بشارت ڪاڇڙي
ديھه بشارت ڪاڇڙي (انگريزي: Deh Bisharat Kachhri) سنڌ جي ضلعي قمبر شهداد ڪوٽ جي وارھه تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا حمل تپي ۾ واقع آهي. ھي ديھ يونين ڪاؤنسل حمل چڪ آباد ۾ شامل آهي.
بشارت ڪاڇڙي (وارھ) ديھ بشارت ڪاڇڙي | |
---|---|
ديھ | |
Deh | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°18′45″N 67°38′12″E / 27.31250°N 67.63667°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | وارھ تعلقو |
آبادي (2017)[1] | |
• ڪل | 1,781 |
تاريخ
سنواريوبورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1901ع واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ تڪيو ميان لاکو ۽ گھر، ڳوٺ قادربخش رند واقع ھيا. ھن ديھ ۾ ھاڻي ڳوٺ ڳھڻو ديرو ۽ ڳوٺ محبوب خان لاشاري نالي ڳوٺ پڻ قائم ٿي چڪا آهن جيڪي 1901 ۾ ڪونہ ھيا. ڳوٺ قادربخش رند ھاڻي ھڪ وڏو ڳوٺ آھي. 1901 ۾ حمل ڍنڍ ھن ديھ جي اتر اوڀر ۾ ڪجهه فاصلي تي ھئي پر ھاڻي اھا ھن ديھ ۾ پڻ واقع آهي. ميان گاجي خان کھاوڙ پنھنجي قبيلي جو چڱو مڙس ۽ ميان نصير احمد ڪلھوڙو جو مريد ھيو جنھن کي ڪلھوڙن وڏي جاگير ڏني ھئي. ان جي ناني جو نالو بشارت کھاوڙ ھيو جنھن کي گاجي خان ھن علائقي ۾ زمين ڏني جنھن بشارت کھاوڙ نالي ڳوٺ پڻ ٻڌايو[2]. ھي ديھ ڪاڇي طرف واقع ھئي ۽ بشارت کھاوڙ جي زمين ھجڻ ڪري ان تي بشارت واري ڪاڇڙي نالو پئجي ويو.
جاگرافي
سنواريوھن ديھ جي اتر ۾ ديھ چڪ فريدآباد ۽ چڪ فريدآباد 1، اوڀر ۾ دادو ضلعو ، اولھ ۾ قمبر تعلقو ۽ ڏکڻ ۾ ميھڙ تعلقي جي ديھ فريدآباد واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. حمل ڍنڍ روڊ ھن ديھ جي اوڀر واري حصي مان گذرندڙ آھي. ڪاڇي يا جبلن جي ڪڇ جي ويجھو ھجڻ ڪري ڪاڇڙي سڏجي ٿو.
آبادي
سنواريو2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 1781 ھئي جيڪا 269 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].