علي اصحابو

(اصحابو کان چوريل)


ديھ اصحابو(انگريزي: Deh Ashabo) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي وارھ تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا آباد تپي ۾ واقع آهي.

اصحابو (وارھ)
ديھ اصحابو
ديھ
Deh Ashabo
اصحابو (وارھ) is located in سنڌ
اصحابو (وارھ)
اصحابو (وارھ)
اصحابو (وارھ) is located in Pakistan
اصحابو (وارھ)
اصحابو (وارھ)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°26′33″N 67°54′02″E / 27.44250°N 67.90056°E / 27.44250; 67.90056مڪانيت: 27°26′33″N 67°54′02″E / 27.44250°N 67.90056°E / 27.44250; 67.90056
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو وارھ تعلقو
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 3,458

تاريخ سنواريو

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود برٽش انڊيا واري دؤر جي ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ علي اصحابو جنھن لڳ مقام پير اصحابو، ڳوٺ باري کٽياڻ ۽ لائق آباد واقع ھيا. ان وقت ھي ديھ تپو پيچوھا ۾ واقع ھئي پر پاڪستان ٺھڻ بعد سنڌ ۾ نون تپن جي قيام بعد ھن ديھ کي تپو آباد ۾ شامل ڪيو ويو. ھاڻي ھن ديھ ۾ واقع پراڻن ڳوٺن مان رڳو ڳوٺ علي اصحابو قائم آھي نئين قائم ٿيل ڳوٺن ۾ ڳوٺ ڏاتو تيوڻو ۽ ڳوٺ مالڪڏنو مغيري واقع آهن.

جاگرافي سنواريو

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ پيچوھا، ديھ لالو رائنڪ ۽ ديھ ملڪاڻي، اوڀر ۾ ديھ عبيداڻي، اولھ ۾ ديھ مڱڻيجا ۽ ڏکڻ ۾ ديھ آباد ۽ ديھ بند جاني واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. ھن ديھ مان ڪور ھاشم ڊسٽري گذرندڙ ھئي. ڳوٺ علي اصحابو وڳڻ نصيرآباد روڊ کان 5 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي.

آبادي سنواريو

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 3,458 ھئي جيڪا 547 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]