ديھ بڪيجاڻي(انگريزي: Deh Bukejani) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي وارھ تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا لالو رائنڪ تپي ۾ واقع آهي.

بڪيجاڻي (وارھ)
ديھ بڪيجاڻي
ديھ
Deh Bukejani
بڪيجاڻي (وارھ) is located in سنڌ
بڪيجاڻي (وارھ)
بڪيجاڻي (وارھ)
بڪيجاڻي (وارھ) is located in Pakistan
بڪيجاڻي (وارھ)
بڪيجاڻي (وارھ)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°28′54″N 67°50′40″E / 27.48167°N 67.84444°E / 27.48167; 67.84444مڪانيت: 27°28′54″N 67°50′40″E / 27.48167°N 67.84444°E / 27.48167; 67.84444
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو وارھ تعلقو
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 8,113

تاريخ سنواريو

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1902 کان 1954ع تائين واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ موليڏنو ماڇي، گھر ميرن جا، گھر حسين ماڇي وارن جا، ڳوٺ نندو مل، ڳوٺ ورند ماڇي، ڳوٺ بڪيجاڻي ۽ ھڪ ٻيو غيرمعروف ڳوٺ واقع ھيا. ھاڻي ھن ديھ ۾ ڳوٺ بڪيجاڻي قائم آھي باقي نوان ڳوٺ قائم ٿي چڪا آهن جن ۾ ڳوٺ فقير تاج محمد ۽ ڳوٺ محمد خان بروھي شامل آهن.

جاگرافي سنواريو

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ ملڪاڻي، ديھ جکر ۽ ديھ لالو رائنڪ، اوڀر ۾ ديھ لالو رائنڪ ۽ ديھ اصحابو، اولھ ۾ ديھ سفير تونيو ۽ ڏکڻ ۾ ديھ مڱڻيجا ۽ ديھ صفر تونيو واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. وارھ لالو رائنڪ روڊ ھن ديھ مان گذرندڙ ۽ نصير واھ ھتان وھندڙ آھي. بڪيجاڻي ھن ديھ جو سڀ کان وڏو ۽ پراڻو ڳوٺ آهي جنھن جو نالو ھن تي پيل آھي.

آبادي سنواريو

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 8,113 ھئي جيڪا 1467 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]