ديھ پيچوھا(انگريزي: Deh Pechuha) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي وارھ تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا لالو رائنڪ تپي ۾ واقع آهي.

پيچوھا (وارھ)
ديھ پيچوھا
ديھ
Deh Pechuha
پيچوھا (وارھ) is located in سنڌ
پيچوھا (وارھ)
پيچوھا (وارھ)
پيچوھا (وارھ) is located in Pakistan
پيچوھا (وارھ)
پيچوھا (وارھ)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°30′10″N 67°55′15″E / 27.50278°N 67.92083°E / 27.50278; 67.92083مڪانيت: 27°30′10″N 67°55′15″E / 27.50278°N 67.92083°E / 27.50278; 67.92083
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو وارھ تعلقو
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 9,174

تاريخ سنواريو

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1911 کان 1957ع تائين واري دؤر جي ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ پيچوھا، ڳوٺ محبوب خان، ٿيٻن جو ڳوٺ، ڳوٺ ابلداس ۽ مغيرين جو ڳوٺ، لاکي جو مقام ۽ مھتاب شاھ جو مقام واقع ھيا. ھاڻي ان ديھ ۾ ڳوٺ پيچوھا ۽ ڳوٺ جيئند مغيري معروف ڳوٺ آھن باقي ٻيا غيرمعروف ٿي ويا آهن.

جاگرافي سنواريو

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ حني ، اوڀر ۾ ديھ ياروديرو ۽ ديھ عبيداڻي، اولھ ۾ ديھ لالو رائنڪ ۽ ڏکڻ ۾ ديھ اصحابو واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. ديھ جي و مان وارھ وڳڻ روڊ گذرندڙ آھي. ڳوٺ پيچوھا ھڪ وڏو ڳوٺ آهي جنھن ۾ ٻوھيا محلو ۽ پيچوھن جو محلو واقع آھن. ھي ڳوٺ لالو رائنڪ کان ھڪ ڪ م جي فاصلي تي واقع آهي.

آبادي سنواريو

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 9,174 ھئي جيڪا 1,779 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]