جوڳي (وارھ)
ديھ جوڳي(انگريزي: Deh Jogi) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي وارھ تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا جوڳي تپي ۾ واقع آهي.
جوڳي (وارھ) ديھ جوڳي | |
---|---|
ديھ | |
Deh Jogi | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°20′04″N 67°45′02″E / 27.33444°N 67.75056°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | وارھ تعلقو |
آبادي (2017)[1] | |
• ڪل | 6,386 |
تاريخ
سنواريوبورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1931 کان 1963ع تائين واري دؤر جي ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ مراد ڀٽي، ڳوٺ واحد بخش، ڳوٺ محمدي، ڳوٺ قالم گورو، ڳوٺ غلام محمد کھاوڙ ۽ ھڪ غيرمعروف ڳوٺ واقع ھيا. ديھ م ھاڻي ڳوٺ ڀاڻ ۽ ڳوٺ ڀنڀو خان گاڏھي معروف ڳوٺ آھن.
جاگرافي
سنواريوھن ديھ جي اتر ۾ ديھ گاجي کھاوڙ ۽ ديھ ڳڙھي ماڪورو، اوڀر ۾ ديھ آھون، اولھ ۾ ديھ ميرپور ۽ ديھ چڪ آباد ۽ ڏکڻ ۾ تعلقو ميھڙ جون ديھون گلاب پور ۽ بندگاھي واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. ديھ جي ڏاکڻي حصي مان ڌامراھو برانچ وھندڙ آھي.
آبادي
سنواريو2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 6,386 ھئي جيڪا 1,012 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].