ ديھ جوڳي ۽ ديھ آھون واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. ھن ديھ جي ڏکڻ اوڀر واري ڪنڊ تي گاجي کھاوڙ شھر واقع آهي. ھن ديھ مان نواب شاخ گذرندڙ آھي. گاجي کھاوڙ وارھ کان 9 ڪ م، نصيرآباد سان 9 ڪ م ۽ ميھڙ سان 20 ڪ م جي فاصلن تي الڳ روڊن ذريعي ڳنڍيل آهي.

آبادي سنواريو

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ٻھراڙيءَ واري ڪل آبادي 4,717 ھئي جيڪا 780 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1]. ديھ جي شھري آبادي گاجي کھاوڙ شھر ۾ رھندڙ آھي جيڪا 15,470 ھئي ۽ 2,948 خاندانن تي مشتمل ھئي[1]. ديھ جي ڪل شھري ۽ ٻھراڙيءَ جي آبادي 20,587 ھئي جيڪا 3,728 خاندانن تي مشتمل ھئي.

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]