ديھ ڳاڙھي جاگير(انگريزي: Deh Garhi Jagir) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي وارھ تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا حامد واھ تپي ۾ واقع آهي.

ڳاڙھي جاگير (وارھ)
ديھ ڳاڙھي جاگير
ديھ
Deh Garhi Jagir
ڳاڙھي جاگير (وارھ) is located in سنڌ
ڳاڙھي جاگير (وارھ)
ڳاڙھي جاگير (وارھ)
ڳاڙھي جاگير (وارھ) is located in Pakistan
ڳاڙھي جاگير (وارھ)
ڳاڙھي جاگير (وارھ)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°30′10″N 67°41′43″E / 27.50278°N 67.69528°E / 27.50278; 67.69528مڪانيت: 27°30′10″N 67°41′43″E / 27.50278°N 67.69528°E / 27.50278; 67.69528
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو وارھ تعلقو
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 1,921

تاريخ سنواريو

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1916 کان 1961ع تائين واري دؤر جي ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ رڳو ھڪ ڳوٺ عالم خان چانڊيو واقع ھيو. ھاڻي ھن ديھ جا معروف ڳوٺن ۾ ڳوٺ ملا عبدالڪريم، ڳوٺ شاھ محمد چانڊيو ۽ ڳوٺ مور مارفاڻي شامل آهن جيڪي ننڍڙا ۽ گھٽ آبادي وارا آھن.

جاگرافي سنواريو

ھن ديھ جي اتر ۾ قمبر تعلقي جي ديھ ڪاروھار جاگير، اوڀر ۾ ديھ گل ٻرڙو ۽ ديھ حامد واھ، اولھ ۾ ديھ مرزاپور جاگير ۽ ڏکڻ ۾ ديھ چندني جاگير واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. ڪنور شاخ ھن ديھ ۾ وھندڙ آھي. دوست علي روڊ پڻ اتان گذرندڙ آھي.

آبادي سنواريو

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 1,921 ھئي جيڪا 299 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]