ديھ بشارت کھاوڙ(انگريزي: Deh Bisharat Khuhawar) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي وارھ تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا گاجي کھاوڙ تپي ۾ واقع آهي.

بشارت کھاوڙ (وارھ)
ديھ بشارت کھاوڙ
ديھ
Deh Bisharat Khuhawar
بشارت کھاوڙ (وارھ) is located in سنڌ
بشارت کھاوڙ (وارھ)
بشارت کھاوڙ (وارھ)
بشارت کھاوڙ (وارھ) is located in Pakistan
بشارت کھاوڙ (وارھ)
بشارت کھاوڙ (وارھ)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°23′55″N 67°47′52″E / 27.39861°N 67.79778°E / 27.39861; 67.79778مڪانيت: 27°23′55″N 67°47′52″E / 27.39861°N 67.79778°E / 27.39861; 67.79778
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو وارھ تعلقو
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 4,717

تاريخ سنواريو

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1935 کان 1960ع تائين واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ احمد آباد، ڳوٺ مرکنڊ ۽ ان لڳ مرکنڊن جو مقام، ڳوٺ بشارت کھاوڙ، شيخن جو مقام، گاجي کھاوڙ وارو مقام، ڳوٺ ميرو ملاڻو، ڳوٺ گلھي ملا جو واقع ھيا. ھاڻي ان ديھ م ڳوٺ مائد شھيد، ڳوٺ مرکنڊ، ڳوٺ رضا محمد چانڊيو، ڳوٺ علي شير ملاڻو، ڳوٺ افضل شاھ، بشارت کھاوڙ ۽ ڳوٺ رستم لاشاري واقع آھن. تاريخي روايتن مطابق ميان گاجي خان کھاوڙ پنھنجي قبيلي جو چڱو مڙس ۽ ميان نصير احمد ڪلھوڙو جو مريد ھيو جنھن کي ڪلھوڙن وڏي جاگير ڏني ھئي. ان جي ناني جو نالو بشارت کھاوڙ ھيو جنھن کي گاجي خان ھن علائقي ۾ زمين ڏني جنھن پنھنجي نالي تي بشارت کھاوڙ ڳوٺ پڻ ٻڌايو[2] جنھن جي ڀرسان گاجي کھاوڙ واري مقام ۾ ميان گاجي خان کھاوڙ جي قبر واقع آهي.

جاگرافي سنواريو

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ ٿاڻو ۽ ديھ جوڻاڻي، اوڀر ۾ نصيرآباد تعلقي جي ديھ علي بھار، اولھ ۾ ديھ ڳڙھي ماڪورو ۽ ڏکڻ ۾ ديھ گاجي کھاوڙ واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي.

آبادي سنواريو

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 4,717 ھئي جيڪا 780 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]
  2. {ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي جو مضمون "گاجي کھاوڙ: تحقيق ۽ تعارف" ، مھراڻ رسالو سال 2018, شمارو ،1 ۽ 2، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}