وڳڻ ديھ
ديھ وڳڻ(انگريزي: Deh Wagan) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي وارھ تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا وڳڻ تپي ۾ واقع آهي.
وڳڻ(وارھ) ديھ وڳڻ | |
---|---|
ديھ | |
Deh Wagan | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°27′57″N 67°52′34″E / 27.46583°N 67.87611°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | وارھ تعلقو |
تاريخ
سنواريوبورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1880ع واري دؤر جي ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ ڪريمداد وڳڻ، پاسي بھرام وڳڻ ۽ ٿوري فاصلي تي مغيرين جا گھر، واقع ھيا. ھاڻي ان ديھ ۾ وڳڻن جا ڳوٺ ملي وڳڻ شھر ۾ تبديل ٿي ويا آهن ۽ ٻھراڙيءَ ۾ نوان ڳوٺ قائم ٿي چڪا آهن جن ۾ ڳوٺ شير خان جتوئي، ڳوٺ معظم بستي ۽ ڳوٺ نزاري معروف آھن.
جاگرافي
سنواريوھن ديھ جي اتر ۾ ديھ يارو ديرو، اوڀر ۾ ديھ ڀولا ڪلھوڙا ، اولھ ۾ ديھ ياروديرو ۽ ڏکڻ ۾ ديھ چؤديرو ۽ ديھ حسن ھوري واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. قمبر نصيرآباد روڊ ھن ديھ منجھان گذرندڙ آھي جنھن تي وڳڻ شھر پڻ واقع آهي. انڊس ھاء وي پڻ اتان گذري لاڙڪاڻي طرف ويندڙ آھي.
آبادي
سنواريو2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 15,836 ھئي جيڪا 2,847 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].