ديھ وارھ(انگريزي: Deh Warah ) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي وارھ تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا وارھ تپي ۾ واقع آهي.

وارھ ديھ
ديھ وارھ
ديھ
Deh Warah
وارھ ديھ is located in سنڌ
وارھ ديھ
وارھ ديھ
وارھ ديھ is located in Pakistan
وارھ ديھ
وارھ ديھ
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°26′54″N 67°47′45″E / 27.44833°N 67.79583°E / 27.44833; 67.79583مڪانيت: 27°26′54″N 67°47′45″E / 27.44833°N 67.79583°E / 27.44833; 67.79583
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو وارھ تعلقو

تاريخ سنواريو

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1881 واري دؤر جي ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ جي ڏکڻ اوڀر م ڳوٺ وارھ واقع ھيو جنھن جي ٻاھران بعد ۾ مختيارڪار جي آفيس قائم ٿي. اتان ٿورڙي فاصلي تي تنين جا ٽي ڳوٺ واقع ھيا جن ۾ ڳوٺ قبول محمد تونيو، ڳوٺ حمدو تونيو ۽ ڳوٺ گل محمد تونيو شامل ھئا. وارھ شھر جي اولھ طرف ديھ جي ڏاکڻي دنگ تي تنين جا ٻه مقام ھوندا ھئا. ديھ م باقي ھڪ ڳوٺ راضي واقع ھيو. ھاڻي ھن ديھ ۾ وارھ شھر سان گڏوگڏ ڳوٺ رسول بخش بروهي ۽ ڳوٺ غلام حسين مگسي ۽ آباد ٻگھيو واقع آھن.

جاگرافي سنواريو

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ نواب ڪلھوڙو ، اوڀر ۾ ديھ صفر تونيو ، اولھ ۾ ديھ گل ٻرڙو ۽ ڏکڻ ۾ ديھ جوڻاڻي ۽ ديھ ٿاڻو واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي.

آبادي سنواريو

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ٻھراڙيءَ جي آدمشماري 5,413 ھئي جيڪا 877 خاندانن تي مشتمل ھئي. ديھ ۾ واقع شھر وارھ جي آبادي جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 37,921 ھئي جيڪا 7,047 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1]. ديھ جي ڪل شھري ۽ ٻھراڙيءَ جي جملي آبادي 43,334 ھئي جيڪا 7,924 خاندانن تي مشتمل ھئي.

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]