صفر تونيو
ديھ صفر تونيو(انگريزي: Deh Safar Tunio) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي وارھ تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا آباد تپي ۾ واقع آهي.
صفر تونيو (وارھ) ديھ صفر تونيو | |
---|---|
ديھ | |
Deh Safar Tunio | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°28′53″N 67°47′57″E / 27.48139°N 67.79917°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | وارھ تعلقو |
آبادي (2017)[1] | |
• ڪل | 2,774 |
تاريخ
سنواريوبورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1911 کان 1961ع تائين واري دؤر جي ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ شير محمد آريجو ۽ پنا شاخ جي ڪڙ تي ھڪ ننڍڙو غيرمعروف ڳوٺ واقع ھيا. ھاڻي ان ديھ ۾ ڳوٺ آريجا معروف ڳوٺ آھي باقي ٻيو ڳوٺ غيرمعروف آھي.
جاگرافي
سنواريوھن ديھ جي اتر ۾ ديھ ڪلر ، اوڀر ۾ ديھ بڪيجاڻي ۽ ديھ مڱڻيجا، اولھ ۾ ديھ وارھ ۽ ديھ نواب ڪلھوڙو ۽ ڏکڻ ۾ ديھ ٿرڙي ھاجران واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. ھن ديھ مان پنا شاخ وھندڙ آھي.
آبادي
سنواريو2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 2,774 ھئي جيڪا 493 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].